ڪيف
خيو
ڪئيف Kiev | |||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
مخصوص درجي وارو شھر | |||||||||
مٿان کان ھيٺ، کاٻي کان ساڄي:آزادي چوڪ، ريڊ يونيورسٽي بلڊنگ، ڪيف جي غارن واري خانقاهه، بوھڊان کميلنٽسڪا يادگار، چائميرا هائوس، مارينسڪي پئليس، سينٽ صوفيا ڪيٿيدرل | |||||||||
| |||||||||
| جاگرافي بيهڪ: 50°27′00″N 30°31′24″E / 50.45000°N 30.52333°E | |||||||||
| ملڪ | يوڪرين | ||||||||
| ميونسپلٽي | خيو شھر ميونسپلٽي | ||||||||
| بنياد | 482ع ۾ (سرڪاري طور) [2] | ||||||||
| شھري ڪائونسل | خيو سٽي ڪائونسل | ||||||||
| ريئن/ضلعا | 10 ريئن جي فهرست
| ||||||||
| Government | |||||||||
| • ميئر | وٽالي ڪلچڪو | ||||||||
| • آبادي | 29,67,360 (2020ع) | ||||||||
| Area | |||||||||
• مخصوص درجي وارو شھر |
839 ڪ.م2 (324 ميل2) | ||||||||
خيو يا ڪئيف (انگريزي: Kyiv) يورپ جي ملڪ يوڪرين جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر آھي جيڪو ان ملڪ جي وچ اتر ۾ نيپر ندي (Dnieper river) تي واقع آھي جنھن ۾ اٽڪل 30 لک ماڻھو رھندڙ آھن. پھرين جنوري 2021 تي ھن شھر جي آبادي 29,62,180 ھئي.[7]
ھي شھر يوڪرين سميت يورپ جو صنعتي، سائنسي، تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو ھڪ وڏو مرڪز آهي. ھي شھر 1934ع کان وٺي لاڳيتو سوويت يوڪرين ۽ پوء جمھوريۂ يوڪرين جي گادي جو هنڌ رھيو آھي. ھي مخصوص درجي وارو شھر چوڌاري خيو اوبلاسٽ سان گهيريل آهي. نيپر ندي ھن شھر جي وچ مان گذري ڪاري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. شھر جي گورنر کي ملڪ جو صدر مقرر ڪندو آهي. شھري ڪائونسل جو سربراھ شھر جي ميئر ھوندو آھي جنھن جي چونڊ شھري عام ووٽن ذريعي ڪندا آهن. انتظامي طور تي شھر 8 ريئن يا ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آهي. ھن شھر ۾ ڪيترائي عظيم ماڻھو ۽ سائنسدان پيدا ٿيا ۽ رھيا. سياسي ۽ معاشي اھميت کان علاوه، خيو ھڪڙو اوڀر يورپ جي آرٿوڊوڪس عيسائيت جي مذھبي مرڪزن مان ھڪ آھي. شھر جا سياسي مرڪز ۽ غير ملڪي سفارتخاني جون آفيسون ۽ انتظامي مرڪز اسٽييوٽيونسڪي ضلعي ۾ آھن. اھو ملڪ جي اتر ۾ واقع آھي ۽ استنبول، ماسڪو، لنڊن، سينٽ پيٽرس برگ، برلن ۽ ميڊريڊ کان پوءِ يورپ ۾ ستين نمبر تي وڏي آبادي وارو شھر آھي.
انتظامي تقسیم
[سنواريو]ھن شھر کي نيپر ندي مشرقي ڪئيف ۽ مغربي ڪئيف ۾ تقسيم ڪري ٿي جن م ڪل 18 بلدياتي ضلعا واقع آھن. مغربي حصي ۾ 7 ضلعا آهن جنھن جي آبادي 2،642،440 آھي ۽ مشرقي حصي ۾ 3 ضلعا واقع آھن ۽۽ ان حصي جي آبادي 930،000 آهي.ب2007 جي آدمشماري مطابق ھن شھر ۾ 719 مذھبي گروہ ۽ تنظيمون موجود ھيون جن مان 177 پروٽيسٽنٽ عيسائي تنظيمون ۽ 8 اسلامي مرڪز پڻ شامل جي ھيا.
| علائقو | پکيڙ چورس ڪ م | آبادي | گھاٽائي في 2 ڪ م | |
|---|---|---|---|---|
| نيپر ندي جو مشرقي پاسو | ||||
| گلوسووسڪي ضلعو | 156 | 238983 | 1532 | |
| سولومیناسڪي ضلعو | 40 | 351342 | 8783 | |
| سٽوواٽسانسڪي ضلعو | 101 | 337718 | 3343 | |
| اوبولونسڪي ضلعو | 110 | 317615 | 2887 | |
| پوڊولسڪي ضلعو | 34 | 193732 | 5698 | |
| پچریسڪي ضلعو | 27 | 145242 | 5379 | |
| شیوچینڪو ضلعو | 25 | 229780 | 9191 | |
| نیپر ندي جو مغربي پاسو | ||||
| ڊارینیٽسڪي ضلعو | 134 | 321622 | 2400 | |
| دنیپرو ضلعو | 67 | 349138 | 5211 | |
| ڊيسنيانسڪ ضلعو | 148 | 362842 | 2451 | |
آبھوا
[سنواريو]موسمي رڪارڊ : خيو (1981–2010,
1881– ھاڻي تائين درجا) | |||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
| وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) | 11.1 (52) |
17.3 (63.1) |
22.4 (72.3) |
30.2 (86.4) |
33.6 (92.5) |
35.0 (95) |
39.4 (102.9) |
39.3 (102.7) |
33.8 (92.8) |
28.0 (82.4) |
23.2 (73.8) |
14.7 (58.5) |
39.4 (102.9) |
| اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
−0.9 (30.4) |
0.0 (32) |
5.6 (42.1) |
14.0 (57.2) |
20.7 (69.3) |
23.5 (74.3) |
25.6 (78.1) |
24.9 (76.8) |
19.0 (66.2) |
12.5 (54.5) |
4.9 (40.8) |
0.0 (32) |
12.5 (54.5) |
| روزاني سراسري°C (°F) | −3.5 (25.7) |
−3 (27) |
1.8 (35.2) |
9.3 (48.7) |
15.5 (59.9) |
18.5 (65.3) |
20.5 (68.9) |
19.7 (67.5) |
14.2 (57.6) |
8.4 (47.1) |
1.9 (35.4) |
−2.3 (27.9) |
8.4 (47.1) |
| گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
−5.8 (21.6) |
−5.7 (21.7) |
−1.4 (29.5) |
5.1 (41.2) |
10.8 (51.4) |
14.2 (57.6) |
16.1 (61) |
15.2 (59.4) |
10.2 (50.4) |
4.9 (40.8) |
0.0 (32) |
−4.6 (23.7) |
4.9 (40.8) |
| گھٽ ۾ گھٽ رڪارڊ°C (°F) |
−32.9 (−27.2) |
−32.2 (−26) |
−24.9 (−12.8) |
−10.4 (13.3) |
−2.4 (27.7) |
2.4 (36.3) |
5.8 (42.4) |
3.3 (37.9) |
−2.9 (26.8) |
−17.8 (0) |
−21.9 (−7.4) |
−30.0 (−22) |
−32.9 (−27.2) |
| سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) | 36 (1.42) |
39 (1.54) |
37 (1.46) |
46 (1.81) |
57 (2.24) |
82 (3.23) |
71 (2.8) |
60 (2.36) |
57 (2.24) |
41 (1.61) |
50 (1.97) |
45 (1.77) |
621 (24.45) |
| Average rainy days | 8 | 7 | 9 | 13 | 14 | 15 | 14 | 11 | 14 | 12 | 12 | 9 | 138 |
| برفاني ڏينھن جي سراسري |
17 | 17 | 10 | 2 | 0.2 | 0 | 0 | 0 | 0.03 | 2 | 9 | 16 | 73 |
| نسبتي گھم جي سراسري
(%) |
83 | 80 | 74 | 64 | 62 | 67 | 68 | 67 | 74 | 77 | 85 | 86 | 74 |
| اس جي ماھوار وقت جي سراسري |
42 | 64 | 112 | 162 | 257 | 273 | 287 | 252 | 189 | 123 | 51 | 31 | 1,843 |
| Source #1: Pogoda.ru.net,[8]زميني طبيعيات جي مرڪزي آبزرويٽري جا درجا[9][10] | |||||||||||||
|
ذريعو #2: ڊينش موسميات کاتو (sun, 1931–1960)[11] | |||||||||||||
مشھور شخصيتون
[سنواريو]- مخائيل بلگاڪوف, روسي ليکڪ ۽ ڊراما نويس
- وڪٽر اسڪومن, روسي پروفيسر، فلاسافر، ليکڪ، طب جو ماھر ۽ نفسياتدان
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Чисельність наявного населення України (Actual population of Ukraine)" (ٻولي ۾ يوڪريني), State Statistics Service of Ukraine, حاصل ڪيل 30 September 2020۔
- ↑ Oksana Lyachynska (31 May 2012), "Kyiv's 1,530th birthday marked with fun, protest", Kyiv Post۔
- ↑ "Major Agglomerations of the World", Citypopulation.de, 1 April 2013, حاصل ڪيل 1 September 2013۔
- ↑ http://kyiv.ukrstat.gov.ua/p.php3?c=255
- ↑ kyivan, Wiktionary.com (28 November 2017)
- ↑ kievan. (n.d.). Dictionary.com Unabridged, retrieved 29 May 2013 from Dictionary.com
- ↑ [ http://www.citymayors.com/features/euro_cities1.html ]
- ↑ "Weather and Climate – The Climate of Kiev" (ٻولي ۾ Russian), Weather and Climate (Погода и климат), حاصل ڪيل 1 March 2013۔
- ↑ "Кліматичні дані по м.Києву" (ٻولي ۾ Ukrainian), Central Observatory for Geophysics, اصل کان 21 October 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 August 2016۔
- ↑ "Кліматичні рекорди" (ٻولي ۾ Ukrainian), Central Observatory for Geophysics, اصل کان 4 August 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 August 2016۔
- ↑ Cappelen, John; Jensen, Jens, "Ukraine – Kiev", Climate Data for Selected Stations (1931–1960) (ٻولي ۾ Danish), Danish Meteorological Institute, ص: 332, اصل کان 27 April 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 1 April 2016۔