مواد ڏانھن هلو

ولاديمير زلينسڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ولاديمير زلينسڪي
سرڪاري پورٽريٽ 2019
يوڪرين جو ڇھون صدر
عهدي ۾
20 مئي 2019
وزير اعظمولاديمير گرائزمئن
اوليڪسي ھانچيرڪ
ڊنيس شماھائل
کان اڳپيٽرو پوروشينڪو
ذاتي تفصيل
ڄائوولاديمير اليڪسيندرووچ زلينسڪي
(1978-01-25) 25 January 1978 (age 48)
ڪرووئي راج, يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ, سوويت يونين
(ھاڻي: ڪروي راخ, يوڪرين)
سياسي پارٽيآزاد
ٻيون سياسي
وابستگيون
عوام جي خادم (سياسي پارٽي) (2018- ھاڻي تائين)
زال/مڙسعلينه زلينسڪا ڪياشڪو (ش. 2003)
ٻار
  • اليڪسيندرا
  • ڪيريلو
تعليمخيو نيشنل ايڪانامڪ يونيورسٽي (ڪروي راخ انسٽيٽيوٽ آف ايڪانامڪس)
پيشومزاح نگار، اداڪار، ھدايت ڪار، ڊراما نويس، فلم جو پروڊيوسر ۽ سياستدان
اھم ڪمڪي وي اين
ڪوارتل 95 اسٽوڊيو
سواتي
سرونٽ آف پيپل
آفيس رومانس. اور ٽائيم
لو ان د بگ سٽي
رشيسڪي بمقابله نيپولين
مصروفيت وارا سال1995–2019
دستخط

ولاديمير اليڪسيندرووچ زلينسڪي (انگريزي: Volodymyr Oleksandrovych Zelenskyy ) [1][2]جنوري 1978ع ۾ پيدا ٿيو. يوڪرين جو ھي مزاح نگار ۽ سياستدان 20 مئي 2019ع تي يوڪرين جو ڇھون صدر چونڊيو ويو. سياست ۾ اچڻ کان اڳ ھن قانون جي ڊگري حاصل ڪري پنھنجي پراڊڪشن جي ڪمپني ڪوارتل 95 جي نالي سان قائم ڪئي جنھن ذريعي فلمون، ڪارٽون، ٽي وي جا مزاحيه پروگرام ٺاھيا. مزاحيه پروگرامن ۾ ھن جو عوام جو خادم نالي شو مشھور ٿيو جنھن ۾ ھن يوڪرين جي صدر جو ڪردار ادا ڪيو. ان پروگرام جو سلسلو 2015ع کان 2019ع تائين جاري رھيو. سندس سياسي پارٽي عوام جي خادم تي نالو پڻ ان ٽي وي شو تان پيو. اھا پارٽي 2018ع م ان ڪوارتل 95 اسٽوڊيو جي ملازمن ٺاھي ھئي ۽ ان پارٽيءَ طرفان زلينسڪي صدارت لاء پنھنجي اميدواري جو اعلان 31 ڊسمبر 2018ع تي ڪيو. 2019ع جي صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺي %73.2 ووٽ حاصل ڪري يوڪرين جو صدر چونڊجي ويو.

ذاتي زندگي

[سنواريو]

زلينسڪي 25 جنوري 1978ع تي يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي شھر ڪروي راخ ۾ ھڪ يھودي خاندان ۾ پيدا ٿيو[3][4][5][6]. سندس ڏاڏي سائمن آئوانووچ زلينسڪي سوويت يونين جي سرخ فوج جي ستونجاھين گارڊز موٽر رائفل ڊويزن ۾ ملازم ھيو[7]. ٻين جنگ عظيم دوران ھولوڪاسٽ ۾ سائمن جو پيءُ ۽ ٽي ڀائر مارجي ويا[8] زلينسڪي جو والد پروفيسر ھيو ۽ سندس ماء ريما زلينسڪا انجنيئر ھئي[9][10]. پرائمري واري تعليم جي شروعات کان اڳ ھي چار سال منگوليا جي شھر اردنيت ۾ رھيو جتي سندس پيء نوڪري ڪندو هو[4] 16 سالن جي عمر ۾ ھن ٽافل TOFEL جو امتحان پاس ڪيو ۽ کيس اسرائيل ۾ تعليم لاء اسڪالرشپ ملي پر کيس پيءُ وڃڻ نہ ڏنو[11]. ھن ڪروي راخ انسٽيٽيوٽ آف ايڪانامڪس مان ۽ پوءِ نيشنل ايڪانامڪ يونيورسٽي خيو مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي پر ھن قانون جي شعبي کي اختيار نہ ڪيو[4] [12]. ھي يوڪريني، روسي ۽ انگريزي ٻوليون ڳالھائيندڙ آھي[13]

مزاح نگاري

[سنواريو]

17 سالن جي عمر ۾ ھي ڪي وي اين واري مزاح نگاري واري ٽيم ۾ شامل ٿيو[14] [4][15][16]. ساڳي سال يعني 1995 ۾ ھن ڪوارتل 95 اسٽوڊيو قائم ڪيو. 2003 ۾ ان اسٽوڊيو يوڪريني ٽي وي چينل 1+1 جي لاء ٽي وي شو ٺاھڻ شروع ڪيا. 2008 ۾ ھن ھن فيچر فلم لَو اِن دِ بِگ سِٽي تيار ڪئي جيڪا ھڪ رومانٽڪ ڪاميڊي ھئي ۽ ان جو ٻيون حصو فلم لَو اِن دِ بِگ سِٽي 2 ۽ بعد ۾ ان جو ٽيون حصو لَو اِن وَيگاس جي نالي سان ٺاھيو. ان کان سواءِ ھن 2011 ۾ ھڪ فلم آفيس رومانس اَوَر ٽائيم جي نالي سان ۽ 2012 ۾ ھڪ فلم رشيسڪي بمقابله نيپولين نالي سان ٺاھي.


زلينسڪي 2009 ۾ پراگ ۾

آگسٽ 2014ع ۾ ھن يوڪريني ثقافتي وزارت طرفان روسي فنڪارن تي پابندي لڳائڻ جي تياري جي خلاف آواز اٿاريو. 2015 ۾ يوڪريني حڪومت روسي فنڪارن ۽ روسي ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي[17]

سياست

[سنواريو]

2018 م ھن جي فلم لو ان د بگ سٽي 2 تي يوڪرين ۾ پابندي لڳائي وئي[18] سندس اسٽوڊيو جي ڪاميڊي شو عوامي خادم ۾ ھن جي يوڪريني صدر جي ڪردار کيس سموري ملڪ ۾ مقبول ڪري ڇڏيو. 2018 ۾ سندس اسٽوڊيو جي ملازمن سياسي پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نالو عوامي خادم رکيو ويو. 31 ڊسمبر 2018 تي ھن صدارتي چونڊ لاء صدر جي اميدوار طور چونڊ مھم جو آغاز ڪيو[19] ھن ڪامياب چونڊ مھم ھلائي[20][21]. 31 مارچ 2019 تي صدارتي چونڊ وڏي اڪثريت سان کٽي ورتي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Dickinson, Peter (9 June 2019). "Zelensky, Zelenskiy, Zelenskyy: Spelling Confusion Doesn't Help Ukraine". Atlantic Council (برطانوي انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 11 June 2019 تي محفوظ ڪيل. 10 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  2. Mendel, Iuliia (10 June 2019). "Dear colleagues, this is the official form of the last name that the President has in his passport. This was decided by the passport service of Ukraine. The President won't be offended if BBC standards assume different transliteration". @IuliiaMendel (انگريزي ۾). 10 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. "ethnic Ukrainian father's farer's medal certificate" (روسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 11 June 2020 تي محفوظ ڪيل. 12 October 2019 تي حاصل ڪيل.
  4. 1 2 3 4 Зеленский Владимир (روسي ۾). اصل نسخو مان 2 January 2019 تي محفوظ ڪيل. 2 January 2019 تي حاصل ڪيل.
  5. Jewish comic who plays Ukraine president on TV leads Ukraine’s presidential race آرڪائيو ڪيا ويا 31 March 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The Times of Israel (13 March 2019).
  6. Higgins, Andrew (24 April 2019). "Ukraine's Newly Elected President Is Jewish. So Is Its Prime Minister. Not All Jews There Are Pleased". The New York Times. ISSN 0362-4331. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 25 April 2019 تي محفوظ ڪيل. 25 April 2019 تي حاصل ڪيل.
  7. "Отбил 4 атаки и уничтожил врага: чем прославился дедушка Зеленского во Второй мировой войне". 9 May 2019. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 4 July 2020 تي محفوظ ڪيل. 4 July 2020 تي حاصل ڪيل.
  8. "Zelenskiy: contribution of Ukrainians in victory over Nazism huge". Kyiv Post. 9 May 2019.
  9. Vladimir Zelensky told about his relationship with his parents آرڪائيو ڪيا ويا 7 January 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. by Television Service of News, Channel 1+1, 28 September 2017 (in Ukrainian)
  10. Zelensky Oleksandr Semenovich آرڪائيو ڪيا ويا 7 January 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. at the Kryvyi Rih Institute of Economics official website (in Ukrainian)
  11. "Зеленський: Якщо мене оберуть президентом, спочатку будуть поливати брудом, потім – поважати, а потім – плакати, коли піду". gordonua.com. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 6 February 2019 تي محفوظ ڪيل. 13 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  12. Zelensky announced his decision to go to the presidency (video) آرڪائيو ڪيا ويا 27 March 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., UNIAN (1 January 2019)
  13. CNBC, CNBC. "Trump and Zelensky speak after bilateral meeting". YouTube. CNBC. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 12 November 2019 تي محفوظ ڪيل. 25 September 2019 تي حاصل ڪيل.
  14. КВН 95 квартал – Человек рожденный в танце يوٽيوب تي
  15. Vladimir Zelenskiy آرڪائيو ڪيا ويا 31 March 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. at the official Kvartal 95 website
  16. Zaporizhia-Kryvyi Rih-Transit آرڪائيو ڪيا ويا 7 April 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. team profile at the official KVN website (in Russian)
  17. Ukraine bans 38 Russian 'hate' books amid culture war آرڪائيو ڪيا ويا 29 December 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., BBC News (11 August 2015)
  18. "Night watch", "Love in a big city 2": in the State Committee called new prohibited films آرڪائيو ڪيا ويا 17 January 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Ukrayinska Pravda (17 January 2019)
  19. "Comedian faces scrutiny over oligarch ties in Ukraine presidential race". Reuters. 1 April 2019. اصل نسخو مان 12 April 2019 تي محفوظ ڪيل. 23 April 2019 تي حاصل ڪيل.
  20. Fisher, Jonah (19 April 2019). "Ukraine election: What a TV box set may tell us about the future" (برطانوي انگريزي ۾). BBC News, Kyiv. اصل نسخو مان 19 April 2019 تي محفوظ ڪيل. 26 April 2019 تي حاصل ڪيل.
  21. Karatnycky, Adrian. "The World Just Witnessed the First Entirely Virtual Presidential Campaign". POLITICO Magazine (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 25 April 2019 تي محفوظ ڪيل. 26 April 2019 تي حاصل ڪيل.