مواد ڏانھن هلو

تلنگانا

تلنگانا
تلنگانا جي تصوير نگاري، کاٻي پاسي مٿان کان: چار مينار، وارينگل قلعو، , حيدرآباد شھر، نظام آباد ريلوي اسٽيشن، فلڪنما محل، ڪنتالا وارا آبشار
ترانو: "جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم"
انڊيا ۾ تيلنگانا جو مقام
انڊيا ۾ تيلنگانا جو مقام
Coordinates(تيلنگانا): 17°21′58″N 78°28′30″E / 17.366°N 78.475°E / 17.366; 78.475
ملڪ ڀارت
قيام2 جون 2014
گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر حيدرآباد
ضلعا 33
حڪومت
• باڊيتلنگانا جي حڪومت
گورنر اي.ايس.ايل.نرسيمھان
وزيراعلي ڪي. چندرشيڪر رائو (ٽي آر ايس )
ليجسليٽو اسيمبلي ٻہ ايواني (119 + 43 سيٽون)
• پارليامينٽ ۾ نمائندگيراجيا سڀا ۾ 7 سيٽون ۽ لوڪ سڀا ۾ 17 سيٽون
ھاء ڪورٽ تلنگانا ھاء ڪورٽ
ايراضي
• ڪل112,077 چورس ڪلوميٽر (43,273 چورس ميل)
ايراضي درجوپکيڙ ۾ انڊيا جي ٻارھين وڏي رياست
آبادي
 (2011)
• ڪل35193978
• درجوآبادي ۾ انڊيا جي ٻارھين وڏي رياست
• ڪثافت307 في چورس ڪلوميٽر
رهاڪو نالوتيلنگنائيٽ
GDP (2018–19)
وقتي علائقوUTC+05:30 (IST)
آء ايس او 3166 ڪوڊIN-TG
گاڏي رجسٽريشنTS-
ايڇ ڊي آء (2018)Increase 0.664[3]
medium · 16th
خواندگي جي شرح (2011)66.46%
سرڪاري ٻولي تيلگو
ٻيون نمبر سرڪاري ٻولياردو [4][5]
ويب سائيٽwww.telangana.gov.in
^† عارضي طور تي ڏھ سالن لاء آنڌرا پرديش جو پڻ گادي جو هنڌ
††

تلنگانا ۽ آنڌرا پرديش ٻنھي جو ساڳيو

علامتون جي علامتون
نشانڪاڪاٽيا ڪالا ٿورانم , چارمينار
گيتجيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم.[6]
پکي
Pala Pitta
Pala Pitta
انڊين چانھ پکي [6]
گل
Tangedu Puvvu
Tangedu Puvvu
Senna auriculata[6]
ميوو
انب
انب
انب جو وڻ
وڻ
جامي چيٽ
جامي چيٽ
Prosopis cineraria
درياههگوڊاواري ندي، مانجرا ندي، موسي ندي
راند (اسپورٽ)
ڪوڏي ڪوڏي راند
ڪوڏي ڪوڏي راند
ڪبڊي

تلنگانا (Telangana) انڊيا جي ڏاکڻي حصي جي وچ تي دکن واري مٿاھين ميداني علائقي ۾ واقع ھڪ رياست جيڪا انڊيا جي پکيڙ ۽ آبادي ۾ ٻارھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي پکيڙ 112,077 چورس ڪلوميٽر (43,273 mi2) آھي ۽ 2011 جي مردم شماري مطابق آبادي 35,193,978 اٿس.[7] تاريخ 2 جون 2014 ۾ آنڌرا پرديش رياست جي اتر اولھ حصي کي ڌار ڪري ھي انڊيا جي 29 ھين رياست طور قائم ڪئي وئي ۽ حيدرآبادکي ان جو مستقل گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جا ٻيا وڏا شھر وارانگل، نظام آباد، کمام۽ ڪريم نگر شامل آهن. ھن رياست جون حدون اتر م مھاراشٽر، اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، اولھ ۾ ڪرناٽڪا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ آنڌرا پرديش سان ملن ٿيون.[8] ھن رياست جي زمين پھاڙن، جابلو قطارن ۽ ٻيلن تي پڻ مشتمل آھي.2019 جي انگ اکرن مطابق رياست جي پکيڙ ۾ 27,292 چورس ڪلوميٽر زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. رياست انتظامي طور تي 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.

نالو

[سنواريو]

تيلنگانا يا تلنگانا نالي جي معني آهي ٽن لنگن وارو ديس. اھو نالو ان ڪري پيس جو اتي ٽي شواتي يا شو ڀڳوان واريون زيارتون واقع آهي جن ۾ ڪاليشورام، سري سائلام ۽ دراڪشاراما شامل آهن. [9] آنڌرا پرديش جي اورينٽل مينيواسڪرپٽس لائبريري اينڊ ريسرچ سينٽر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جيانڌير ٿرومالا رائو مطابق تلنگانا لفظ گونڊي ٻولي جي لفظ تيلنگاڌ مان نڪتل آهي جنھن جي معني ڏکڻ آھي.[10]

تاريخ

[سنواريو]

ھن علائقي جي تاريخ مطابق ھتي چولاس گھراڻي، موريا گھراڻي، ستاواھانا گھراڻي، چالوڪيا گھراڻي، ڪاڪاٽيا گھراڻي، دھلي سلطنت، بھامني سلطنت، گولڪنڊا جي قطب شاھي گھراڻي جي حاڪميت رھي. سورھين کان سترھين صدي عيسويءَ ۾ مغلن جي حاڪميت ۾ رھيو.[11][12] ارڙھين صدي م ھتي حيدرآباد جي نظامن جي حاڪميت رھي.1823 ۾ نظامن کان آنڌرا واري ساحلي پٽي جو قبضو ايسٽ انڊيا ڪمپني کسي وئي ۽ رايالسيما ضلعو بہ کين ڪمپني سرڪار جي حوالي ڪرڻو پيو . [13] حيدرآباد جي رياست 1948 م پولو آپريشن نالي فوجي ڪاروائي جي نتيجي ۾ انڊيا ۾ شامل ٿي ھئي ۽ 1956 ۾ ھنان رياست کي اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ٽوڙيو ويو ۽ تيلگو ٻولي جي بنياد تي تيلنگانا وارو حصو آنڌرا پرديش رياست ۾ شامل ڪيو ويو جيڪا خود برٽش دور م مدراس جو حصو ھئي. ان انضمام بعد ھن علائقي جي ھارين تلنگانا جي آنڌرا پرديش کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ 1950 واري ڏھاڪي م ئي شروع ٿي وئي جيڪا لاڳيتو ھن نئين رياست جي قيام تائين جاري رھي. اھڙي طرح 2 جون 2014 تي ھي نئين رياست وجود ۾ آئي. [14]

معيشت

[سنواريو]

تلنگانا جي معيشت انڊيا جي رياستن جي جي ڊي پي جي لحاظ کان انڊيا جي اٺين وڏي معيشت آھي ان جي ٽوٽل جي ڊي پي INR8.66 lakh crore ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|8.66|12||USD|year={{{year}}}}}) پائونڊ آھي. ۽ في ڪس INR206,000 ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|206|3||USD|year={{{year}}}}}) پائونڊ آھي.[2][15] انساني ترقي جي اشاريي جي لحاظ کان انڊيا جي رياستن ۾ ھي رياست سورھين نمبر تي آهي. ھي رياست دفاع جي صنعت ۽ سائنسي تحقيق جو پڻ مرڪز آھي. ھتي ڀارت ڊائنامڪس لميٽيڊ، ڊفينس ميٽلرجيڪل ريسرچ ليبارٽري، ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ليبارٽري پڻ واقع آھن [16]

انتظامي ورھاست

[سنواريو]


تيلنگانا جا 2016 ۾ قائم ڪيل نوان ضلعا
تيلنگانا 2 جون 2014 ۾ قيام جي وقت

رياست 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.[17],جيڪي ضلعا وري 68 روينيو ڊويزنن ۾ ۽ اھي وري 584 منڊلن ۾ ورھايل آھن. [18][19] ضلعن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

ضلعوصدر مقاماڳ حصو ھيو
عادل آبادعادل آبادعادل آباد
ڀادرادري ڪوٿاگوديمڪوٿاگوديم کمام ضلعو
حيدرآباد ضلعوحيدرآبادحيدرآباد
جاگٽيالڪريم نگرڪريم نگر
جنگائونجنگائونوارانگل، نلگونڊا
جئي شنڪر ڀوپال پالي ڀوپال پالي وارانگل ضلعو
جوگلامبا گاڊوال محبوب نگرمحبوب نگر
ڪاماريڊينظام آبادنظام آباد
ڪريم نگرڪريم نگرڪريم نگر
کمامکمامکمام
ڪمارام ڀيم آصف آبادآصف آبادعادل آباد
محبوب آباد وارانگلوارانگل، کمام
محبوب نگرمحبوب نگرمحبوب نگر
مانچيريلمانچيريلعادل آباد
ميدڪميدڪميدڪ
ميڊچال ملڪاجگيريشميرپيٽرنگا ريڊي
ملوگو ملوگو جئي شنڪر ڀوپال پالي
نگر ڪرنولنگر ڪرنول محبوب نگر
نالگونڊانالگونڊانالگونڊا
نارائن پٽ نارائن پٽ محبوب نگر
نرملنرملعادل آباد.
نظام آبادنظام آبادنظام آباد
پيڊاپاليپيڊاپاليڪريم نگر
رجنا سرسيلاسرسيلاڪريم نگر
رنگا ريڊيشمش آبادرنگا ريڊي
سنگار ريڊيميدڪميدڪ
سديپيٽسديپيٽ ميدڪ
سرياپيٽسرياپيٽنالگونڊا
وقار آباد|وقار آبادرنگا ريڊي
واناپارٿيواناپارٿيمحبوب نگر
وارانگل رورلگيسوگونڊاوارانگل


وارانگل اربنوارانگلوارانگل
يادادري ڀوانگريڀونگيرنلگونڊا

حوالا

[سنواريو]
  1. "Telangana Statistics". Telangana state portal. اصل نسخو مان 5 ڊسمبر 2015 تي محفوظ ڪيل. 14 ڊسمبر 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. 1 2 "Telangana Budget Analysis 2018–19" (PDF). PRS Legislative Research. اصل نسخو (PDF) مان 16 مارچ 2018 تي محفوظ ڪيل. 17 مارچ 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  3. "Sub-national HDI – Area Database". Global Data Lab (انگريزي ۾). Institute for Management Research, Radboud University. اصل نسخو مان 23 سيپٽمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 25 سيپٽمبر 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  4. "Urdu is Telangana's second official language". The Indian Express (آمريڪي انگريزي ۾). 16 نومبر 2017. اصل نسخو مان 27 فيبروري 2018 تي محفوظ ڪيل. 27 فيبروري 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. "Urdu is second official language in Telangana as state passes Bill". The News Minute. 17 نومبر 2017. اصل نسخو مان 3 جُونِ 2018 تي محفوظ ڪيل. 27 فيبروري 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. 1 2 3 "Telangana State Symbols". Telangana State Portal. اصل نسخو مان 19 مَئي 2017 تي محفوظ ڪيل. 15 مَئي 2017 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. "Population". Government of Telangana. اصل نسخو مان 9 ڊسمبر 2015 تي محفوظ ڪيل. 12 ڊسمبر 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  8. "Administrative and Geographical Profile". Telangana State Portal. اصل نسخو (PDF) مان 14 فيبروري 2015 تي محفوظ ڪيل. 14 جُولاءِ 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. Phillip B. Wagoner (1986). Mode and meaning in the architecture of early medieval Telangana (C. 1000–1300). University of Wisconsin-Madison.
  10. "Earliest reference to Telangana found not in Telugu, but Gond language – Times of India". اصل نسخو مان 13 ڊسمبر 2017 تي محفوظ ڪيل. 13 ڊسمبر 2017 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  11. "Telangana State Portal Language & Culture". www.telangana.gov.in. اصل نسخو مان 14 فيبروري 2015 تي محفوظ ڪيل. 23 فيبروري 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  12. "KCR vows to get 'Ganga Jamuni tehzeeb' back". The Hindu. The Hindu Group. 13 جُولاءِ 2015. اصل نسخو مان 23 فيبروري 2018 تي محفوظ ڪيل. 23 فيبروري 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  13. P. N. Chopra, B.N. Puri & M.N. Das, A Comprehensive History of India, Volume 3. pg. 298
  14. "Notification" (PDF). The Gazette of India. Government of India. 4 مارچ 2014. اصل نسخو (PDF) مان 27 مارچ 2014 تي محفوظ ڪيل. 4 مارچ 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  15. "MOSPI Gross State Domestic Product". Ministry of Statistics and Programme Implementation, Government of India. 1 March 2019. 9 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  16. "Efforts on to transform Hyderabad into a hub for defence electronics". The Hindu Business Line. The Hindu Group. 3 August 2017.
  17. "Telangana to have 33 districts from tomorrow". The Hans India (انگريزي ۾). 16 فيبروري 2019. اصل نسخو مان 17 فيبروري 2019 تي محفوظ ڪيل. 17 فيبروري 2019 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  18. "TSDR-Portal". newdistrictsformation.telangana.gov.in. اصل نسخو مان 25 آگسٽ 2016 تي محفوظ ڪيل. 22 آگسٽ 2016 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  19. Kurmanath, K V (22 آگسٽ 2016). "Telangana govt to create 21 new districts in Oct". اصل نسخو مان 23 آگسٽ 2016 تي محفوظ ڪيل. 22 آگسٽ 2016 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)