سرويچ سجاولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سرويچ سجاولي (انگريزي: Sarvech Sujawali؛ جنم: 14 مارچ 1937ع - وفات: 22 آڪٽوبر 2007ع ) سنڌ جو قادرالڪلام عوامي شاعر هو. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هو هڪ بي لوث سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ هو. آمريت جي خلاف جدوجهد ۾ کيس قيد ۽ بند جون صعوبتون به سهڻيون پيون.


ننڍپڻ[سنواريو]

سرويچ سجاوليءَ جو اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ هو. سندس جنم 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول ضلعي جي شهر ابراهيم تارڙي ۾ ٿيو[1]. سندس والد هڪ غريب هاري هو. فقط چار درجا اسڪول ۾ پڙهي سگهيو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ مال چارڻ لڳو. هڪ غريب هاريءَ جي ڪٺن زندگي ۽ زميندارن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ هن جي حساس ذهن کي جهنجهوڙي وڌو ۽ اندر جا اڌما شعرن جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ لڳا. هو مرحوم مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ 1957ع باقاعدي شاعري ڪرڻ لڳو. 1958ع ۾ هڪ جلسي ۾ شعر پڙهيائين. ان جلسي ۾ وقت جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو به موجود هو، جنهن کي سرويچ جي شاعري ڏاڍي پسند آئي. جڏهن کيس خبر پئي ته هڪ غريب هاريءَ جو پٽ آهي ته هن کي سجاول ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ منشيءَ جي نوڪري وٺي ڏنائين. انهيءَ نوڪريءَ دوران سرويچ سنڌي فائنل (سنڌي ست درجا) پاس ڪري ورتو ۽ 1973ع کان 1977ع تائين ٽائون ڪاميٽي سجاول ۽ دڙي جو ايڊمنسٽريٽر ٿي ڪم ڪيائين.

شاعري[سنواريو]

سرويچ سجاولي هڪ عوامي شاعر آهي. سندس لفظن ۾ جادو آهي. نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ سندس شاعريءَ ۾ هڪ عجيب ميٺاج پيدا ڪن ٿا. سندس شاعري ڪيترن ئي سنڌي فنڪارن جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿي ۽ عوام ۾ بي انتها مشهور ٿي. نالي واري ڳائڻيءَ ڀڳونتي ناواڻيءَ سندس ڪجه ڪلام آڪاش واڻيءَ لاءِ به رڪارڊ ڪيا جيڪي هندستان جي سنڌي ٻڌندڙن ۾ اڄ به مشهور آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”اکيون آليون اڻڀا وار“ 1972ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

پاڻ 25 آڪٽوبر 2007ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. "سرويچ سجاولي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-13. 
  2. Khwaja, Iqbal. "Firebrand poet Sarvech Sujawali dies". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-03-13.