عبدالڪريم گدائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عبدالڪريم خان ولد بجار خان لاشاري "گدائي"
شاعر
ذاتي تفصيل
پيدائش 1 جنوري 1901
ڪريم آباد ، تعلقو ٺل
وفات 28 جنوري 1978
جيڪب آباد

عبدالڪريم گدائي(انگريزي: Abdul Kareem Gadaaee) سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي[1].

آتم ڪھاڻي[سنواريو]

ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ سائين جي ايم سيد ھن جي زندگي جو احوال ھن جي پنھنجي زبان ھيٺين ريت ڏنو آهي[2] "آءٌ غريب ۽ اڻ پڙهيل خاندان ۾ پيدا ٿيس. ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقو ٺل، منهنجو زاد بوم هو. جنوري 1901ع تي ڄائو آهيان. منهنجو والد ان وقت مرحوم مير حسن خان کوسي جو ڪمدار هو، جنهن جي زمين جو هو ڪاروبار سنڀاليندو هو. مون کي هڪ وڏو ڀاءُ ۽ ڀيڻ هئا.
"منهنجي ڄمڻ کان ٻن ٽن سالن بعد منهنجو والد صاحب لڏي اچي ٺل جي شهر ۾ ويٺو، جتي کيس مختيارڪار جي آفيس ۾ پٽيواليءَ جي نوڪري ملي، ۽ منهنجي ڀاءُ کي تپيدار جو ڪوٽار ڪري رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ پٽيوالن ۽ ڪوٽارن جو پگهار نـَـوَ رپيا ماهوار هوندو هو.
.[2] "مون کي ياد آهي ته هن مختصر آمدنيءَ مان، عام سهانگائيءَ سبب، اسان جي ڪٽنب جو، اٺن ڀاتين هوندي به، چڱو سفيد پوشيءَ سان گذارو پيو ٿيندو هو. اسان وٽ ٻه ڳئون، چار ٻڪريون، ست اٺ ڪڪڙيون هونديون هيون. اٽڪل ساڍن چئن سالن جي عمر ۾ منهنجي والد مون کي ٺل جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو. جتان آءٌ پنج درجا پاس ڪرڻ بعد سال 1911ع ۾، جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيس. اٽڪل ٻن مهينن بعد مون کي فري بورڊنگ ملي ويئي. آءٌ اسڪول سان شامل بورڊنگ هائوس ۾ رهڻ لڳس.
"مون کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ جيڪب آباد موڪلڻ ۽ اُتي فري بورڊنگ وٺي ڏيارڻ ۾، ان وقت ٺل جي هڪ حيدرآبادي، مسٽر وستيرام مختيارڪار، جو وڏو هٿ هو. مون تي والده جو گهڻو پيار هو. هوءَ پنهنجي اکين کان مون کي پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، پر منهنجي والد کي، مختيارڪار زور بار رکي جيڪب آباد پڙهڻ لاءِ مون کي موڪلڻ واسطي تيار ڪيو. مون کي اهو به ياد آهي ته ان وقت ٺل جي مختيارڪار جو هندو سرشتيدار مسٽر انندرام، لاڙڪاڻي وارو هو، جنهن کي منهنجي والده پٽ ڪري سڏيندي هئي. اُن به منهنجي والده کي منهنجي پڙهائڻ لاءِ چيو. جيڪب آباد ۾ فري بورڊنگ ملڻ تائين ان صاحب مون کي پنهنجن ٻارن سان گڏ گهر ۾ رهايو. مسٽر انندرام ۽ سندس گهرواري مون کي بنهه پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڪندا هئا. سندس ٻارن سان گڏ کائيندو پيئندو، راند ڪندو هوس. ڪهڙو نه محبت ۽ خير و برڪت جو زمانو هو!
.[2] "تن ڏينهن ۾ جيڪب آباد اسڪول ۾ پنج درجا انگريزي هئا. اُهي پاس ڪرڻ بعد، سکر ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس، پر حسابن ۾ گهٽ هئڻ ڪري، مئٽرڪ پاس ڪري نه سگهيس. جيڪب آباد ۾ قاضي عبدالڪبير درٻيلائيءَ ۽ مسٽر هيرانند خيرپوريءَ وٽ پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيم. سکر ۾ قاضي علي رضا ايم. اي. روهڙيءَ واري وٽ پڙهيس. "پڙهڻ ڇڏڻ بعد مسٽر انندرام جي ڪوشش سان 1918ع ۾، مون کي پوسٽ آفيس، شڪارپور ۾، ڪلارڪيءَ جي جڳهه ملي، ليڪن اُتان ڪن سببن ڪري، ٿوري وقت کانپوءِ استعيفيٰ ڏيئي، ٺل جي سنڌي اسڪول مان ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيم. پوءِ پوليس ۾ نوڪريءَ لاءِ درخواست ڪيم. زميندارن جي ڇوڪرن کي هيڊ ڪانسٽيبليءَ جون جايون پئي مليون، پر مون کي ڪانسٽيبلي ڏنائون. جيڪب آباد ٽائون پوليس ٿاڻي تي ڇهه مهينا نوڪري ڪري، وري اُها ڇڏي ڏنم. 1923ع جي آخر ۾ ٺل جي مکيه زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي فرزند، شاهل خان، کي پڙهائڻ لاءِ ٽيوٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳس. انهن ڏينهن ۾ بهادرپور جي اسڪول ۾ مسٽر لطف الله بدوي شڪارپور وارو نائب ماستر هو. ان وقت سندس تخلص "جوڳي" هو. مون "گدائي" تخلص رکيو. ٻيئي شعر ٺاهيندا هئاسون، ۽ ڳائيندا به هئاسون. 1920ع ۾ جڏهين شڪارپور ۾ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي قتل جي واقعن خلاف احتجاج جو ڏينهن ملهايو ويو هو. هزارها ماڻهو هندو ۽ مسلمان، مٿا اگهاڙا ڪري، لکي در کان جلوس ۾ نڪتا هئا. اهو نظارو ڏسي، منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. پوءِ بهادرپور ۾ رهڻ وقت غريب هارين تي زميندارن جي ڏاڍ جي حالت ڏسي، زميندار ڪلاس جي خلاف ٿيڻ لڳس. مون کي فخر آهي ته منهنجي شاگرد مير شاهل خان، هارين کي هڪ لک روپين جو پراڻو قرض معاف ڪيو - آءٌ سمجهان ٿو ته ان ڪار خير جي تحريص ڏيارڻ ۾ منهنجي تاثير ۽ تربيت جو به ڪجهه حصو هو.
.[2] "اتان نوڪري ڇڏڻ بعد، سنه 1925ع ۾، شهدادڪوٽ تعلقي (جو ان وقت جيڪب آباد ضلعي جو حصو هو) جي کيرٿر سب ڊويزن ۾ اچي ڪلارڪيءَ جي نوڪري ڪيم. ان جو هيڊڪوارٽر پوءِ ڳڙهي خيري ۾ ٿيو. سنه 1927ع کان سنه 1932ع جو زمانو لائد براج جي ملازمت ۾ گذريو. ان وقت ڪيترا نظم لکيم. جهڙوڪ: "آخر فنا"، "ليوڪس پارڪ"، "مولانا امروٽي"، "اهي ڏينهن هئا"، اهي نظم "صداقت"، "پيغام" ۽ "سنڌ زميندار" اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا.
سنه 1932ع ۾، طبيعت ۾ جوش اچڻ ڪري، نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شريڪ ٿيس. سنه 1942ع تائين ٺل ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪندو رهيس. اهو دؤر منهنجي شاعريءَ ۾ قومي نظمن جو هو، جي اخبارن ۽ سنڌو رسالي ۾ شايع ٿيندا هئا.
.[2] "سنه 1932ع کان سنه 1942ع تائين بعضي بعضي پنهنجي دوست ۽ همعصر مرحوم ماستر قادر بخش "حقير" (۽ پوءِ "بشير") سان مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهيس. منهنجي حقيقي شاعريءَ جو دور پاڪستان جي قيام کانپوءِ شروع ٿئي ٿو، جڏهين قوم جي اُميدن ۽ اُمنگن جي برعڪس ساڳيو انگريزي دؤر وارو جاگيرداري ۽ زمينداري ظلم، زبردستي، هارين ۽ مزدورن جي ڦرلٽ ۽ ڏاڍن جو مٿن زور ۽ دٻاءُ نه رڳو جاري هو، پر اڳ کان به زياده ٿي ويو هو. عوام جي اهڙيءَ بيڪسيءَ ۽ بيوسيءَ منهنجي دل کي سخت چوٽ رسائي، ۽ آءٌ سنڌ هاري پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويس.
"هارين نارين ۾ سجاڳي آڻڻ، ۽ کين سندن ووٽ جي قدر ۽ قيمت سمجهائڻ لاءِ، مون اليڪشن جي سلسلي ۾، سال 1945ع کان سنه 1952ع تائين ڪيترائي نطم لکيا، جن ۾ هيٺ ڏيکاريل مضمون مقبول ۽ مشهور ٿيو:
.[2] وري ڀوتار نڪري پيا:
وري آئي اليڪشن ۽ وري ڀوتار نڪري پيا!
ڇڏي طره ڪلهن تي قوم جا پڳدار نڪري پيا!
ڇڏي بنگلا، بخاريون گرم هن سرديءَ ۽ پاري ۾،
غريبن جي ڀلي لاءِ، هو لاچار نڪري پيا!
پروڊا جي حمام اندر ته سڀ ننگا نظر آيا،
نتيجو جو ٿيو ظاهر ته سڀ غدار نڪري پيا! (الخ)
.[2]

خبردار، هاري، جو ڀوتار آيا!
ملن مولوين ساڻ موٽر ڀرائي،
اٿيا ليگ وارو هي ليبل لڳائي،
هنن گرم جهولن ۾ جيپون ڊڪائي،
اچن ڪين ها، پر هي لاچار آيا! (الخ)
"انهيءَ زماني ۾ پهريائين ضلعي هاري ڪميٽيءَ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، پوءِ ضلعي جيڪب آباد جي نيشنل عوامي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيس. ساڳئي وقت مڪاني اخبارن "صبح سنڌ"، "فرنٽيئر پوسٽ"، "انقلاب"، "امروز"، ۽ "مجاهد" جي ايڊيٽريءَ جا فرائض بجا آڻيندي، مون زمينداري نظام جي خلاف چڱو جهاد ڪيو. سنه 1958ع جي آڪٽوبر تائين نيشنل عوامي پارٽيءَ سان وابسته رهيس. مارشل لا لڳڻ بعد، جڏهن سياسي پارٽيون ختم ٿيون، ته چپ رهيس. "سنه 1960ع جي مئي مهيني ۾، پاڪستان جي صدر طرفان سوشل ويلفيئر فنڊ مان مون کي هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو ملڻ شروع ٿيو، جو اڃا تائين ملندو رهي ٿو. ڊسٽرڪٽ ڊويلپمينٽ ايسوسيئيشن طرفان منهنجي ڪن نظمن جي اشاعت لاءِ تيرهن سؤ روپيا منظور ڪيا ويا، جي پوءِ ڇپجي شايع ٿيا. ٺل ٽائون ڪميٽي مون کي ماهوار پنجاهه روپيا وظيفو ڏيئي رهي آهي. سنه 1964ع جولاءِ کان جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هڪ سؤ روپيا ماهوار تاحيات ڏيڻ منظور فرمايو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال آهي. هٿن ۾ رعشو اٿم. پورهئي کان لاچار آهيان. ڪڏهين ڪڏهين شعر شاعري ڪندو آهيان، هن وقت "جمعيت الشعراءِ سنڌ" جو نائب صدر ۽ انجمن فروغ ادب، جيڪب آباد جو صدر، سنڌي بزم ادب، جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، ۽ اپر سنڌ مڪئنيڪل ڊرائيورس ائنڊ ليبر يونين جو صدر چونڊيل آهيان.
"منهنجا پسنديده نظم "ڏوراپو"، "بهار آيو"، "ستابي سنڌ"، "آزاديءَ جا انگور"، "اڃا رات آهي"،
"ڪانڊيري جي عيد" آهن. منهنجن نظمن جو هڪڙو مجموعو "ساڻيهه جا سور" نالي ڇپجي شايع ٿي چڪو آهي.
.[2] هن وقت مون کي ٻه فرزند آهن: وڏو ارڙهن سالن جو جيڪب آباد ڪاليج ۾ انٽر آرٽس جو شاگرد آهي. ننڍو سورهن سالن جو، هاءِ اسڪول ۾ تعليم وٺي رهيو آهي. - عبدالڪريم گدائي 64- 8- 17" منهنجي واقفيت "گدائي" صاحب سان پرپٺ ڪانگريس جي ڏينهن کان ٿي، جڏهين "پرڪاش" رسالي 19 فيبروري 1930ع ۾ هي شعر لکيائين:
ڀارت ٿئي زمين تي، شل سرڳ جو نظارو!
هندو ۽ مسلمان ٻئي، ڇا شوق سان مليا ٿي!
نفرت نه هئي دلين ۾، ڇا پريم سان کليا ٿي!
شل ديس ۾ دوباره رونق اچي اها ئي،
ٿئي هر ڪنهن کي هاڻي شل وات هيءَ وائي،
موٽي اچي دوباره، سو وقت پيار وارو،
ڀارت ٿئي زمين تي، شل سرڳ جو نظارو!
وڌيڪ پوءِ واقفيت هاري ڪميٽيءَ ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ڏينهن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ وقت ٿي. سندس تازو لکيل هيٺيون بيت وقت بوقت ڪنن ۾ گونجي اٿي ٿو:
.[2] آزاديءَ جي آڳ، ساڙي ويئي ساڻيهه کي،
بکن بيمارين ڪيو، ماروئڙن ۾ ماڳ،
ماروئڙا ملير ۾، سڪن ڪارڻ ساڳ،
ڏاڍائي ڏهاڳ، ڏاج مليو آ ڏيهه کي!

زندگيءَ جو احوال[سنواريو]

عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.[1]. سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾ خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“.[1] گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.[1].

گدائي جي شاعري[سنواريو]

گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.[1].

گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.

سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي
بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.

خبردار هاري جو ڀوتار آيا
پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي
سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات
ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.

نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر
نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر
نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر
نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر
پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي
هر موڙ مٿان آزادي جي
هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند:

ڪب رها غافل مين تيري ياد سي
افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ماهوار ”ڪينجهر“ حيدرآباد، عبدالڪريم گدائي نمبر
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005