مواد ڏانھن هلو

آنڌرا پرديش

بيھڪ: 16°30′N 80°38′E / 16.50°N 80.64°E / 16.50; 80.64
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آنڌرا پرديش
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ کاٻي کان ساڄي پاسي: ليپاڪشي ۾ نندي (ڍڳو)، ترومالا ۾ وينتڪيسوارا مندر،وساکاپٽنم شھر جو فضائي منظر، پاپي ھلز، آراڪو وادي، ڌيانا ٻڌ جو مجسمو
Anthem: "ما تيلگو ٿالڪي (Maa Telugu Thalliki) "
Location of Andhra Pradesh in India
Location of Andhra Pradesh in India
جاگرافي بيهڪ: 16°30′N 80°38′E / 16.50°N 80.64°E / 16.50; 80.64
ملڪ  ڀارت
رياستي درجو 1 November 1956
گاديءَ جو هنڌ اماراوتي (اصل ۾)
حيدرآباد (قانون مطابق)α
وڏي ۾ وڏو شھر وساکاپٽنم
ضلعو 13
Government
 • Body آنڌرا پرديش جي حڪومت
 • وزيراعلي واء ايس جگن موھن ريڊي (واء ايس آر ڪانگريس پارٽي)
 • گورنر اي. ايس.ايل. نراسمھن
 • ليجسليچر ٻہ ايواني (175 + 58 seats)
 • پارليامينٽري تڪ راجيا سڀا 11
لوڪ سڀا 25
 • ھاء ڪورٽ آنڌرا پرديش ھاء ڪورٽ
Area
 • Total
160,205 ڪ.م2 (61,855 ميل2)
 • Rank انڊياجي رياستن ۾ پکيڙ مطابق ستون نمبر رياست
 آنڌرا پرديش ري آرگنائيزيشن ايڪٽ 2014 مطابق حيدرآباد ڏھن سالن تائين آنڌرا پرديش۽ تلنگانا ٻنھي رياستن جي گادي جو هنڌ رھندو.
Symbols of آنڌرا پرديش
نشان
فائل:Official Emblem Of Andhra Pradesh.jpeg
پورنا گھاتم [1]
ٻولي
تيلگو
گانو ما تيلگو ٿالڪي[1]
ناچ
ڪوچيپوڊي[2]
جانور
ڪارو گڊ [2]
پکي
طوطو[2]
گل
ياسمين
وڻ
نم

آنڌرا پرديش (انگريزي: Andhra Pradesh ) انڊيا جي 29 رياستن ۽ يونين ٽيريٽرين مان ھڪ رياست آھي جيڪا پکيڙ ۾ انڊيا جي ستين وڏي رياست آھي جنھن جي پکيڙ 1,60,205 چورس ڪلوميٽر (61,855 چورس میل) آھي.[7] سال 2011ع جي آدمشماري مطابق ھن رياست جي آبادي 4,93,86,799 ھئي. ھن رياست جو سڀ کان وڏو شھر وساکاپٽنم آھي. ھن رياست جي سرڪاري ٻولي تيلگو آھي.[8] [9][10]

ھن رياست جو اتر اولھ وارو حصو ڌار ڪري 2 جون 2014ع تي قائم ٿيل نئين رياست تلنگانا جو حصو بڻايو ويو. حيدرآباد ڊگھي وقت تائين آنڌرا پرديش جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ھو ء اھو بہ تلنگانا ۾ شامل ڪيو ويو پر ساڳي وقت حيدرآباد آنڌرا پرديش ۽ تلنگانا ٻنھي جو گادي جو هنڌ بڻيو. آنڌرا پرديش ري آرگنائيزيشن ايڪٽ، 2014 تحت حيدرآباد جي ڏھن سالن تائين آنڌرا پرديش جي قائم مقام گادي جي ھنڌ طور حيثيت برقرار رکي وئي. [11] نئون ڊي فيڪٽو گاديءَ جو هنڌ امراوتي آنڌرا پرديش ۾ واقع آهي ۽ آنڌرا پرديش ڪيپيٽل ريجن ڊولپمينٽ اٿارٽي (APCRDA) جي اختيار ھيٺ آھي.[12] ھن رياست جو ساحلي ڪنارو 974 ڪلوميٽر (605 میل) آھي جيڪو انڊيا ۾ گجرات جي ساحل کان پوءِ ٻيون نمبر وڏو ساحل آھي. [7][13]

جاگرافي

[سنواريو]

ھن رياست جون حدون اتر اولھ ۾ تلنگانا، اتر اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ ۽ اوڙيسيا، اولھ ۾ ڪرناٽڪا، ڏکڻ ۾ تامل ناڊو ۽ اوڀر ۾ بنگالي سمنڊ سان ملن ٿيون.[14]

ھن رياست ۾ ٻہ نديون وھن ٿيون جن ۾ ڪرشنا ندي ۽گوداواري ندي[15]

ڪاڪيناڊا لڳ تمر جو ٻيلو

2014 جي رياستي ورھاست بعد ٻيلن واري زمين ھن رياست ۾ 22,862 km2 آھي.[16]

ٻوليون

[سنواريو]

ھن رياست جي سرڪاري ٻولي تيلگو آھي . جيڪا ھندوستان جي ڪلاسيڪي ٻولي قرار ڏني وئي آهي.

آنڌرا پرديش۾ ٻوليون (2011) [17]
ٻولي سيڪڙو
تيلگو
  
83.55%
اردو
  
8.87%
ھندي
  
3.69%
تامل
  
1.01%
ٻيون ٻوليون
  
2.88%

مذھب

[سنواريو]
آنڌرا پرديش ۾ مذهب (2011)[18]
مذھب سيڪڙو
ھندو ازم
  
89.87%
اسلام
  
8.32%
عيسائيت
  
1.38%
ٻيا مذھب
  
0.43%

ھتان جي ماڻھن جي اڪثريت ھندو آھي ۽ مسلمان ھتي چڱي خاصي اقليت آھي.

ترومالا وارو تروپٽي لڳ وينتڪيسوارا مندر دنيا جو ٻيون نمبر پئسي وارو مندر آھي جنھن جي زيارت لاء ھر سال لکن ۾ ماڻھو ايندا آهن. ھتي ڪرشنا ندي واري وادي ۾ ٻڌ ازم ڦھليو ۽ تقريبن ھڪ ھزار سال سن جو ھتي زور ھليو. [19] ھن خطي ۾ ڦھلجندڙ ٻڌ ڌرم جو نالو مھايانا ٻڌازم ھيو.

انتظامي ورھاست

[سنواريو]

ھي رياست ٻن خطن ۾ ورھايل آھي: (1) ساحلي آنڌرا جنھن ۾ 9 ضلعا واقع آھن، (2) رايلاسيما جنھن ۾ چار ضلعا واقع آھن. اھڙي طرح ھي رياست ٽوٽل تيرھن ضلعن ۾ ورھايل آھي جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

اھي تيرھن ضلعا وري 50 روينيو ڊويژنن ۾ ورھايل آھن جيڪي 671 منڊلن ۾ ورھايل آھن جن مان سڀ کان وڌيڪ منڊل چتور ضلعي ۾ آھن جن جو تعداد 66 آھي [21] آنڌرا پرديش ۾ 31 شھر آھن جن م 16 ميونسپل ڪارپوريشن ۽ 14 ميونسپل ڪاميٽيون شامل آھن.

سياسي نظام

[سنواريو]
گنتر شھر جي ضلعي عدالت
اولھ گوداواري جي اليرو ۾ ڪيليڪٽوريٽ جو ڪامپليڪس

ليجسليٽو اسيمبلي ھن رياست جو ھيٺيون ايوان آھي ۽ ليجسليٽو ڪائونسل وري مٿيون ايوان آھي جنھن جا 58 ميمبر آھن. انڊيا جي پارليامينٽ ۾ ھن رياست جي راجيا سڀا ۾ نمائندگي 11 سيٽون آهن ۽ لوڪ سڀا ۾ 25 سيٽون آهن.[22] آنڌرا پرديش جي ليجسليٽو اسيمبلي جون 175 سيٽون آهن جن مان اوڀر گوداواري ضلعي جي حدن ۾ سڀ کان گھڻا تڪ ٽوٽل 19 تڪ واقع آھن.[23] رياست جي ليجسليٽو ڪائونسل جون 58 سيٽون آهن جيڪو اسيمبلي سيٽن جو جملي ٽيون حصو آهي.[24] 1962 تائين ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا پنھنجي سوشلسٽ اتحادين سميت ڪردار ادا ڪيو پر 1967 جي اليڪشن ۾ ھارائي ويا ايتري قدر جو مخالف ڌر جي حيثيت بہ نہ ماڻي سگھيا. ھن رياست جو پھريون وزيراعلي نيلم سنجيو ريڊي ھيو جيڪو بعد ۾ انڊيا جو صدر پڻ رهيو. [25][26] 1983 ۾ تيلگو ديسم پارٽي (ٽي ڊي پي) اليڪشن کٽي ۽ اين ٽي راما رائو رياست جو وزيراعلي بڻيو ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ھڪ پارٽي جي اثر ۾ ڪمي اچي وئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Maitreyi, M. L. Melly (14 December 2017). "No official State song for WTC" (en-IN ۾). The Hindu (The Hindu Group). http://www.thehindu.com/news/cities/Hyderabad/no-official-state-song-for-telugu-conference/article21616289.ece. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "Andhra Pradesh gets new state bird, state flower" (en ۾). Deccan Chronicle. 31 May 2018. https://deccanchronicle.com/nation/current-affairs/310518/andhra-pradesh-gets-new-state-bird-state-flower.html. 
  3. "Demography", Official portal of Andhra Pradesh Government, Government of Andhra Pradesh, اصل کان 14 July 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 June 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. "Andhra Pradesh Budget Analysis 2018–19", PRS Legislative Research, اصل کان 10 March 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 March 2018۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  5. "Andhra Pradesh’s economic growth story impressive but debt set to zoom". The Financial Express. 8 March 2018. https://www.financialexpress.com/economy/andhra-pradeshs-economic-growth-story-impressive-but-debt-set-to-zoom/1092043/. Retrieved 9 June 2019. 
  6. "Sub-national HDI – Area Database", Global Data Lab (ٻولي ۾ انگريزي), Institute for Management Research, Radboud University, 23 September 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 September 2018۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  7. 7.0 7.1 "AP at a Glance", Official portal of Andhra Pradesh Government, حاصل ڪيل 31 May 2019۔ 
  8. "Classical Language", Press Information Bureau, 19 August 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 9 June 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  9. "Telugu Language", AP State Portal, Government of India, اصل کان 19 June 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 19 June 2015۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  10. "Report of the Commissioner for linguistic minorities: 47th report (July 2008 to June 2010)", Commissioner for Linguistic Minorities, Ministry of Minority Affairs, Government of India, صص: 122–126, اصل کان 13 May 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 16 February 2012۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  11. "The Andhra Pradesh Reorganisation Act, 2014", India Code Legislative Department, Ministry of Law and Justice, 1 March 2014, ص: 2, 24 September 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 14 July 2015۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  12. "Capital City be named as "Amaravati"", Andhra Pradesh Capital Region Development Authority, Municipal Administration & Urban Development Department – Andhra Pradesh, 23 April 2015, اصل کان 14 May 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 31 May 2015۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  13. "Length of coastline", Ministry of Home Affairs, اصل کان 21 September 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 26 August 2016۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  14. "Yanam of Puducherry", Gov.t of Yanam, اصل کان 13 May 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 6 June 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  15. "Andhra Pradesh Fact File", Official portal of Andhra Pradesh Government, AP state portal, ص: 2, اصل کان 3 June 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 1 July 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  16. "Forests in AP facts.", AP Forest department, اصل کان 7 May 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 6 June 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  17. "Language – India, States and Union Territories", Census of India 2011, Office of the Registrar General, صص: 13–14, 14 November 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 September 2018۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  18. "Census of India – Religious Composition", Government of India, Ministry of Home Affairs, 13 September 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 August 2015۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  19. Davidson, Ronald. Tibetan Renaissance. Columbia 2005, pp. 29.
  20. "Population of AP districts(2011)" (PDF), ap.gov.in, ص: 14, اصل کان 17 March 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 May 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  21. {{cite news |last1=India |first1=The Hans |title=Guntur urban divided into east, East mandals |url=https://www.thehansindia.com/posts/index/Andhra-Pradesh/2018-03-31/Guntur-urban-divided-into-east-East-mandals/370772 |accessdate=26 April 2019 |work=www.thehansindia.com |date=31 March 2018 |location=Guntur}
  22. "Andhra Pradesh Legislative Assembly", اصل کان 1 April 2005 تي آرڪائيو ٿيل۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  23. "DELIMITATION OF PARLIAMENTARY AND ASSEMBLY CONSTITUENCIES ORDER, 2008", Election Commission of India, صص: 16–28, 5 October 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 October 2014۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  24. "Overview", AP Legislature, Government of Andhra Pradesh, 19 May 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 23 May 2015۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  25. "The Hindu, November 25, 2012". Chennai, India. 25 November 2012. http://www.thehindu.com/news/national/andhra-pradesh/kiran-beats-pv-rosaiah-anjaiah-in-tenure/article4132949.ece. Retrieved 20 December 2013. 
  26. "The Hindu, on the election and Presidency". Chennai, India. 15 June 2012. http://www.thehindu.com/news/national/article3529044.ece?homepage=true. Retrieved 20 December 2013.