مواد ڏانھن هلو

ڪيمبرج يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيمبرج يونيورسٽي
فائل:University of Cambridge coat of arms official version.svg
ڪيمبرج يونيورسٽي جو نشان
لاطيني ٻولي: [Universitas Cantabrigiensis] Error: {{Lang}}: text has italic markup (help)
چونڊيل چوڻيھن جاء تان اسان کي جاڳرتا ۽ قيمتي ڄاڻ ملي ٿي
قسمپبلڪ تحقيقي يونيورسٽي
سرگرم1209
سهڪار£6.441 billion (including colleges) (بمطابق

31 جولاءِ 2018[[Category:اهي مضمون جن ۾ ممڪن طور پراڻا بيان شامل آهن from اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.]]


)

[3]
بجٽ£1.965 

ارب پائونڊ (جنھن ۾ ڪاليجون شامل ناھن)

[4]
چانسلرلارڊ سئنسبري آف ٽرول
وائيس چانسلراسٽيفن ٽوپ [5]
تدريسي عملو
7,913[6]
انتظامي عملو
3,615[6]
شاگردسانچو:HESA student population (سانچو:HESA year)[7]
انڊر گريجوئيٽسانچو:HESA undergraduate population (سانچو:HESA year)[7]
پوسٽ گريجوئيٽسانچو:HESA postgraduate population (سانچو:HESA year)[7]
پتوڪيمبرج ، انگلينڊ، يونائيٽيڊ ڪنگڊم
ڪيمپسيونيورسٽي ٽائون
288 ھيڪٽرs ([convert: unknown unit])[8]
رنگ  ڪيمبرج نيرو[9]
لاڳاپا
ويب سائيٽcam.ac.uk
فائل:University of Cambridge logo.svg


يونيورسٽي آف ڪيمبرج: (انگريزي: University of Cambridge) يا ڪيمبرج يونيورسٽي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ملڪ انگلينڊ جي ھڪ جڳ مشھور پبلڪ ۽ تحقيقي يونيورسٽي جيڪا دنيا جي سڀ کان پراڻن بچي ويل درسگاھن ۾ شامل آهي. ھن درسگاهه جو بنياد 1209 ۾ پيو ۽ ان جي منظوري 1231 ۾ ھينري ٽئين شاھي چارٽر ذريعي ڏني. انگريزي ٻوليءَ جي دنيا ۾ ھي ٻيون نمبر پراڻي درسگاھ آهي ۽ دنيا جي درسگاهن ۾ اھا دنيا جي چوٿون نمبر پراڻي درسگاھ آهي.[10] ھن يونيورسٽي جو بنياد آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن وڌو جن کي شھر جي ماڻھن جي تڪرار ڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان نيڪالي ڏني وئي ھئي.[11] انھن ٻنھن قديم درسگاهن م ڪافي ھڪجھڙائي رھندي آئي ۽ اڪثر ٻنھي کي تذڪري دوران گڏائي آڪسبرج سڏيو ويندو آهي. تاريخي طور تي پوء بہ ڪيمبرج يونيورسٽي دنيا جي درسگاهن ۾ وڌيڪ شانائتو مقام رکندڙ آھي. [12] ھن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن جو تعداد 31 آهي ان کان علاوه ھڪ سؤ شعبن وارا ڇھ اسڪول پڻ لاڳاپيل اٿس. يونيورسٽي جو ھڪ شعبو ڪيمبرج يونيورسٽي پريس آهي جيڪا دنيا جو قديم ڇاپخانو آھي ۽ دنيا جي ٻيون نمبر پراڻي يونيورسٽي پريس آهي. ھن يونيورسٽي جو ھڪ شعبو يونيورسٽي آف ڪيمبرج لوڪل اگزيمنيشنس سينڊيڪيٽ جنھن کي ڪيمبرج امتحانن جو شعبو بہ چون ٿا. اھو شعبو دنيا جي ھر اول امتحان وٺندڙ ادارن ۾ سر فھرست آھي جيڪو ھر سال اسي لک شاگردن جي امتحانن جي چڪاس ڪندي نتيجا ڪڍندو آهي. يونيورسٽي جي نگراني ۾ فٽزوليم ميوزيم، نباتاتي باغ سميت اٺ ثقافتي ۽ سائنسي ميوزيم پڻ آهن. يونيورسٽي جي ڪتبخانن ۾ ڏيڍ ڪروڙ ڪتاب آھن جن مان اسي لک ڪتاب رڳو يونيورسٽي جي مرڪزي ڪتبخاني ڪيمبرج يونيورسٽي لائبريري ۾ آھن.31 جولاءِ 2018 تي پوري ٿيندڙ مالياتي سال تي يونيورسٽي جي، ڪاليجن جي آمدني کان سواءِ، جملي آمدني 1.965 ارب اسٽرلنگ پائونڊ ھئي جنھن مان رڳو ساڍا پندرھن ڪروڙ اسٽرلنگ پائونڊ آمدني تحقيق گرانٽ ۽ معاھدن مان ھئي. [4] ساڳي سال مرڪزي يونيورسٽي ۽ ان جي ڪاليجن جي گڏيل امدادي آمدني 6.4 ارب اسٽرلنگ پائونڊ ھئي ۽ يونيورسٽي جا جملي اثاثا 12.2 ارب اسٽرلنگ پائونڊ ھيا .[4] 2019 ۾ ان جي اثاثن ۾ 40 ڪروڙ اسٽرلنگ پائونڊ جو اضافو ٿيو. ان ڪري کيس يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي امير ترين يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي.[13] ٽائيمز جي سروي مطابق 2019 جي شمار ۾ ھي يونيورسٽي برطانيا جي سڀ کان بھترين درسگاھ ھئي ۽ دنيا جي ٻيون نمبر بھترين درسگاھ ھئي

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Accounts of the Colleges 2017-18" (PDF). 11 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  2. "REPORTS AND FINANCIAL STATEMENT 2018" (PDF). University of Cambridge. 11 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. Colleges £3,188.2M,[1] University (consolidated) £3,253.0M[2]
  4. 1 2 3 "Reports and Financial Statements for the year ended 31 July 2018 - Cambridge University Reporter 6530". www.admin.cam.ac.uk.
  5. "New Vice-Chancellor for Cambridge". University of Cambridge (انگريزي ۾). 2 October 2017. 25 October 2017 تي حاصل ڪيل.
  6. 1 2 "Facts and Figures January 2018" (PDF). University of Cambridge. 1 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. 1 2 3 سانچو:HESA citation
  8. "Estate Data". Estate Management. University of Cambridge. 28 November 2016. 1 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  9. "Identity Guidelines – Colour" (PDF). University of Cambridge Office of External Affairs and Communications. اصل نسخو (PDF) مان 10 September 2008 تي محفوظ ڪيل. 28 March 2008 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  10. Sager, Peter (2005). Oxford and Cambridge: An Uncommon History.
  11. "A Brief History: Early records". University of Cambridge. 17 August 2008 تي حاصل ڪيل.
  12. "World's most prestigious universities 2016". Times Higher Education (THE) (انگريزي ۾). 4 May 2016. 2 December 2017 تي حاصل ڪيل.
  13. Adams, Richard; Greenwood, Xavier (28 May 2018). "Oxford and Cambridge university colleges hold £21bn in riches". The Guardian.