تلنگانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تلنگانا
رياست
تلنگانا جي تصوير نگاري، کاٻي پاسي مٿان کان: چار مينار، وارينگل قلعو، , حيدرآباد شھر، نظام آباد ريلوي اسٽيشن، فلڪنما محل، ڪنتالا وارا آبشار
ترانو: "جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم"
انڊيا ۾ تيلنگانا جو مقام
انڊيا ۾ تيلنگانا جو مقام
جاگرافي بيهڪ (تيلنگانا): 17°21′58″N 78°28′30″E / 17.366°N 78.475°E / 17.366; 78.475مڪانيت: 17°21′58″N 78°28′30″E / 17.366°N 78.475°E / 17.366; 78.475
ملڪ  ڀارت
قيام 2 جون 2014
گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر حيدرآباد
ضلعا 33
حڪومت
 • مجلس تلنگانا جي حڪومت
 •  گورنر اي.ايس.ايل.نرسيمھان
 • وزيراعلي ڪي. چندرشيڪر رائو (ٽي آر ايس )
 • ليجسليٽو اسيمبلي ٻہ ايواني (119 + 43 سيٽون)
 • پارليامينٽ ۾ نمائندگي راجيا سڀا ۾ 7 سيٽون ۽ لوڪ سڀا ۾ 17 سيٽون
 • ھاء ڪورٽ تلنگانا ھاء ڪورٽ
پکيڙ[1]
 • ڪل 112,077 ڪ.م2 (43,273 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ انڊيا جي ٻارھين وڏي رياست
آبادي (2011)
 • ڪل 35,193,978
^† عارضي طور تي ڏھ سالن لاء آنڌرا پرديش جو پڻ گادي جو هنڌ
††

تلنگانا ۽ آنڌرا پرديش ٻنھي جو ساڳيو

Symbols of تيلنگانا
نشان ڪاڪاٽيا ڪالا ٿورانم , چارمينار
گانو جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم.[2]
جانور
Chital
Chital
چٽڪمرو ھرڻ[2]
پکي
Pala Pitta
Pala Pitta
انڊين چانھ پکي [2]
گل
Tangedu Puvvu
Tangedu Puvvu
Senna auriculata[2]
ميوو
انب
انب
انب جو وڻ
وڻ
جامي چيٽ
جامي چيٽ
Prosopis cineraria
ندي
ڪرشنا ندي تي سريسائيلام ڊيم
ڪرشنا ندي تي سريسائيلام ڊيم
گوڊاواري ندي، مانجرا ندي، موسي ندي
راند
ڪوڏي ڪوڏي راند
ڪوڏي ڪوڏي راند
ڪبڊي


'تيلنگانا يا تلنگانا{{ٻيا نالا|انگريزي= Telangana'} (Listeni/tɛlənˈɡɑːnə/) انڊيا جي ڏاکڻي حصي جي وچ تي دکن واري مٿاھين ميداني علائقي ۾ واقع ھڪ رياست جيڪا انڊيا جي پکيڙ ۽ آبادي ۾ ٻارھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي پکيڙ 112٬077 km2 (43٬273 sq mi) آھي ۽ 2011 جي مردم شماري مطابق آبادي 35,193,978 اٿس.[7] تاريخ 2 جون 2014 ۾ آنڌرا پرديش رياست جي اتر اولھ حصي کي ڌار ڪري ھي انڊيا جي 29 ھين رياست طور قائم ڪئي وئي ۽ حيدرآبادکي ان جو مستقل گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جا ٻيا وڏا شھر وارانگل، نظام آباد، کمام۽ ڪريم نگر شامل آهن. ھن رياست جون حدون اتر م مھاراشٽر، اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، اولھ ۾ ڪرناٽڪا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ آنڌرا پرديش سان ملن ٿيون.[8] ھن رياست جي زمين پھاڙن، جابلو قطارن ۽ ٻيلن تي پڻ مشتمل آھي.2019 جي انگ اکرن مطابق رياست جي پکيڙ ۾ 27,292 چورس ڪلوميٽر زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. رياست انتظامي طور تي 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.

نالو[سنواريو]

تيلنگانا يا تلنگانا نالي جي معني آهي ٽن لنگن وارو ديس. اھو نالو ان ڪري پيس جو اتي ٽي شواتي يا شو ڀڳوان واريون زيارتون واقع آهي جن ۾ ڪاليشورام، سري سائلام ۽ دراڪشاراما شامل آهن. [9] آنڌرا پرديش جي اورينٽل مينيواسڪرپٽس لائبريري اينڊ ريسرچ سينٽر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جيانڌير ٿرومالا رائو مطابق تلنگانا لفظ گونڊي ٻولي جي لفظ تيلنگاڌ مان نڪتل آهي جنھن جي معني ڏکڻ آھي.[10]

تاريخ[سنواريو]

ھن علائقي جي تاريخ مطابق ھتي چولاس گھراڻي، موريا گھراڻي، ستاواھانا گھراڻي، چالوڪيا گھراڻي، ڪاڪاٽيا گھراڻي، دھلي سلطنت، بھامني سلطنت، گولڪنڊا جي قطب شاھي گھراڻي جي حاڪميت رھي. سورھين کان سترھين صدي عيسويءَ ۾ مغلن جي حاڪميت ۾ رھيو.[11][12] ارڙھين صدي م ھتي حيدرآباد جي نظامن جي حاڪميت رھي.1823 ۾ نظامن کان آنڌرا واري ساحلي پٽي جو قبضو ايسٽ انڊيا ڪمپني کسي وئي ۽ رايالسيما ضلعو بہ کين ڪمپني سرڪار جي حوالي ڪرڻو پيو . [13] حيدرآباد جي رياست 1948 م پولو آپريشن نالي فوجي ڪاروائي جي نتيجي ۾ انڊيا ۾ شامل ٿي ھئي ۽ 1956 ۾ ھنان رياست کي اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ٽوڙيو ويو ۽ تيلگو ٻولي جي بنياد تي تيلنگانا وارو حصو آنڌرا پرديش رياست ۾ شامل ڪيو ويو جيڪا خود برٽش دور م مدراس جو حصو ھئي. ان انضمام بعد ھن علائقي جي ھارين تلنگانا جي آنڌرا پرديش کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ 1950 واري ڏھاڪي م ئي شروع ٿي وئي جيڪا لاڳيتو ھن نئين رياست جي قيام تائين جاري رھي. اھڙي طرح 2 جون 2014 تي ھي نئين رياست وجود ۾ آئي. [14]

معيشت[سنواريو]

تلنگانا جي معيشت انڊيا جي رياستن جي جي ڊي پي جي لحاظ کان انڊيا جي اٺين وڏي معيشت آھي ان جي ٽوٽل جي ڊي پي INR8.66 لک ڪروڙ ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|8.66|12||USD|year={{{year}}}}}) پائونڊ آھي. ۽ في ڪس INR206,000 ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|206|3||USD|year={{{year}}}}}) پائونڊ آھي.[3][15] انساني ترقي جي اشاريي جي لحاظ کان انڊيا جي رياستن ۾ ھي رياست سورھين نمبر تي آهي. ھي رياست دفاع جي صنعت ۽ سائنسي تحقيق جو پڻ مرڪز آھي. ھتي ڀارت ڊائنامڪس لميٽيڊ، ڊفينس ميٽلرجيڪل ريسرچ ليبارٽري، ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ليبارٽري پڻ واقع آھن [16]

انتظامي ورھاست[سنواريو]

تيلنگانا جا 2016 ۾ قائم ڪيل نوان ضلعا
تيلنگانا 2 جون 2014 ۾ قيام جي وقت

رياست 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.[17],جيڪي ضلعا وري 68 روينيو ڊويزنن ۾ ۽ اھي وري 584 منڊلن ۾ ورھايل آھن. [18][19] ضلعن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

ضلعو صدر مقام اڳ حصو ھيو
عادل آباد عادل آباد عادل آباد
ڀادرادري ڪوٿاگوديم ڪوٿاگوديم کمام ضلعو
حيدرآباد ضلعو حيدرآباد حيدرآباد
جاگٽيال ڪريم نگر ڪريم نگر
جنگائون جنگائون وارانگل، نلگونڊا
جئي شنڪر ڀوپال پالي ڀوپال پالي وارانگل ضلعو
جوگلامبا گاڊوال محبوب نگر محبوب نگر
ڪاماريڊي نظام آباد نظام آباد
ڪريم نگر ڪريم نگر ڪريم نگر
کمام کمام کمام
ڪمارام ڀيم آصف آباد آصف آباد عادل آباد
محبوب آباد وارانگل وارانگل، کمام
محبوب نگر محبوب نگر محبوب نگر
مانچيريل مانچيريل عادل آباد
ميدڪ ميدڪ ميدڪ
ميڊچال ملڪاجگيري شميرپيٽ رنگا ريڊي
ملوگو ملوگو جئي شنڪر ڀوپال پالي
نگر ڪرنول نگر ڪرنول محبوب نگر
نالگونڊا نالگونڊا نالگونڊا
نارائن پٽ نارائن پٽ محبوب نگر
نرمل نرمل عادل آباد.
نظام آباد نظام آباد نظام آباد
پيڊاپالي پيڊاپالي ڪريم نگر
رجنا سرسيلا سرسيلا ڪريم نگر
رنگا ريڊي شمش آباد رنگا ريڊي
سنگار ريڊي ميدڪ ميدڪ
سديپيٽ سديپيٽ ميدڪ
سرياپيٽ سرياپيٽ نالگونڊا
وقار آباد|وقار آباد رنگا ريڊي
واناپارٿي واناپارٿي محبوب نگر
وارانگل رورل گيسوگونڊا وارانگل


وارانگل اربن وارانگل وارانگل
يادادري ڀوانگري ڀونگير نلگونڊا

حوالا[سنواريو]

  1. "Telangana Statistics". Telangana state portal. وقت 5 December 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 December 2015. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Telangana State Symbols". Telangana State Portal. وقت 19 May 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 May 2017. 
  3. 3.0 3.1 "Telangana Budget Analysis 2018–19" (PDF). PRS Legislative Research. وقت 16 March 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 17 March 2018. 
  4. "Sub-national HDI – Area Database". Global Data Lab. Institute for Management Research, Radboud University. وقت 23 September 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 September 2018. 
  5. "Urdu is Telangana’s second official language" (en-US ۾). The Indian Express. 2017-11-16. http://indianexpress.com/article/india/urdu-is-telanganas-second-official-language-4940595/. 
  6. "Urdu is second official language in Telangana as state passes Bill". The News Minute. 2017-11-17. https://www.thenewsminute.com/article/urdu-second-official-language-telangana-state-passes-bill-71742. 
  7. "Population". Government of Telangana. وقت 9 December 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 December 2015. 
  8. "Administrative and Geographical Profile" (PDF). Telangana State Portal. وقت 14 February 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 July 2014. 
  9. Phillip B. Wagoner (1986). Mode and meaning in the architecture of early medieval Telangana (C. 1000–1300). University of Wisconsin-Madison. https://books.google.com/books?id=Y3wKAQAAMAAJ. 
  10. "Earliest reference to Telangana found not in Telugu, but Gond language – Times of India". وقت 13 December 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 December 2017. 
  11. "Telangana State Portal Language & Culture". www.telangana.gov.in. وقت 14 February 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 February 2018. 
  12. "KCR vows to get 'Ganga Jamuni tehzeeb' back". The Hindu (The Hindu Group). 13 July 2015. http://www.thehindu.com/news/national/telangana/kcr-vows-to-get-ganga-jamuni-tehzeeb-back/article7416305.ece. 
  13. P. N. Chopra, B.N. Puri & M.N. Das, A Comprehensive History of India, Volume 3. pg. 298
  14. "Notification" (PDF). The Gazette of India. Government of India. وقت 27 March 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 4 March 2014. 
  15. "MOSPI Gross State Domestic Product". Ministry of Statistics and Programme Implementation, Government of India. حاصل ڪيل 9 June 2019. 
  16. "Efforts on to transform Hyderabad into a hub for defence electronics". The Hindu Business Line. The Hindu Group. 
  17. "Telangana to have 33 districts from tomorrow". The Hans India. وقت 17 February 2019 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 February 2019. 
  18. "TSDR-Portal". newdistrictsformation.telangana.gov.in. وقت 25 August 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 August 2016. 
  19. Kurmanath, K V (22 August 2016). "Telangana govt to create 21 new districts in Oct". http://www.thehindubusinessline.com/news/national/telangana-issues-draft-notification-on-new-districts/article9018000.ece. Retrieved 22 August 2016.