عمر بن حفص عتڪي
عمر بن حفص عتڪي | |||||
---|---|---|---|---|---|
ھزار مرد | |||||
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
140ھ کان 151ھ تائين(69 ــ 768تائين ) | |||||
پيشرو | عينيہ بن موسي | ||||
جانشين | ھشام بن عمرو تغلبي | ||||
ريجنٽ | عباسي خليفو منصور | ||||
| |||||
لاڏاڻو | رخج | ||||
مذھب | اسلام |
عمر بن حفص عتڪي: خليفي منصور، عينيہ کي سيکت ڏيڻ لاءِ عمر عتڪي کي سنڌ جو گورنر ڪري ۽ ساڻ عقبہ کي صلاحڪار طور موڪليو. عمر وڏو دلير ۽ اڏول انسان هو ان ڪري ماڻهو کيس ”هزار مرد“ جي لقب سان سڏيندا هئا.[1].عمر بن حفص 142ھ کان 151ھ تائين سنڌ ۾ رھيو.[2].
تفصيلي احوال
[سنواريو]ٻئي عمر عتقي ۽ نالي وارا بهادر 142ھ (60 ــ 769ع) تي فوج سان گڏ سنڌ ۾ پهتا، سڌو منصوره تي حملو ڪرڻ چاهيائون پر عينيه کين منصوره ۾ گهرڻ نه ڏنو ۽ هو ديبل ۾ ئي رهي ڪري تياريون ڪرڻ لڳا. ماڻهو جيئن ته عينيه کان اڳ ۾ ئي بيزار هئا، تنهن ڪري هو اتان نڪري عمر عتڪي وٽ اچڻ لڳا. عينيه هڪ ٻن جهڙپن ۾ سمجهي ويو ته هاڻي چاڙهو ڪونهي، تنهن ڪري عمر ڏانهن ٺاهه جي درخواست موڪليائين پر عمر پهريان منصوره حوالي ڪرڻ لاءِ چيس. ان واعدي تي منصوره تي عمر قبضو ڪري ورتو ۽ عينيه کي زنجيرن ۾ جڪڙي خليفي ڏانهن روانو ڪيائين، رستي مان عينيه، ڀڄي ويو پر يمني ماڻهن رخج وٽ پڪڙي وڌو ۽ ماري منڍي دارالخلافت ڏانهن اماڻيائون. عمر بن حفص منصور ۾ رهي ڪري ملڪي معاملن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي.[1].
سنڌ ۾ اھل تشيعت جي تبليغ
[سنواريو]انهن ئي ڏينهن ۾ خليفي منصوره جي وقت ۾ 144ھ تي علوين، اهل بيت جو ڦڏو جيڪو اموي دؤر کان وٺي هلندو پيو اچي، کڙو ڪيو ۽ اهو معاملو باهه وانگر ڀڙڪي اٿيو. عبدالله بن حسن جي پٽن مان محمد جيڪو ”نفس زڪيہ“ جي لقب سان مشهور هو ۽ ان جو ڀاءُ ابراهيم علوين جي ڀر وٺي، عباسي حڪومت جي خلاف اٿي بيٺا. محمد تمام نيڪ، پرهيزگار ۽ نماز روزي جو پابند هو، سندس بزرگيءَ کي مڃيندڙ هزارين مريد حجاز ۽ عراق ۾ هئا، جيڪي مسعودي مطابق محمد جي چوڻ تي سندس بيعت لاءِ اچي گڏ ٿيا. يافعي مطابق جيڪڏهن منصور حڪمت عملي کان ڪم نه وٺي ها ته ڪوفي ۾ ئي هڪ لک تلوارون هن جي خاتمي لاءِ لڪيل موجود هيون.[1]. نفس زڪيه رمضان 145ھ (762ع) ۾ مديني پاڪ ۾ عباسي فوج سان مقابلو ڪندي حميد بن قحطبه هٿان مارجي ويو ۽ سندس منڍي منصور اڳيان پيش ڪئي ويئي.[1]. محمد (نفس زڪيه) جو ٻيو ڀاءُ ابراهيم گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو هو، هو جڏهن اچي بصري ۾ پهتو ته ماڻهن سندس هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ابراهيم طاقت جي زور تي بصره جي والي سفيان بن معاويه کي به مجبور ڪري آڻ مڃائي ۽ پاڻ تخت تي قبضو ڪري ويٺو. بصري کان پوءِ اهواز کي به پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو ۽ عراق ڏانهن فوجون اماڻيائين. ان وچ ۾ ابراهيم کي ڀاءُ محمد جي مرڻ جي خبر پئي ته صدمي ۾ هڪ لک فوج وٺي ڪوفي ڏانهن وڌيو، جڏهن احمزا ۾ پهتو ته منصور کي خبر پئي ۽ هن عيسيٰ بن موسيٰ کي ابراهيم جي مقابلي لاءِ موڪليو. احمزا ۾ ٻنهي فوجن جا گهوڙا اچي گڏ ٿيا. پهرين حملي ۾ عيسيٰ جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي ورتائون ۽ همت ڪري ابراهيم جي فوج مٿان ڪڙڪي پيا. ابراهيم ڏاڍي ديده دليريء ڏيکاري ۽ چڱي دير تائين وڙهندو رهيو پر پوءِ هڪ تير اچي ڳچيءَ ۾ لڳس ۽ انت آڻي ڇڏيائينس. عيسيٰ سندس منڍي 762ع ۾ منصور ڏانهن موڪلي.[1]. محمد (نفس زڪيہ) پنهنجي زندگي ۾ ئي علوي حڪومت جي ڦهلاءُ لاءِ پنهنجي پٽن کي مختلف پرڳڻن ڏانهن موڪليندو هو. انهيءَ سلسلي طور هن 144ھ (62 ــ 761ع) ۾ هڪ پٽ عبدالله بن محمد جيڪو ”عبدالله اشتر“ جي نالي سان مشهور هو، کي سنڌ ڏانهن موڪليو. سنڌ ۾ ان وقت عمر بن حفص جي حڪومت هئي، جيڪو هو ته عباسين جو نمائندو پر سادات گهراڻي سان همدردي جي ڪري عبدالله جو چڱو ڀلو آڌرڀاءُ ڪيائين، عبدالله جيئن ته هڪ واپاري جي حيثيت ۾ عمر بن حفص وٽ آيو هو ۽ ڀلا گهوڙا سوکڙيءَ طور ڏنا هئائين، تنهن ڪري ان جي ترسڻ جو عمر جوڳو بندوبست ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عبدالله جي هڪ مانهوءَ وڏي سياڻپ سان پنهنجي اچڻ جو عمر سان مقصد بيان ڪيو ۽ ابراهيم ۽ نفس زڪيہ (محمد) جي لشڪر جو عباسين سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حال اوري کانئس مدد طلب ڪري ورتي. عمر انهيءَ ڄار ۾ آسانيءَ سان ڦاسي پيو ۽ شهر جي عزتدار ماڻهن کي گهرائي عبدالله اشتر جي بيعت ڪرايائين. عبدالله اشتر اڇا ڪپڙا پائي هر جمعي تي خطبوڏيندو هو.[1]. هيڏانهن هي تياريون هلي رهيون هيون ته سنڌ ۾ بغداد کان هڪ جهاز اچي پهتو. ان جهاز مان هڪڙو واپاري لٿو، جيڪو عمر بن حفص جي زال جو خط کڻي آيو. خط ۾ لکيل هو ته نفس زڪيه (محمد) ۽ ابراهيم ٻئي عباسين هٿان شهيد ٿي ويا آهن. عمر اهو خط کڻي عبدالله اشتر وٽ آيو ۽ کيس پيءُ ۽ چاچي جي موت جي خبر ٻڌائي ساڻس ڏک جو اظهار ڪيائين، عبدالله اشتر ڏاڍو غمگين ٿيو پر عمر چيس، توهان پريشان نه ٿيو مان توهان کي هتان جي هڪ هندو راجا ڏانهن موڪليان ٿو جيڪو آهي ته هندو پر نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم ۽ ان جي خاندان سان ڏاڍي حب اٿس، تنهن ڪري هو توهان کي شهزادن وانگر رکندو ۽ ڪا تڪليف ٿيڻ نه ڏيندو. جيئن ته هو خودمختيار آهي، ان ڪري خليفو به مٿس دٻاءُ نه وجهي سگهندو. عبدالله اشتر هندو راجا وٽ پهتو ته هن سندس ڏاڍي عزت ڪئي. اوسي پاسي کان ماڻهو گڏ ٿي اچي عبدالله اشتر جي بيعت ڪرڻ لڳا ۽ هو به زيديه فرقي جي ڦهلاءَ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو.[1]. مولانا ابو ظفر ندوي مطابق سنڌ ۾ شيعت جو ٻج ان وقت پيو.[1].عبدالله اشتر ڏهن ٻارهن سالن تائين هندو راجا وٽ رهيوپيو، ان جي خبر جڏهن خليفي منصور کي پئي ته هن عمر کان عبدالله اشتر جي سنڌ ۾ رهڻ جو جواز پڇيو.عمر ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ سڀني اعتماد وارن ماڻهن کي گهرائي کانئن صلاح پڇي ته توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڀري ميڙ مان هڪ شخص اٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته حضور! توهان سڄو الزام منهنجي مٿان هڻي، خليفي اڳيان پيش ڪريو، خليفو پاڻ ئي مون کي معاف ڪري ڇڏيندو. عمر بن حفص چيو ”چريا، اهڙي خوشفهميءَ ۾ نه رَههُ، هو توکي قتل ڪرائي ڇڏيندو“ ان وراڻيو ته، ڪا ڳالهه ناهي، جيڪڏهن قتل به ٿي ويس ته توهان تي قربان، عمر نيٺ ان شخص جو نالو منصور ڏانهن اماڻن جو حڪم ڏنو. دارالخلافت پهچندي ئي خليفي منصور ان شخص کي مارائي ڇڏيو.[1].ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو تہ: عبدالله بن محمد، معروف به الاشتر بن محمد، سنڌ ۾ آيو. عمر بن حفص پنهنجي فطري رجحان جي ڪري چشم پوشي ڪئي، ۽ اهڙيءَ طرح هو پاڻ سنڌ ۾ شيعت جي تحريڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ معاون ٿيو. حضرت عبدالله کي هڪ راجا جي حڪومت ۾ ترسائي ڇڏيائين، جتي هو پنهنجي تبليغي ڪم ۾ مصروف رهيو. اتفاق سان منصور کي اها کڙڪ پئجي ويئي، جنهن ان جي گرفتاريءَ جو حڪم موڪليو. حڪم جي تعميل ۾، هڪ ٻئي فدائيءَ کي اشتر جو نالو ڏيئي دارالخلافه موڪليو ويو، جتي هو قتل ڪيو ويو. انهي هوندي به خليفي منصور، عمر بن حفص جي خلاف قدم کڻڻ چاهيو ٿي، پر سندس خلاف هڪ ته ڏوهه جو ثبوت ڪو نه هوس، ٻيو ته هو سندس تدبر ۽ دانائيءَ جو قائل هو.[2].جڏهن اها خبر خليفي کي بغداد ۾ پهتي، ته هن ”هزار مرد“ کي عمان موڪلي سندس جاءِ تي هشام تغلبيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته عبدالله جي تحريڪ کي ختم ڪري ۽ عبدالله جو انت آندو وڃي. هشام انهيءَ ڪم لاءِ پنهنجي ڀاءُ سفاح کي مقرر ڪيو. سفاح، لاڙ ۾ رهي عبدالله جي هر چرپر تي نظر رکندو رهيو. هڪ ڏينهن جڏهن عبدالله پنهنجي ڏهن ساٿين سان ’رڙي‘ ٻيلي ۾ شڪار ڪري رهيو هو، ته سفاح هن تي اوچتو حملو ڪيو، جنهن ۾ عبدالله پنهنجي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. سندس آخري آرام گاهه ۽ انهن ٻين شهيدن جي قبرن جي خبر نه آهي، ته ڪٿي آهن[3].
خارجين جي تبليغ
[سنواريو]هيڏانهن خارجين به سنڌ ۾ پنهنجي فرقي کي وڌائڻ لاءِ 142ھ (60 ــ 759ع) ۾ حسان بن مجاهد همداني کي رقه کان موڪليو جيئن عباسين سان ٽڪرجي سگهي، پر عمر بن حفص انهن کي ڪنڌ کڻڻ نه ڏنو ۽ حسان نامراد موٽي ويو.[1].عمر بن حفص بن عثمان جي زماني ۾ شيعه ۽ خارجي فرقن جا مبلغ سنڌ ۾ آيا. 142ھ (759ع) ۾ خارجي فرقي جو مبلغ، حسام بن مجاهد همداني سنڌ ۾ داخل ٿيو، پر عمر بن حفص سادات جو طرفدار هو، جنهنڪري خارجين کي سندس حمايت حاصل ٿي نه سگهي، انهيءَ ڪري هي مبلغ واپس موصل هليا ويا[2].
سنڌ مان واپسي
[سنواريو]عمر بن حفص کي خليفي منصور 151ھ (69 ــ 768ع) ۾ ترقي ڏئي آفريقا جو گورنر ڪري موڪليو. پر عمر جي باري ۾ شڪ ضرور رهيس[1].
سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]- موسي بن ڪعب تميمي
- عينيہ بن موسي
- عمر بن حفص عتڪي
- ھشام بن عمرو تغلبي
- معيد بن خليل تميمي
- روح بن حاتم مھلبي
- بسطام بن عمر
- روح بن حاتم مھلبي(ٻيھر)
- نصر بن محمد اشعت
- محمد بن سليمان ھاشمي
- زبير بن عباس
- مصباح بن عمرو تغلبي
- ليث ظريف
- سالم يونسي
- اسحاق بن سليمان
- طيفور بن عبدالله
- جابر بن اسعث طائي
- سعيد بن مسلم
- عيسي بن جعفر
- عبدالرحمان
- ايوب بن جعفر
- دائود بن يزيد
- بشر بن دائود
- غسان بن عباد
- موسي بن يحي برمڪي
- عمران بن موسي برمڪي
- عنبسا بن اسحاق
- ھارون بن ابي خالد
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ 2.0 2.1 2.2 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو