تمدن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


تمدن يا مدنيت(انگريزي: Civics ) عربي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ ”شهريت“ آھي. هي لفظ ’مدن‘ يعني شهر مان ورتل آهي.”شھريت يا شھري زندگي[1].” انسان سمجھ ۽ شعور وارو جانور اھي. مختصر طور تمدن جي تعريف اها ٿيندي ته ھر قوم کي پنھنجيون مخصوص، تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ مذھبي روايتون ٿينديون اھن. سندن ضرورتون ۽ روحاني تمنائون هونديون اھن، جنهن ڪري ڪا قوم انفرادي ۽ اجتماعي طور ترقي ڪندي آهي[1]. هر قوم جون مختلف سياسي، مذھبي ۽ معاشرتي جماعتون ۽ ادارا، فن، نقش نگاري، شعر،راڳ ۽ ناچ جا طور طريقا مختلفرواج رسمون هوندا آهن[1]. تمدن انساني فطرت جي ٽن مکيہ جبلتن سان تعلق رکي ٿو، جيڪي آهن: (i) پنھنجو بچاءُ ڪرڻ، (ii) ھم جنس سان تعلق ۾ رھڻ ۽ (iii) اولاد جي پيدائش، پالنا ۽ پرورش ڪري، انساني نسل کي بقا ڏيڻ[1]مدنيت کي شھريت يا تمدن پڻ چوندا آهن.

نالا ۽ اشتقاق[سنواريو]

مدنيت لفظ مدينو مان نڪتل آھي ۽ مدينو لفظ جي معني شھر آھي . مدنيت جي معني شھريت آهي جنھن کي انگريزي ۾ سوڪس چون ٿا. سوڪس (civics) لاطيني ٻولي جي لفظ سوس civis مان نڪتل آهي جنھن جو ڌاتو سوٽس civitas آھي .انھن ٻنھي جي معني ترتيبوار شھري ۽ شھر آھي.

علم تمدن[سنواريو]

رياست جي قديم صورت شھري رياست واري ھئي ۽ قديم يونان ۾ ھر شھر جو درجو رياست وارو ھيو ۽ ھر شھر جا پنھنجا قانون ھيا جن مطابق انھن جو انتظامي ڌانچو ڪم ڪندو هو ۽ شھرين جا حق ۽ فرض طئي ٿيل ھيا. يونان جي انھن رياستن ۾ جمھوري نظام ھيو. ھر اھو شخص جيڪو رياست جي قانوني ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ھوندو ھو ان کي رياست جو شھري سڏيو ويندو هو. تنھنڪري مدنيت جي علم ۾ شھري جو مقصد رياست جو رھاڪو نہ پر رياست جي قانون ۽ نظم و نسق جي معاملن ۾ شريڪ ھجڻ آهي شھري ھجڻ جو اھو خيال ارسطو جو ڏنل آھي.اڄوڪي دور جي رياست جي بناوٽ شھري ناھي بلڪہ اھا پنھنجي اندر ڪيترائي شھر رکي ٿي ۽ ان م رھندڙ سڀ ان جا شھري سڏبا آهن.رياست جي دائري وسيع ٿيڻ سان ان جي شھرين جي حقن ۽ فرضن جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي. شھريت يا مدنيت جو علم رياست جي شھرين جي انھن حقن ۽ فرضن متعلق علم آھي ۽ اھو انھن جي رياست سان تعلق رکندڙ سرگرمين جو بہ جائزو وٺي ٿو.اھو رياست ۽ شھري جي تعلق بابت آگاهي ڏئي ٿو.ھي علم رياست جي شھري جي معاشرتي، نفسياتي، معاشي،اخلاقي، سياسي ۽ مذھبي زندگي جي بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. ھي علم شھري زندگيءَ ۽ ان جي مسئلن تي روشني وجھي ٿو

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي-