يامين غمگين ٻٻر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يامين غمگين ٻٻر

يامين غمگين ٻٻر (انگريزي:Yamin Ghamghin Babar) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

يامين جو پورو نالو محمد يامين ٻٻر آهي. سندس شاعراڻو تخلص ”غمگين“ آهي. هيءُ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر ۾ مولوي نبي بخش ٻٻر جي گهر ۾ 1 اپريل 1953ع ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول منجهان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم جاري رکي نه سگهيو. ان کان علاوه هن ديني تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. قرآن شريف پڻ پنهنجي پيءُ وٽ پڙهيو.[1][2]

شاعري جي شروعات[سنواريو]

يامين غمگين ٻٻر شاعري جي شروعات 1970ع ۾ ڪئي. هن علم عروض بابت ڄاڻ عربي ٻولي ۾ ڪتاب پڙهي حاصل ڪئي. بعد ۾ احمد خان مدهوش ۽ طالب لغاري جي صحبت ۾ پرايائين. هن عروضي شاعري جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر ڪجهه ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي.علم عروض جو نهايت پختو ۽ پابند شاعر آهي. هن گيت، غزل، نظم، وائي، ڪافي، رباعي، قطعو، نعت ، مولود، منقبت ۽ ٻين صنفن ۾ شعر لکيو آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم رسالن، ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب پڻ پڌرو ٿيل آهي.[1][3]

ڪتاب[سنواريو]

  • چنڊ کاري هيٺ، شاعري، 2005ع[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-06-29. 
  2. Buriro, Riazat. "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: پيا ڄمندا ڄام - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (Dr. Dur Muhammad Pathan)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. حاصل ڪيل 2020-06-29. 
  3. "”منقبت قلندر شهباز“ - يامين غمگين ٻٻر". ”منقبت قلندر شهباز“ - يامين غمگين ٻٻر. حاصل ڪيل 2020-06-29.