قوميت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
روسي پيدائش جو سرٽيفڪيٽ

پئداواري ذريعن جي اوسر سان گڏ سماجي لاڳاپا پڻ ترقي ڪندا ۽ بدلجندا رهيا. جڏهن پيداواري قوتن گهڻي ترقي ڪئي ۽ ڌاتوءَ جا اوزار ٺهڻ ڪري انسان جون پئداواري صلاحيتون وڌي ويون ته انسان پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ شيون پئدا ڪرڻ لڳو. ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو کپت کان حاصلات وڌيڪ ٿيڻ لڳي ۽ ڪن قبيلن جي اڳواڻن وٽ اها واڌو حاصلات جمع ٿيڻ لڳي. جنهن ڪري وڌيل پئداوار گڏ ٿيڻ لڳي. اهڙي طرح سماج ۾ ذاتي ملڪيت جو بنياد پيو، گڏيل محنت ۽ گڏيل استعمال جو طريقو ختم ٿي ويو. ان جي جاءِ فرد جي محنت ۽ فرد جي معاوضي ورتي ۽ انسان جو انسان هٿان ڦرجڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اهڙيءَ طرح قديم راڄوڻي نظام غلام داري سماج ۾ تبديل ٿي ويو. پئداوار ٻن شاخن زراعت ۽ حرفت ۾ ورهائجي وئي ۽ شيون واپار لاءِ تيار ٿيڻ لڳيون.

طبقاتي معاشري پنهنجا اثر قبيلن ۽ قبيلائي اتحاد تي ڇڏڻ شروع ڪيا. قبيلن کي پنهنجي پيداوار وڌائڻي پئي ۽ هنن کي ڪم جي باقاعدي ورهاست ڪرڻي پئي. قبيلن جا ماڻهو شيون نه صرف ذاتي استعمال لاءِ تيار ڪرڻ لڳا پر هاڻ هو شيون واپار ۽ ٻين قبيلن سان مٽاسٽا لاءِ به تيار ڪرڻ لڳا. واپار هڪ قبيلي کان نڪري مختلف قبيلن تائين ڦهليو. جنهن ڪري هڪ مخصوص جاگرافيائي خطي جي قبيلن جي وچ ۾ رشتا ۽ ناتا وڌڻ لڳا ۽ ميل جول ٿيڻ ڪري هو هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچڻ لڳا. ملڪيت جي واڌ ۽ ضرورتن قبيلن کي پنهنجو ڌار وجود قائم رکڻ نه ڏنو. ڇو جو هرهڪ قبيلو ڪنهن نه ڪنهن اقتصاديات، معاشيات، هنر ۽ ڪاريگري ۾ خود ڪفيل هو. ان ڪري ٻئي قبيلي کي ان جي مدد جي اشد ضرورت پئي. قبيلا پري پري رهڻ بدران زمين جي هڪ خاص هنڌ تي هڪ ٻئي جي ويجهو رهائش اختيار ڪرڻ لڳا، جيئن هو ٻاهرين حملي آورن کي گڏجي منهن ڏئي سگهن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ حاصلاتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ان ڪري قبيلن جو اتحاد وسيع ٿي ويو. قبيلن جي وچ ۾ پيدا ٿيل معاشي رابطن ۽ هڪ علائقي جي اشتراڪ ڪري قبيلا پاڻ ۾ گهڻي وقت تائين فقط خانداني بنياد تي رابطا قائم رکي نه سگهيا ۽ خوني رشتيداري جي رابطي جي جڳهه علائقائي رابطي ۽ ويجهڙائي ورتي. علائقائي اشتراڪ اهڙن ماڻهن کي ڳنڍڻ شروع ڪيو، جيڪي پاڻ ۾ فقط خون جي بنياد تي مائٽ نه هئا. اهڙيءَ طرح وطن جي تصور جنم ورتو ۽ علائقائي مفاد قبيلائي مفادن مٿان غالب پوڻ لڳا. انساني سماج ۾ رياست جو ظهور ٿيو، علائقائي حڪومتون يا بادشاهتون، قبيلائي سردارين جي جاءِ والارڻ لڳيون. علائقائي اشتراڪ، معاشي ترقي جي عمل ۾ سڀ کان گهڻو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو.

جڏهن مختلف قبيلا هڪ مخصوص جاگرافيائي خطي اندر رهڻ لڳا ته هو هڪ ئي خطي اندر پنهنجون ڌار ڌار زبانون ۽ رسمون رواج جاري رکي نه ٿي سگهيا. ان ڪري اڳتي هلي سندن وچ مان مختلف قبيلائي ٻولين ۽ رسم رواجن جا سنڌا ختم ٿيڻ لڳا ۽ منجهن هڪ گڏيل ٻولي ۽ ثقافت اڀرڻ لڳي.

اهڙيءَ طرح مختلف قبيلن جي هڪ گڏيل جاگرافيائي وطن، ٻولي ۽ گڏيل ثقافت جي بنياد تي غلام داري ۽ جاگيرادري سماج ۾ انسانن جي هڪ نئين قسم جي برادري قوميت جنم ورتو. جيڪا ڪٽنب ۽ قبيلي جي بدران ۽ خوني رشتن بدران گڏيل علائقي ۽ ثقافت تي ٻڌل هئي.

هر انساني برادريءَ کي سماجي بنياد تي پنهنجو هڪ خاص طبقاتي ڍانچو هوندو آهي. ان ڪري غلام داري سماج جي قوميت جا بنيادي طبقا غلام ۽ آقا هئا. جڏهن ته جاگيرداراڻي قوميت ڏسڻ ۾ ته گهڻن طبقن ۾ ورهايل پئي نظر آئي، پر پوءِ به ان جي اندر بنيادي طبقاتي تضاد هاري ۽ جاگيردار جي وچ ۾ هئا.

قوميت (Qomeeyat)، قوم جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي گهڻي مستحڪم برادري ڪانه هئي. ڇو جو غلام داري ۽ جاگيرداري سماج تحت هڪ اهڙي معاشي برادري تشڪيل وٺي نه پئي سگهي، جيڪا سڄي ملڪ تي ڇائنيل هجي. ان ڪري ئي قوميت انسانن جي وچ ۾ ايترا ويجها ۽ گهرا لاڳاپا پيدا نه ڪري سگهي. جنهن تحت پراڻا خانداني ۽ قبيلائي اثر ۽ نشان ختم ڪري سگهجن. غلام داري ۽ جاگيرداري سماج ۾ واپاري مرڪزن ۽ جنسن جي مٽا سٽا محدود ۽ مقامي نوعيت جي هئي، اها سڄي ملڪ تي ڪنٽرول ڪري نه پئي سگهي. جنهن ڪري سياسي ۽ معاشي اتحاد گهرو ۽ مضبوط نه پئي ٿي سگهيو.

سماج ۾ قوميت جو معاشي اتحاد سڄي ملڪ تي ٻڌل نه هجڻ ڪري مڪمل طرح قبائلي اثر ختم نه ڪري سگهيو. ان دور ۾ قبائلي ٻولين جي جڳهه هڪ گڏيل زبان ورتي، جنهن جي رسم الخط شرع ٿيڻ سان ان جو ادبي معيار قائم ٿيو ۽ ان چڱي خاص ترقي ڪئي. پوءِ به ان گڏيل زبان تان قبيلائي ٻولين جا اثر مڪمل طرح ختم ٿي نه سگهيا. ملڪ جي مختلف خطن ۾ ان جو لهجو ۽ روپ بدليل رهيو.

قبيلائي ريتن رسمن گڏجي هڪ گڏيل ثقافت کي جنم ڏنو. جيڪا سماجي حالتن جي اثر هيٺ طبقاتي ثقافت هئي ۽ اها سماج جي مٿين طبقن جي حالات زندگي جو عڪس هئي. ان گڏيل ثقافت تي به قديم دور جي خاندانن ۽ قبيلن جي ريتن رسمن ۽ رواجن جو عڪس چٽيءَ طرح نقش ٿيل هو. ان کان سواءِ ان ثقافت تي خاص علائقائي اثر به پيا، جنهن جو خاص سبب قبيلن وچ ۾ معاشي رابطن وڌڻ ڪري علائقي جي مختلف حصن ۾ تعلقات وڌڻ ۽ اتان جي رهواسين جو هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ هو.[1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب؛ قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ؛ رُڪ سنڌي پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
  2. Kitaab: Qomoon aein qoumi thahreek e Aazaadi, Laikkhak: Ruk Sindhi