مالدووا
جمھوريه مولدووا ريپبلڪا مولدووا | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
يورپ ۾
مولدووا جو مقام (تيز سائو) ۽ ٽرانس نسٽريا (ھلڪو سائو) | |||||
| گادي جو هنڌ | ڪيشيناو 47°0′N 28°55′E / 47.000°N 28.917°E | ||||
| دفتري ٻوليون | روماني | ||||
| ٻيون تسليم ڪيل ٻوليون |
| ||||
| رابطي جي ٻولي | روسي[1][2][3] | ||||
| نسلي گروھ (2014; ٽرانسنسٽريا کانسواءِ) | 75.1% مولدوون 7.0% رومانيائي 6.6%يوڪريني 4.6%گاگئوز 4.1% روسي 1.9%بلغاري 0.36% روماني 0.07% پول 0.89% ۽ ٻيا | ||||
| مقامي آبادي | مولدوون | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني ريپبلڪ | ||||
• صدر | مائيا سينڊو | ||||
• وزيراعظم | اوريلائيو سائيڪئائي | ||||
| مقننه | پارليامينٽ | ||||
| قيام | |||||
• مولديويائي پرنسپلٽي | 1346 | ||||
• بيسريبيا گورنري | 1812 | ||||
• بيسريبيا ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ | 15 ڊسمبر 1917 | ||||
• رومانيا سان انضمام | 9 اپريل 1918 | ||||
• مولديويئن خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ | 12 آڪٽوبر 1924 | ||||
• مولديويئن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ | 2 آگسٽ 1940 | ||||
• سوويت يونين کان آزادي جو اعلان | 27 آگسٽ 1991b | ||||
• گڏيل قومن ۾ رڪنيت | 2 مارچ 1992 | ||||
• موجوده آئين | 29 جولاءِ 1994 | ||||
| پکيڙ | |||||
• ٽرانسنسٽريا سميت | 33,846 چورس ڪلوميٽر (13,068 چورس ميل) (135th) | ||||
• پاڻي (%) | 1.4 (ٽرانسنسٽريا سميت) | ||||
• ٽرانسنسٽريا کان سواءِ | 29,683 چورس ڪلوميٽر (11,461 چورس ميل) | ||||
| آبادي | |||||
• 2019 اندازو | (ٽرانسنسٽريا کانسواءِ) (138th) | ||||
• گھاٽائي | 90.5/km2 (234.4/sq mi) (93th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $27.271 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $7,700[5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $12.037 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $3,398[5] | ||||
| جِينِي (2014) | ڪمتر | ||||
| ايڇ ڊي آء (2018) | اعلیٰ · 107th | ||||
| ڪرنسي | مولدوون ليو (MDL) | ||||
| معياري وقت | اوڀر يورپي ٽائيم (متناسق عالمي وقت+2) | ||||
| اوڀر يورپي اونھاري وارو ٽائيم (متناسق عالمي وقت +3) | |||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +373 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .md | ||||
ویب سائيٽ www | |||||
مالدووا (Moldova) جو سرڪاري نالو "جمهوريه مولدووا", اوڀر يورپ جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي.[8] ان جي اولھ ۾ رومانيا، اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ يوڪرين آھي.[9] مولڊووا (سرڪاري طور تي مولڊووا جمهوريه) اوڀر يورپ ۾ هڪ خشڪي سان گھريل ملڪ آهي. 33,843 چورس ڪلوميٽر (13,067 چورس ميل) جي ايراضي ۽ 23 لک 80 هزار (2.38 ملين) جي آبادي سان. مولڊووا اولهه ۾ رومانيا (۽ اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ يوڪرين) سان سرحد تي آهي. ٽرانس-سهارا جي غير تسليم ٿيل الڳ ٿيل رياست. ٽرانسنيسٽريا ملڪ جي اوڀر سرحد تي يوڪرين سان ڊينيسٽر نديءَ جي پار واقع آهي. مولڊووا هڪ وحداني پارلياماني نمائندي جمهوري جمهوريه آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ چيسينو آهي. ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ مکيه ثقافتي ۽ تجارتي مرڪز. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪيشيناو آھي.
نالو
[سنواريو]مالدووا جو نالو مالدووا ندي تان ورتل آهي جنھن جي وادي ۾ مالدووا پرنسپلٽي قائم ٿي ھئي.[10] اھو واضع ٿي نہ سگھيو آهي تہ ان ندي تي مالدووا نالو ڪيئن پيو. ھڪ روايت مطابق ھڪ شھزادي دراگوس جي ڪتي جو نالو مولدا ھيو جيڪو شڪار دوران ان ندي ۾ ٻڏي ويو ۽ شھزادي پوء ندي تي اھو نالو رکيو.[11]
تاريخ
[سنواريو]چوڏھين صدي عيسويءَ کان 1812ع تائين موجوده مالدووا جا اڪثر علائقا مالدووا جي پرنسپلٽي جا حصا رھيا ھيا جيڪا عٽماني خلافت کي خراج ادا ڪندڙ رياست ھئي. 1812 ۾ خلافت عثمانيه ۽ روسي ايمپائر وچ م بخارسٽ واري معاھدي ذريعي خلافت عثمانيه مالدووا واري پرنسپلٽي جا علائقا روسي ايمپائر جي حوالي ڪيا جيڪي بيساربيا واري گورنري جو حصو ٿي ويا. 1856ع ۾ ڏکڻ بيساربيا مولدووا کي واپس ملي ويو ۽ ٽن سالن بعد مولوووا يونائيٽيڊ پرنسيپلٽيز يعني رومانيا جو حصو ٿي ويو. 1878 م اھو سمورو علائقو وري روس جي اختيار ھيٺ اچي ويو. 1917 م روس ۾ انقلاب اچڻ بعد بيساربيا مختصر وقت روسي ريپبلڪ منجھ ھڪ خودمختيار رياست طور رھيو فيبروري 1918 ۾ مولدوويئن ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ٻئي سال رومانيا م شامل ٿي وئي. مالدووا جي اسيمبلي جي ان فيصلي جي رشين سوويت فيڊريٽو سوشلسٽ ريپبلڪ مخالفت ڪئي. 1924 م يوڪرين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ مان مولدويئن خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ اوڀر بيساربيا وارن مولدوويئن علائقن کي الڳ ڪري قائم ڪئي وئي. 1940 ۾ مولوٽوف ۽ ربنٽراپ معاھدي تحت رومانيا ان اڳ شامل ٿيل بيساربيا وارو حصو سوويت يونين کي واپس ڪيو جنھن کي مولدويئن خودمختيار سوشلسٽ ريپبلڪ سان شامل ڪري مولدويئن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ڪئي وئي. 27 آگسٽ 1991 تي سوويت يونين جي خاتمي سان مولدوين سوشلسٽ ريپبلڪ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ مولدووا جو نالو اختيار ڪيو.[12] 1994ع ۾ مولدووا ۾ نئون آئين لاڳو ڪيو. ڊنيئسثر ندي جي اوڀر طرف مولدووا جو ھڪ حصو ٽرانسنسٽريا جي نالي سان 1990ع کان ظاھري طور تي ٽٽي علحده ٿي چڪو آهي.
سياسي نظام
[سنواريو]
مالدووا ھڪ وحداني پارليامينٽري نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ آھي. جنھن م 1994 وارو آئين لاڳو ٿيل آهي.[13]

ملڪ جو قانونساز ادارو ان جي پارليامينٽ آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جا 101 رڪن آھن جيڪي چئن سالن لاءِ متناسب نمائندگي واري ماڻھن جي ووٽ ذريعي چونڊبا آهن جن کي ڊپٽيز سڏيو ويندو آهي. صدر ملڪ جو سربراھ ھوندو آھي جنھن جي چونڊ پارليامينٽ جا گھٽ م گھٽ ٽي ڀاڱي چار رڪن ڪندا آهن.[14] صدر پارليامينٽ جي منظوري سان وزيراعظم کي مقرر ڪندو آهي جيڪو پڻ پارليامينٽ جي منظوري سان ڪابينه جوڙيندو آھي.

پرڏيهي ناتا
[سنواريو]
سوويت يونين کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد ھن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي يورپي ملڪن سان ناتا جوڙڻ، غيرجانبداري اختيار ڪرڻ ء يورپي يونين۾ ضم ٿيڻ واري خيال مطابق جوڙيو ويو آهي. 1995ع م ھن ملڪ کي ڪائونسل آف يورپ ۾ شامل ڪيو ويو. ھي ملڪ نيٽو جي امن م شراڪت واري پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ جي ملڪ گڏيل قومن، آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، نارٿ ائٽلانٽڪ ڪوآپريشن ڪائونسل، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، ورلڊ بينڪ ۽ يورپين بئنڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جو پڻ رڪن آهي.
معيشت
[سنواريو]سوويت يونين کان علحده ٿيڻ بعد ان جي زرعي ء صنعتي پيداوار ۾ ڪمي اچڻ ڪري خدمتن جي شعبي م اضافو ٿيو اٿس جنھن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ سٺ سيڪڙو تائين حصو آهي. يورپ م مالدووا جي معيشت تمام ڪمزور آھي ۽ انساني ترقي جي اشاريي جي شرح يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Игорь Додон // Русский язык должен вернуться в Молдову". Deschide. Deschide. 18 August 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Додон готов изменить статус русского языка в Молдавии в случае воссоединения с Приднестровьем". Rosbalt. Rosbalt. 18 August 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Русский союз Латвии будет сотрудничать с партией Социалистов Молдовы". Rusojuz.lv. Latvian Russian Union. اصل نسخو مان 18 August 2017 تي محفوظ ڪيل. 18 August 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ BNS:Official estimate
- 1 2 https://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2019/01/weodata/weorept.aspx?pr.x=78&pr.y=4&sy=2017&ey=2024&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=921&s=NGDPD,PPPGDP,NGDPDPC,PPPPC&grp=0&a=
- ↑ "GINI index (World Bank estimate)". The World Bank. 9 November 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF) (انگريزي ۾). United Nations Development Programme. 10 December 2019. 10 December 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The World Factbook — Central Intelligence Agency". Cia.gov (انگريزي ۾). 2017-12-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Moldova". CIA World Factbook. 2 September 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "History". Republic of Moldova. اصل نسخو مان 22 ڊسمبر 2013 تي محفوظ ڪيل. 9 آڪٽوبر 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ King, Charles (2000). "From Principality to Province". The Moldovans: Romania, Russia, and the politics of culture. Hoover Press. ص. 13. ISBN 0-8179-9792-X. 31 October 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ http://www.natura2000oltenita-chiciu.ro/wp-content/uploads/2019/05/Moldova-Pitoreasca-Picturesque-Moldavia-pdf-Vladimir-Toncea.pdf
- ↑ "The Constitution of the Republic of Moldova, 2000". E-democracy.md. 9 October 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "DECIS: Şeful statului va fi ales de popor; Modificarea din 2000 a Constituţiei privind alegerea preşedintelui de Parlament, NECONSTITUŢIONALĂ" [DECIDED: The president will be elected by the people; The 2000 amendment of the Constitution concerning the election of the President by Parliament unconstitutional]. Jurnalul Național (روماني ۾). 4 March 2016. اصل نسخو مان 25 February 2021 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2021 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Articles containing انگريزي-language text
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 روماني-language sources (ro)
- مالدووا
- ملڪ
- يورپي ملڪ
- اوڀر يورپي ملڪ
- زمين بند ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- روسي-ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- 1991 ۾ ٺاهيل رياستون ۽ علائقا
- يورپ جي ڪائونسل جون ڀاتي رياستون
- آزاد رياستن جي ڪامن ويلٿ جون ڀاتي رياستون