مالدووا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمھوريه مولدووا

ريپبلڪا مولدووا
Flag of مولدووا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "اسانجي ٻولي"
(انگريزي ٻولي: "اور لينگئيج")
يورپ ۾ مولدووا جو مقام (تيز سائو) ۽ ٽرانسنسٽريا (ھلڪو سائو)
يورپ ۾

مولدووا جو مقام (تيز سائو) ۽


ٽرانسنسٽريا (ھلڪو سائو)
جو مقاممولدووا
گادي جو هنڌ ڪشنئو
47°0′N 28°55′E / 47.000°N 28.917°E / 47.000; 28.917
دفتري ٻوليون روماني
ٻيون تسليم ڪيل ٻوليون
رابطي جي ٻولي روسي[1][2][3]
نسلي گروھ (2014; ٽرانسنسٽريا کانسواءِ) 75.1% مولدوون
7.0% رومانيائي
6.6% يوڪريني
4.6% گاگئوز
4.1% روسي
1.9% بلغارين
0.36% روماني
0.07% پول
0.89% ۽ ٻيا
مقامي آبادي مولدوون
حڪومت وحدانيپارلياماني آئيني ريپبلڪ
• صدر
مائيا سينڊو
اوريلائيو سائيڪئائي
مقننه پارليامينٽ
قيام
1346
1812
15 ڊسمبر 1917
9 اپريل 1918
12 آڪٽوبر 1924
2 آگسٽ 1940
• سوويت يونين کان آزادي جو اعلان
27 آگسٽ 1991b
2 مارچ 1992
29 جولاءِ 1994
پکيڙ
33٬846 km2 (13٬068 sq mi) (135th)
• پاڻي (%)
1.4 (ٽرانسنسٽريا سميت )
• ٽرانسنسٽريا کان سواءِ
29٬683 km2 (11٬461 sq mi)
آبادي
• 2019 اندازو
کم 2,681,735 [4]
(ٽرانسنسٽريا کانسواءِ ) (138th)
•  گھاٽائي
90.5 /km2 (234.4 /sq mi) (93th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$27.271 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$7,700[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$12.037 ارب ڊالر

'مولدووا يا مالدووا (انگريزي: Moldova ) جو سرڪاري نالو جمهوريه مولدووا آھي. اھو اوڀر يورپ جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي [8]. ان جي اولھ ۾ رومانيا، اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ يوڪرين آھي[9]. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪشنئو آھي.

نالو[سنواريو]

مالدووا جو نالو مالدووا ندي تان ورتل آهي جنھن جي وادي ۾ مالدووا پرنسپلٽي قائم ٿي ھئي.[10] اھو واضع ٿي نہ سگھيو آهي تہ ان ندي تي مالدووا نالو ڪيئن پيو. ھڪ روايت مطابق ھڪ شھزادي دراگوس جي ڪتي جو نالو مولدا ھيو جيڪو شڪار دوران ان ندي ۾ ٻڏي ويو ۽ شھزادي پوء ندي تي اھو نالو رکيو[11].

تاريخ[سنواريو]

چوڏھين صدي عيسويءَ کان 1812ع تائين موجوده مالدووا جا اڪثر علائقا مالدووا جي پرنسپلٽي جا حصا رھيا ھيا جيڪا عٽماني خلافت کي خراج ادا ڪندڙ رياست ھئي. 1812 ۾ خلافت عثمانيه ۽ روسي ايمپائر وچ م بخارسٽ واري معاھدي ذريعي خلافت عثمانيه مالدووا واري پرنسپلٽي جا علائقا روسي ايمپائر جي حوالي ڪيا جيڪي بيساربيا واري گورنري جو حصو ٿي ويا. 1856ع ۾ ڏکڻ بيساربيا مولدووا کي واپس ملي ويو ۽ ٽن سالن بعد مولوووا يونائيٽيڊ پرنسيپلٽيز يعني رومانيا جو حصو ٿي ويو. 1878 م اھو سمورو علائقو وري روس جي اختيار ھيٺ اچي ويو. 1917 م روس ۾ انقلاب اچڻ بعد بيساربيا مختصر وقت روسي ريپبلڪ منجھ ھڪ خودمختيار رياست طور رھيو فيبروري 1918 ۾ مولدوويئن ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ٻئي سال رومانيا م شامل ٿي وئي. مالدووا جي اسيمبلي جي ان فيصلي جي رشين سوويت فيڊريٽو سوشلسٽ ريپبلڪ مخالفت ڪئي. 1924 م يوڪرين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ مان مولدويئن خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ اوڀر بيساربيا وارن مولدوويئن علائقن کي الڳ ڪري قائم ڪئي وئي. 1940 ۾ مولوٽوف ۽ ربنٽراپ معاھدي تحت رومانيا ان اڳ شامل ٿيل بيساربيا وارو حصو سوويت يونين کي واپس ڪيو جنھن کي مولدويئن خودمختيار سوشلسٽ ريپبلڪ سان شامل ڪري مولدويئن سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قائم ڪئي وئي. 27 آگسٽ 1991 تي سوويت يونين جي خاتمي سان مولدوين سوشلسٽ ريپبلڪ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ مولدووا جو نالو اختيار ڪيو[12]. 1994ع ۾ مولدووا ۾ نئون آئين لاڳو ڪيو. ڊنيئسثر ندي جي اوڀر طرف مولدووا جو ھڪ حصو ٽرانسنسٽريا جي نالي سان 1990ع کان ظاھري طور تي ٽٽي علحده ٿي چڪو آهي.

سياسي نظام[سنواريو]

ڪشنئو ۾ واقع مالدووائي پارليامينٽ

مالدووا ھڪ وحداني پارليامينٽري نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ آھي. جنھن م 1994 وارو آئين لاڳو ٿيل آهي[13].

ڪشنئو ۾ واقع صدارتي محل

ملڪ جو قانونساز ادارو ان جي پارليامينٽ آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جا 101 رڪن آھن جيڪي چئن سالن لاءِ متناسب نمائندگي واري ماڻھن جي ووٽ ذريعي چونڊبا آهن جن کي ڊپٽيز سڏيو ويندو آهي. صدر ملڪ جو سربراھ ھوندو آھي جنھن جي چونڊ پارليامينٽ جا گھٽ م گھٽ ٽي ڀاڱي چار رڪن ڪندا آهن[14] صدر پارليامينٽ جي منظوري سان وزيراعظم کي مقرر ڪندو آهي جيڪو پڻ پارليامينٽ جي منظوري سان ڪابينه جوڙيندو آھي.

مالدووا جي داخلي معاملن جي وزارت


پرڏيهي ناتا[سنواريو]

مالدووائي سياست جو اھم معاملو يورپي يونين تائين پھچ حاصل ڪرڻ آهي

سوويت يونين کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد ھن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي يورپي ملڪن سان ناتا جوڙڻ، غيرجانبداري اختيار ڪرڻ ء يورپي يونين۾ ضم ٿيڻ واري خيال مطابق جوڙيو ويو آهي. 1995ع م ھن ملڪ کي ڪائونسل آف يورپ ۾ شامل ڪيو ويو. ھي ملڪ نيٽو جي امن م شراڪت واري پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ جي ملڪ گڏيل قومن، آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، نارٿ ائٽلانٽڪ ڪوآپريشن ڪائونسل، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، ورلڊ بينڪ ۽ يورپين بئنڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جو پڻ رڪن آهي.

معيشيت[سنواريو]

سوويت يونين کان علحده ٿيڻ بعد ان جي زرعي ء صنعتي پيداوار ۾ ڪمي اچڻ ڪري خدمتن جي شعبي م اضافو ٿيو اٿس جنھن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ سٺ سيڪڙو تائين حصو آهي. يورپ م مالدووا جي معيشت تمام ڪمزور آھي ۽ انساني ترقي جي اشاريي جي شرح يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Игорь Додон // Русский язык должен вернуться в Молдову". Deschide. Deschide. حاصل ڪيل 18 August 2017. 
  2. "Додон готов изменить статус русского языка в Молдавии в случае воссоединения с Приднестровьем". Rosbalt. Rosbalt. حاصل ڪيل 18 August 2017. 
  3. "Русский союз Латвии будет сотрудничать с партией Социалистов Молдовы". Rusojuz.lv. Latvian Russian Union. وقت 18 August 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 August 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. BNS:Official estimate
  5. 5.0 5.1 https://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2019/01/weodata/weorept.aspx?pr.x=78&pr.y=4&sy=2017&ey=2024&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=921&s=NGDPD,PPPGDP,NGDPDPC,PPPPC&grp=0&a=
  6. "GINI index (World Bank estimate)". The World Bank. حاصل ڪيل 9 November 2016. 
  7. "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019. 
  8. "The World Factbook — Central Intelligence Agency". Cia.gov. حاصل ڪيل 2017-12-14. 
  9. "Moldova". CIA World Factbook. حاصل ڪيل 2 September 2015. 
  10. "History". Republic of Moldova. وقت 22 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 October 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. King, Charles (2000). "From Principality to Province". The Moldovans: Romania, Russia, and the politics of culture. Hoover Press. p. 13. ISBN 0-8179-9792-X. https://books.google.com/books?id=ldBFWtuv8DQC&pg=PA13. Retrieved 31 October 2010. 
  12. http://www.natura2000oltenita-chiciu.ro/wp-content/uploads/2019/05/Moldova-Pitoreasca-Picturesque-Moldavia-pdf-Vladimir-Toncea.pdf
  13. "The Constitution of the Republic of Moldova, 2000". E-democracy.md. حاصل ڪيل 9 October 2013. 
  14. "DECIS: Şeful statului va fi ales de popor; Modificarea din 2000 a Constituţiei privind alegerea preşedintelui de Parlament, NECONSTITUŢIONALĂ" (ro ۾). Jurnalul Național. 4 March 2016. http://jurnal.md/ro/justitie/2016/3/4/decis-seful-statului-va-fi-ales-de-popor-modificarea-din-2000-a-constitutiei-privind-alegerea-presedintelui-de-parlament-neconstitutionala/.