مواد ڏانھن هلو

سيواستوپول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيواستوپول
Sevastopol
Flag of سيواستوپولCoat of arms of سيواستوپول
سيواستوپول جي نقشاڪشي (سائي رنگ ۾)
سيواستوپول جي نقشاڪشي (سائي رنگ ۾)
ڪرائميائي اپٻيٽ ۾ سيواستوپول نمايان ڏيکاريل
ڪرائميائي اپٻيٽ ۾ سيواستوپول نمايان ڏيکاريل
سيواستوپول is located in Crimea
سيواستوپول
سيواستوپول
سيواستوپول جو ڪرائميا ۾ مقام
سيواستوپول is located in Europe
سيواستوپول
سيواستوپول
سيواستوپول جو يورپ ۾ مقام
Coordinates: 44°36′N 33°31′E / 44.600°N 33.517°E / 44.600; 33.517
ملڪ تڪراري:
حيثيتخودمختيار شھر1
قيام1783 (243 سال اڳ)
Government
  گورنرمخائيل ريزووژايف
Area
  Total
864 km2 (334 sq mi)
Elevation
100 m (330 ft)
Population
 (2021)
  Total
509,992
  Density590/km2 (1,530/sq mi)
Demonymسيواستوپولين، سيواستوپوليٽن
Time zoneUTC+03:00 (ماسڪو وارو وقت, ڊي فيڪٽو)
Postal code
299000–299699 (روسي نظام)
Area code+7-8692 (Russian system)[1]
License plate92 (Russian system)
Websitecouncil.gov.ru/en/structure/regions/SEV/ (in Russian), de facto
1 يوڪرين جو مخصوص حيثيت وارو شھر (ڊي جيور) يا روس جو وفاقي شھر (ڊي فيڪٽو)

سيواستوپول (انگريزي: Sevastopol ) ڪرائميا جو سڀ کان وڏو شھر ۽ ڪاري سمنڊ جي بندرگاھ آهي. ھن شھر جو بنياد 1787ع ۾ وڌو ويو جتي روسي بحري ٻيڙي جو اڏو قائم ڪيو ويو. جنوري 2021 ۾ ھن شھر جي آبادي 429,922 آھي[2]. ھي شھر ڪرائميائي ٻيٽ ۾ واقع آهي ۽ بين الاقوامي برادري طرفان ڪرائميا وانگر يوڪرين جو حصو تسليم ڪيل آهي. يوڪرين جي نقشي ۾ان کي يوڪرين جو مخصوص حيثيت وارو شھر طور ڏيکاريل علائقو آهي. پر حقيقت ۾ جي شھر پڻ ڪرائميا وانگر 2014ع کان روس جي اختيار ھيٺ آھي. روس ان کي وفاقي شھر جو درجو ڏنو آھي. ھن شھر جي آبادي جي اڪثريت روسي نسل جي آھي ۽ يوڪريني نسل وارا اقليت ۾ آھن. ھن شھر جي علائقي جي ڪل پکيڙ 864 چورس ڪلوميٽر آهي. اھم بندرگاھ واري ھن شھر جي معيشت طاقت واري آھي. ھتان جو اونھارو ۽ سيارو موافق آھن جنھن سبب ھي شھر سياحن لاء تفريح جو مرڪز آھي. ھتي ايندڙ سياحن جو گھڻي ڀاڱي تعلق سوويت يونين مان ٽٽل رياستن جي ماڻھن جو آھي. ھي شھر سامونڊي حياتياتي تحقيق جو پڻ مرڪز آھي. ھي شھر انتظامي طور تي چئن ضلعن ۾ ورھايل آھي

سيواستوپول جا ضلعا:
  گئگرين رائيان (گئگرنسڪي ضلعو)
  لينن رائيان (ليننسڪي ضلعو)
  نخيموف رائيان (نخيموفسڪي ضلعو)
  بلاڪلاوا رائيان (بلاڪلاواسڪي ضلعو)

روسي ميونسپل نظام تحت جي شھر 9 ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Севастополь перешел на российскую нумерацию". sevastopol.gov.ru.
  2. "Численность населения по муниципальным округам г. Севастополя на начало 2021 года" (PDF). crimea.gks.ru (روسي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 18 September 2020 تي محفوظ ڪيل. 12 April 2021 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |authors= ignored (مدد)