نجم عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر نجم عباسي (انگريزي:Dr.Najam Abbasi) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جي تاريخي شهر خانواهڻ ۾ 18 آڪٽوبر 1927ع تي جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

ڊاڪٽر صاحب بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ خانواهڻ مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ ميٽرڪ لوڪل بورڊ هاء اسڪول نواب شاهه مان ۽ انٽر سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين. جنهن بعد 1949ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين. جتان 1953ع ڌاري ايم بي بي ايس جي سند حاصل ڪيائين.

عملي زندگي[سنواريو]

ڊاڪٽر صاحب تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1953ع کان سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪيائين. ليڪن سرڪاري نوڪري دل کي نہ آئڙيس.۽ 1958ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏئي، پنهنجي خانگي ڪلينڪ هلائڻ لڳو.

ادبي خدمتون[سنواريو]

ڊاڪٽر نجم عباسي کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ماحول مليو. جنهن سبب هن ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر جي ڪهاڻين جا ڪردار اڪثر سنڌ جي وچئين ۽ هيٺاهين طبقي جا ماڻهو رهيا آهن. هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ پيرپرستي، انڌي عقيدي، فرسودا ريتن رسمن، تنگ نظرئي ۽ جاگيرداري نظام جي نندا ڪئي آهي.

ڪتاب[سنواريو]

ڊاڪٽر جا لڳ ڀڳ ٽيه کن ڪتاب شايع ٿيل آهن. طوفان جي تمنا (ڪهاڻيون) پٿر تي ليڪو (ڪهاڻيون)[1] ڳاڙهو لالٽين (ترجمو) جيڪي منهنجي من ۾ آهي (ڪهاڻيون) ناچڻي (ڪهاڻيون) ايڏو سور سهي (آتم ڪهاڻي، مضمون) رشتا ناتا (ڪهاڻيون) اڪيلا نہ آهيون (ترجمو) سورج هوندي مرجهايل (ڪهاڻيون) للڪار (ڪهاڻيون) پيار ڪهاڻي (ناول) بلنديون (ناول) پروفيسر (ڪهاڻيون)[2] دارون هن ديواني جو (ڪهاڻيون) ڪهاڻيء جو قافلو (ڪهاڻيون ۽ تنقيد) گانڌي (ترجمو) تصوف جي چير ڦاڙ (مضمون)[3] تلاش (ناول) مٿي سنڌ سڪار (ڪهاڻيون) لينن جي انقلابي ڪهاڻين (ترجمو)

وفات[سنواريو]

ڊاڪٽر نجم عباسي مٿان 1989ع ۾ فالج جو حملو ٿيو.جنهن سبب ڪلينڪ بند ڪري گھر ۾ رهڻ لڳو.هو ڇھ سال بيمار رهڻ کان پوء 25 آڪٽوبر 1995ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.سندس آخري آرام گاه پنهنجي اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ آهي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-06. 
  2. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-06. 
  3. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-06. 
  4. "Urdu Hindi Punjabi Sindhi Pashto Saraiki Novels Poetry Short Stories and lots more". www.punjnud.com. حاصل ڪيل 2019-05-06.