اسحاق بن سليمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسحاق بن سليمان
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
174ھ کان تائين
پيشرو سالم يونسي
جانشين طيفور بن عبدالله
ريجنٽ عباسي خليفو ھارون رشيد
پورو نالو
اسحاق بن سليمان بن علي ھاشمي
گهراڻو ھاشمي
پيءُ سليمان بن علي ھاشمي
مذھب اسلام

اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي:(انگريزي: Ishaq bin Suleman) يعقوبي ء ابن اثير لکيو آهي تہ سالم پنهنجي مقرري کان پوءِ چوٿين سال معزول ڪيو ويو ۽ هارون رشيد ان جي جاءِ تي 174ھ ۾ اسحاق بن سليمان هاشمي کي والي سنڌ مقرر ڪيو، ۽ مڪران به هن جي ئي تصرف ۾ ڏنو[1]. اسحاق بن سليمان سنڌ لاءِ مڪران جو مهندار بڻجي آيو، پر اڃا سال ئي مس حڪومت جو مزو ماڻيو هئائين ته هن فاني دنيا کان هميشه جي لاءِ موڪلائي هليو ويو.

تفصيلي احوال[سنواريو]

بلاذري مطابق هو وڏو نيڪ ۽ پرهيزگار انسان هو. سندس وفات کان پوءِ پٽ يوسف جانشين بڻيو.[2] ان کان پوءِ، 174ھ ۾، اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي والي ٿي آيو. هن انهيءَ ئي سال وفات ڪئي، جنهنڪري سندس پٽ، يوسف بن اسحاق، سندس قائم مقام بنيو.[3]ابن خلدون ۽ يعقوبي لکيو آهي تہ اسحاق سنڌ ۾ داخل ٿي ٿورائي ڏينهن حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ رکي، ته اهڙي مرض اچي کيس ورايو جو سگهو ئي دنيوي حڪومت کان موڪلائي هميشگي واري وطن ڏي هلڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. اسحاق جي نسبت چيو وڃي ٿو ته هو نهايت ئي پاڪباز ۽ ديندار شخص هو. آخر هن پنهنجي پٽ يوسف کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري عالم آخرت ڏي روانو ٿي ويو.[1]يوسف بن اسحاق پيءُ جي انتقال بعد ڪن ڏينهن تائين سنڌ جي حڪومت ڪندو رهيو، مگر هن جي انتظام جو ڍنگ هارون رشيد کي پسند نه آيو تنهنڪري کيس معزول ڪري ڇڏيائين.[1].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  3. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي--سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع