مواد ڏانھن هلو

محمد حميدالله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر محمد حميدالله
Dr. Muhammad Hamidullah
پيدائش19 فيبروري، 1908ع
حيدرآباد، حيدرآباد رياست (هاڻي آنڌرا پرديش، برطانوي هندستان
وفات17 ڊسمبر 2002(2002-12-17) (عمر 94 سال)
جيڪسن ول، فلوريڊا، گڏيل آمريڪي رياستون
قوميتحيدرآبادي
شھريترياست حيدرآباد
مادر علمي
  • جامعه نظاميه، حيدرآباد ڏکڻ
  • عثمانيه يونيورسٽي، حيدرآباد ڏکڻ
  • بون يونيورسٽي، جرمني
  • سوربون يونيورسٽي، فرانس
کي متاثر ڪيوعصري اسلامي فلسفو
مذھباسلام
فرقوسني اسلام

ڊاڪٽر حميدالله (19 فيبروري 1908ع - 17 ڊسمبر 2002ع) هڪ هندستاني اسلامي اسڪالر هو. هن اسلامي سائنس، تاريخ ۽ ثقافت تي درجن ئي ڪتابون ۽ سوين مضمون لکيا.

ابتدائي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

حميدالله، حيدرآباد رياست جي گاديءَ واري شهر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، (هاڻي حيدرآباد، تلنگانا، انڊيا) ٽن ڀائرن ۽ پنجن ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. سندس ڏاڏو ۽ پرڏاڏو ٻئي اسلامي عالم هئا، جن قرآن جي تفسيرون لکيا.

حميدالله جو والد مفتي ابو محمد خليل الله اسلامي فقه جو عالم هو ۽ رياست حيدرآباد جي نظام حڪومت ۾ روينيو جو ڊائريڪٽر هو ۽ حيدرآباد ۾ سود کان پاڪ بئنڪنگ سسٽم قائم ڪرڻ جو علمبردار هو.

حميدالله مدرسه نظاميه مان مولوي ڪامل جي ڊگري حاصل ڪئي، ان بعد عثمانيه يونيورسٽي مان بين الاقوامي قانون ۾ بي.اي.، ايل.ايل.بي. ۽ ايم.اي. ڪئي. ان کان پوءِ جرمني ويو ۽ کيس سال 1932ع ۾ بون يونيورسٽيءَ کان ڊي.فل. جي ڊگري حاصل ڪئي. بون يونيورسٽي جي فئڪلٽيءَ ۾ عربي ۽ اردوءَ ۾ ٿوري وقت لاءِ ليڪچرار جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ، هن فرانس جي سوربون يونيورسٽيءَ ۾ ٻي ڊاڪٽريٽ لاءِ رجسٽر ٿيو. يونيورسٽي طرفان 11 مهينن کان پوء، کيس ڊي.لٽ. جي ڊگري ڏني وئي. هن 1936ع کان 1946ع تائين عثمانيه يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي قانون جو درس ڏنو.

ڪيريئر

[سنواريو]

سال 1948ع ۾ حميدالله کي گڏيل قومن ۾ رياست حيدرآباد جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. سال 1948ع ۾ حيدرآباد جي هندستان سان زبردستي الحاق کان پوءِ حميدالله پاڪستان ۽ هندستان ٻين جي شهريت رد ڪري ڇڏي. فرانسيسي حڪومت پاران حيدرآباد جي پناهگير جي حيثيت ۾، پيرس ۾ جلاوطني ۾ رهندو هو.

حميدالله 1954ع کان فرانس جي نيشنل سينٽر فار سائنٽيفڪ ريسرچ ۾ ريسرچ فيلو رهيو، جيستائين سال 1978ع ۾ ريٽائر ڪيائين. ان دوران هن ترڪي جي يونيورسٽين ۾ باقاعده ليڪچر پڻ ڏنا.

هو حديث جي تحقيق، قرآن مجيد جو ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ فرانسيسي ۾ پيغمبر محمد صلي الله عليه وسلم جي سوانح عمري لاءِ مشهور آهي.

حميدالله کي 1985ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان هلال امتياز ايوارڊ مليو، هن ايوارڊ جي انعامي رقم اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي اسلامڪ ريسرچ اڪيڊمي کي عطيو ڪئي.

ادبي ڪم

[سنواريو]

ڊاڪٽر حميدالله انگريزي، فرينچ، جرمن، عربي ۽ اردوءَ ۾ 100 کان وڌيڪ ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ اسلام جي مختلف پهلوئن ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن تي اٽڪل 1000 علمي مقالا ۽ مضمون لکيا، ڊاڪٽر حميدالله جي قابل ذڪر اشاعتن ۾ شامل آهن:

  • رياست جو اسلامي ضابطه اخلاق: سيرت جو هڪ جائزو (سيرت) عام تعارف (1941ع، 1953ع)
  • دنيا ۾ پهريون لکيل آئين (1941ع، 1975ع ۽ 1986ع)
  • قانون جي تضاد جو اسلامي تصور (1945ع)
  • اسلام جو تعارف (1957ع کان پوءِ انگريزيءَ کان علاوه ڪيترن ئي ٻولين ۾)
  • محمد بن اسحاق، رسول الله صلي الله عليه وسلم جو هڪ سوانح نگار (پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي) (1967ع)
  • محمد رسول الله: اسلام جي باني جي زندگي ۽ ڪم جو هڪ جامع سروي (1979ع)
  • اسلام: هڪ عام تصوير (1980ع)
  • اسلام، فلسفو ۽ سائنس: چار عوامي ليڪچر يونيسڪو جي پاران جون، 1980ع م آرگنائيزڊ ٿيل. (ايڊيٽر) (1981ع)
  • روزو ڇو؟: اسلام ۾ روزي جو روحاني ۽ عارضي مطالعو (سينٽر ڪلچرل اسلامڪ پيرس سيريز) (1982ع)
  • پيغمبر اسلام جو رياست جو قيام ۽ ان جي جانشيني (1988ع)
  • پيغمبر اسلام: هجرت جو پيغمبر (1989)
  • نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي جنگن جا ميدان (1992ع)
  • اسلام جو ظهور (1993ع)
  • مختصر ۾ اسلام (1996ع)
  • پيغمبر اسلام جي زندگي ۽ ڪم (1998ع)
  • پيغمبر هڪ رياست قائم ڪيو (1986ع)

وفات

[سنواريو]

سال 1996ع ۾ حميدالله آمريڪا جي رياست، فلوريڊا جي شهر، جيڪسن ويل ۾ لڏي ويو. هن 17 ڊسمبر 2002ع تي وفات ڪئي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

سانچو:Shafi'i scholars

حوالا

[سنواريو]