بشر بن دائود
بشر بن دائود | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
کان تائين | |||||
پيشرو | دائود بن يزيد | ||||
جانشين | غسان بن عباد | ||||
ريجنٽ | عباسي خليفو مامون رشيد | ||||
| |||||
پيءُ | دائود مھلبي | ||||
مذھب | اسلام |
بشر بن داؤد مهلبي: مامون رشيد، داؤد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ بشر کي سنڌ جي گورنري ڏني. هو شروعات ۾ ته دارالخلافت واعدو ڪيل پئسا موڪليندو رهيو پر پوءِ ارڏو ٿي بيٺو ۽ نافرماني اختيار ڪري خودمختياريءَ جو اعلان ڪيائين. مامون 212ھ (28 ــ 827ع) تي بشر جي خبر وٺڻ لاءِ حاجب بن صالح کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو پر حاجب ڊڄڻو هئڻ ڪري بشر سان مقابلو نه ڪري سگهيو.[1]ابن اثير ۽ ابن خلدون لکن ٿا ته سنه 205هجري ۾ دائود عالم فاني کي ڇڏي عالم آخرت ڏي راهي ٿيو. مامون هن جي خدمتن جو قدر سڃاڻي سندس جاءِ تي سندس پٽ بشير کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو، ۽ هن کانئس انجام ورتو ته هو هر سال ڏهه لک درهم خلافت جي خزاني ۾ داخل ڪندو.. بشير چار پنج سال سنڌ جي حڪومت تي رهيو مگر پنهنجي فضول خرچين جي سببان سرڪاري روپيا خزاني ۾ داخل ڪري نه سگهيو، جنهن تي ماڻهن کي طرح طرح جا خيالات قائم ڪرڻ جو موقع ملي ويو. هيءَ خبر مامون جي ڪنن تي ان طرح وڌائي وڃي پهچائي ويئي ته هو سرڪاري پئسا کائي ويو ۽ بغاوت تي تيار آهي[2].
حاجب بن صالح جي مقرري
[سنواريو]مامون حاجب بن صالح کي حڪم ڏنو ته سر زمين سنڌ ۾ پهچي بشير بن دائود کان سرڪاري طلب وصول ڪري ۽ اُتي جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ وٺي. سڀ منزلون طئي ڪري هو مڪران ۾ داخل ٿيو جتان بشير جي حڪومت شروع ٿئي ٿي. ڇو ته دائود جي قبضي ۾ سنڌ سان گڏ مڪران به هو جو هن جي مرڻ بعد ساڳي طرح بشير جي قبضي ۾ ڏنو ويو هو.[2]. بشير مڪران جي حڪومت تي پنهنجي طرفان پنهنجي هڪ ڀاءُ کي مقرر ڪيو هو. حاجب مڪران پهچڻ شرط ان سان مليو ۽ پنهنجي اچڻ جو سبب بيان ڪيو، مامون جو پروانو ڏيکاريو ۽ کانئس گهر ڪئي ته مڪران جي حڪومت منهنجي حوالي ڪر. بشير جي ڀاءُ چيو ته ”بيشڪ اوهان جي حڪم جي تعميل اکين سان ڪئي ويندي، مگر توهان اول منصوره ۾ وڃو ۽ بشير جي هٿان سمورا انتظام وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪريو، تنهن کان پوءِ جڏهن بشير مون کي لکندو تڏهن آئون به هتي جي حڪومت اوهان جي حوالي ڪندس، ڇو ته آئون ته قاعدي موجب بشير جو ئي تابعدار آهيان.“ يعقوبي لکي ٿو ته ٻنهي جي وچ ۾ بحث ايتري قدر وڌي ويو جو حاجب سخت غصي ۾ اچي مامون کي لکي موڪليو ته بشير بغاوت ڪري بيعت ٽوڙي ڇڏي ۽ وڙهڻ لاءِ تيار آهي.[2]. ابن اثير ۽ ابن خلدون جو بيان آهي ته بشير حاجب کي شڪست ڏني ۽ هو منصوره تي شڪست کائي مڪران ۾ واپس ويو ۽ اتان اچي پوءِ مامون کي هي اطلاع ڏنو.[2]. يعقوبي مطابق حاجب هي خط حقيقت جي خلاف رڳو ان ڪري لکي موڪليو ته کيس بشير ۽ ان جي عزيزن تي ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ جو وجهه ملي، ۽ انهي ئي غرض تي هو جواب اچڻ جي انتظار ۾ اتي مڪران ۾ ئي ويهي رهيو ته سندس خواهش مطابق جواب اچڻ تي فوج تيار ڪري ڪافي قوت سان منصوره ۾ داخل ٿئي. مگر هن جو نتيجو بلڪل برخلاف نڪتو. مامون کي بشير جي نافرماني جو يقين نه ٿيو پر ان سان گڏ حاجب جي نسبت هي خيال به قائم ٿي ويو ته ضعيف، ڪمزور ۽ بي همت آهي.[2]
غسانبن عباد جي مقرري
[سنواريو]مامون اميرن سان مشاورت ڪري غسان کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو يعقوبي لکي ٿو ته غسان جي نسبت پڪي راءِ قائم ڪري محمد بن عباد تغلبي کي جو بصري جي شهر ۾ نهايت ئي اثر وارو ماڻهو هو ۽ اتي هڪ سردار جي حيثيت رکندو هو، پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيائين ”تو ڪا ٻي ڳالهه ٻڌي آهي؟ بشير باغي ٿي ويو.“ محمد عرض ڪيو ”سائين! ڇا مجال جو ائين ٿئي، هو اهڙو ماڻهو ئي ڪونهي جنهن ۾ اهو گمان ڪري سگهجي، هن هرگز بغاوت نه ڪئي هوندي.“ مامون چيو ”چڱو تڏهن آئون تنهنجي ڀاءُ غسان کي اوڏاهين روانو ٿو ڪريان ۽ تون به ساڻس گڏجي وڃ.“ محمد بن عباد چيو ”جيڪو حڪم ٿئي، آئون وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“.[2] يعقوبي ۽ ابن اثير مطابق حاجب کي ناڪاميءَ جو الزام ڏيئي واپس گهرايو ويو ۽ غسان سنه 213ھ ۾ گهڻي فوج وٺي پنهنجي ڀاءُ سميت سنڌ ڏي روانو ٿيو. غسان پاڻ سان گڏ يحى بن خالد برمڪي جي پٽ موسى کي به پاڻ سان کنيو ڇو ته ان جي لاءِ به مامون حڪم ڏنو هو ته بشير کي گرفتار ڪري حڪومت جي واڳ موسى جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏج ۽ کائنس اقرار وٺج ته سالاني ڏهه لک درهم خلافت جي خزاني ۾ نذر ڏيندو رهي. انهن تجويزن ۽ تيارين سان غسان سر زمين سنڌ ۾ داخل ٿيو.[2]. جڏهن غسان منصوره جي ويجهو پهتو ۽ بشير کي هن جي اچڻ جي خبر پهتي تڏهن هو سندس استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتو. يعقوبي لکي ٿو ته جيئن بغداد ۾ ٻڌو ويو هو ان جي خلاف غسان هتي اچي ڏٺو ته ڪجهه به نه هو. بشير کان ڪنهن به قسم جي مخالفت ۽ نافرماني ظاهر نه ٿي، ۽ جڏهن سندس معزولي ۽ موسى جي مقرري جو حال ساڻس بيان ڪيو ويو تڏهن هن فرمان خلافت جي اڳيان يڪدم ڪنڌ جهڪائي ڏنو ۽ خود بخود حڪومت جي ساري دفتر ۽ انتظامن جي چارج موسى جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي.[2].
بشر بن دائود جي مامون رشيد وٽ پيشي
[سنواريو]غسان موسى کي والي سنڌ جي حيثيت سان منصوره ۾ ڇڏي ۽ بشير کي ساڻ وٺي بغداد ڏي ڪوچ ڪيو، سنه 216ھ ۾ بشير کي وٺي آڻي مامون جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. مامون بشير جي مخالفت جو حال ٻڌي قبيلي مهلب جي ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد ۾ رکي ڇڏيو هو. ابن اثير لکيو آهي ته جڏهن غسان بشير کي وٺي آيو ۽ سندس سفارش ڪري يقين ڏياريو ته هن کان ڪا به نافرماني ظاهر نه ٿي آهي تڏهن مامون سمجهي ويو ته هيءَ خاص حاجب جي زيادتي آهي. پوءِ يڪدم سڀني مهلبي ماڻهن کي ڇڏي ڏنائين جي بي خطا ۽ بي قصور عربي رسمن موجب گرفتار ڪيا ويا هئا بشير جي ذمي جا سرڪاري طلب باقي رهيل هئي سا به مامون سندس فرمانبرداري سبب خوش ٿي ڇڏي ڏني ۽ بشير جون سڀ خطائون معاف ڪيون. بشير ۽ سندس قبيلي جا جيڪي به ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا تن سڀني کي انعام ڏنائين"/>.
سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]- موسي بن ڪعب تميمي
- عينيہ بن موسي
- عمر بن حفص عتڪي
- ھشام بن عمرو تغلبي
- معيد بن خليل تميمي
- روح بن حاتم مھلبي
- بسطام بن عمر
- روح بن حاتم مھلبي(ٻيھر)
- نصر بن محمد اشعت
- محمد بن سليمان ھاشمي
- زبير بن عباس
- مصباح بن عمرو تغلبي
- ليث ظريف
- سالم يونسي
- اسحاق بن سليمان
- طيفور بن عبدالله
- جابر بن اسعث طائي
- سعيد بن مسلم
- عيسي بن جعفر
- عبدالرحمان
- ايوب بن جعفر
- دائود بن يزيد
- بشر بن دائود
- غسان بن عباد
- موسي بن يحي برمڪي
- عمران بن موسي برمڪي
- عنبسا بن اسحاق
- ھارون بن ابي خالد
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد) } - ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي