وولن اوبلاسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وولن اوبلاسٽ
Volyn Oblast
اوبلاسٽ
وولنسڪا اوبلاسٽ[1]
Flag of Volyn Oblast
جھنڊو
وولن اوبلاسٽ جو نسبتي نشان
قومي نشان
ملڪ  يوڪرين
صدر مقام لتسڪ
حڪومت
 • گورنر Yuriy Pohuliaiko[2][3]
 • وولن اوبلاسٽ ڪائونسل 64 seats
 • چيئرپرسن Ihor Palytsia[4] (UKROP[4])
پکيڙ
 • ڪل 20,144 ڪ.م2 (7,778 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ 20 نمبر اوبلاسٽ
آبادي (2021)[5]
 • ڪل کم 1,027,397

وولن اوبلاسٽ (انگريزي: Volyn Oblast) يورپ جي ملڪ يوڪرين جي ھڪ صوبي يا اوبلاسٽ جو نالو آهي جيڪو يوڪرين جي اتر اولھ ۾ واقع آهي. ان جو صدر مقام لتسڪ شھر آھي. 2021 ۾ ھن صوبي يا اوبلاسٽ جي آبادي 1,027,397 ھئي.

تاريخ[سنواريو]

ڪنھن دؤر ۾ وولن خيويائي روس جو حصو ھوندو ھو بعد م علائقي ۾ ھڪ الڳ پرنسپلٽي ۽ پوءِ ھاليخ وولينيا جو اڻٽٽ حصو ٿي ويو. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ لٿوانيائي گرينڊ ڊچي جو حصو رھيو ۽ پوء 1569ع ۾ ۽ ٻيھر 1795ع کان پھرين جنگ عظيم تائين پولينڊ جي قبضي ۾ رھيو ۽ پوء روسي ايمپائر جي قبضي ۾ آيو پر وري پولينڊ جي زير اثر رھيو. 1939 ۾ سوويت يونين ۽ نازي جرمني ۾ مولوٽوف ربنٽراپ پيڪٽ کان پوءِ نازي جرمني پولينڊ تي حملو ڪيو تہ سوويت يونين بہ اڳتي وڌي آيو. ھي علائقو سوويت يونين جي قبضي ۾ آيو جنھن مان 4 ڊسمبر 1939ع تي وولن اوبلاسٽ قائم ڪري ان کي يوڪرين جو حصو بڻايو ويو

وولن اوبلاسٽ جا ضلعا

يوڪرين سان انضمام تي يوڪريني نسل وارا ما0ڻھو تہ سرھا ٿيا پر اتان جي پولش اقليت نتيجا ڀوڳيا. انھن جا رٽائرڊ ملازم ۽ پڙھيل لکيل ماڻھو سائبيريا منتقل ڪيا ويا جن مان اڪثريت روسي ڪيمپن ۾ موسمي سختين سبب مري ويا. 1941ع ۾ وولن تي نازي جرمنيءَ قبضو ڪيو. نازين ھتي يھودين جي نسل ڪشي ڪئي. جنوري 1944ع ۾ سرخ فوج ھن اوبلاسٽ وارو علائقو نازين کان واپس کسيو. ٻين جنگ عظيم کان جلد پوء پولينڊ ۽ سوويت يونين جي سرحد جو نئين سر تعين ڪيو ويو جنھن کي ڪرزن لائين جو نالو ڏنو ويو. وولن کي پاسي وارن اوبلاسٽن سميت يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو اڻٽٽ حصو بڻايو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Syvak, Nina; Ponomarenko, Valerii; Khodzinska, Olha; Lakeichuk, Iryna. Veklych, Lesia, وڪي نويس. "Toponymic Guidelines for Map and Other Editors for International Use" (PDF). United Nations Statistics Division. Kyiv: DerzhHeoKadastr and Kartographia. صفحو. 20. ISBN 978-966-475-839-7. حاصل ڪيل 2020-10-06. 
  2. "Government adopts a series of personnel decisions". Cabinet of Ministers of Ukraine. October 28, 2019. https://www.kmu.gov.ua/en/news/uryad-prijnyav-nizku-kadrovih-pitan. 
  3. "Trofimov introduces new head of Volyn Regional State Administration". Ukrinform. December 3, 2019. https://www.ukrinform.net/rubric-polytics/2830190-trofimov-introduces-new-head-of-volyn-regional-state-administration.html. 
  4. 4.0 4.1 "Austrian ski resort of Semmering losing faith in Ukrainian oligarch investors". Deutsche Welle. حاصل ڪيل 22 December 2017. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ua2021estimate