پاڪستان جو نگران وزيراعظم
ڏيک
| نگران وزير اعظم جو اسلامي جمهوريه پاڪستان | |
|---|---|
پاڪستان جي وزيراعظم جو جهنڊو | |
| خطاب جو انداز | جناب اعليٰ (سفارتي) وزير اعظم (غير رسمي) محترم وزير اعظم (رسمي) |
| رڪن | |
| سرڪاري رهائشگاهه | |
| مقرر ڪندڙ | صدرِ پاڪستان وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ؛ جيڪڏهن اتفاق نه ٿي ته اي سي پي ڪنهن کي به مقرر ڪري سگھي ٿو. |
| مدتِ عهدي | ٽي مهينا |
| پهريون عهديدار | غلام مصطفيٰ خان جتوئي (1990) |
| قيام | 6 آگسٽ 1990 |
| ويب سائيٽ | www.pmo.gov.pk/ |
پاڪستان جو نگران وزير اعظم (انگريزي: Caretaker Prime Minister) پاڪستان جي حڪومت جو اڳواڻ هوندو آهي، جڏهن قومي اسيمبلي ٽٽي وڃي. هن عهدي جو مطلب آهي ته جيئن چونڊون صاف و شفاف ممڪن بڻائي سگھجن.[1] موجوده نگران وزيراعظم چيف جسٽس ناصر الملڪ آهي، جنهن 1 جون 2018ع تي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ عهدو سنڀاليو آهي.[2]
وفاقي قانون ۽ آئين
[سنواريو]قومي اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري يا ان کان اڳ ٽوڙي وڃي، ته صدرِ پاڪستان نگران حڪومت مقرر ڪندو آهي، پر ان ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو راضپو لازمي هوندو آهي، جيڪي متفق ٿين ته ڪنهن کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو وڃي. جيڪڏهن وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ اتفاق نه ٿي سگھي ته، صدر آزاد هوندو آهي ۽ ڪنهن کي به نگران وزيراعظم مقرر ڪري سگھي ٿو، اڪثر اهو مرحلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي صلاح سان ڪيو ويندو آهي.[3]
پاڪستان جا نگران وزير اعظم
[سنواريو]| No. | تصوير | نالو (ڄم–وفات) |
عهدو سنڀاليائين | عهدو ڇڏيائين | مدو | چونڊون | سياسي وابستگي (اتحاد) |
تشريح | |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| پهريون نگران | غلام مصطفيٰ خان جتوئي[4] (1931–2009) |
6 آگسٽ 1990 | 6 نومبر 1990 | 3 مهينا, | — | نشنل پيپلز پارٽي | جتوئي کي پاڪستان جي صدر غلام اسحاق خان نگران وزير اعظم مقرر ڪيو.[5] | ||
| ٻيو نگران | بلخ شير مزاري[5] (1928–) |
18 اپريل 1993 | 26 مئي 1993 | 1 مهينو, 8 ڏينهن, |
— | پاڪستان پيپلز پارٽي | صدر غلام اسحاق خان مزاري کي نگران وزير اعظم مقرر ڪيو، مزاري جو مدو ان وقت پورو ٿيو جڏهن سپريم ڪورٽ صداري حڪمنامي کي رد ڪري نواز شريف جي حڪومت کي بحال ڪيو..[5] | ||
| ٽيون نگران | محي الدين احمد قريشي[5] (1930–2016) |
18 جولاءِ 1993 | 19 آڪٽوبر 1993 | 3 مهينا, 1 ڏينهن, |
— | آزاد | نواز شريف پاران 1993ع ۾ استعفي کان پوءِ، قريشي کي پاڪستان جو نگران وزير اعظم مقرر ڪيو ويو. | ||
| ڇوٿون نگران | ملڪ معراج خالد[6] (1916–2003) |
5 نومبر 1996 | 17 فيبروري 1997 | 3 مهينا, 12 ڏينهن, |
— | آزاد | معراج خالد کي نومبر 1996ع ۾ ان وقت نگران وزير اعظم مقرر ڪيو ويو جڏهن بينظير ڀٽو جي ختم ڪئي وئي.[5] | ||
| پنجون نگران | محمد ميان سومرو[7] (1950–) |
16 نومبر 2007 | 24 مارچ 2008 | 4 مهينا، 8 ڏينهن، |
— | پاڪستان مسلم ليگ (ق) | سومرو نومبر 2007ع ۾ نگران وزير اعظم جي عهدي تي فائز ٿيو.[7] | ||
| ڇهون نگران | مير هزار خان کوسو[8] (1929–) |
25 مارچ 2013 | 5 جون 2013 | 2 مهينا, 11 ڏينهن, |
— | آزاد | کوسو کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 24 مارچ تي مقرر ڪيو.,[9] and took oath on 25 March 2013.[10] | ||
| ستون نگران[11] | ناصر الملڪ (1950–) |
1 جون 2018 | 17 آگسٽ 2018 | 2 مهينا, 16 ڏينهن, |
— | آزاد | ناصر الملڪ کي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه 28 مئي 2018ع تي مقرر ڪيو.[12] | ||
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Chapter 2: "Electoral Laws and Conduct of Elections" of Part VIII: "Elections"". www.pakistani.org.
- ↑ "Oversight: Caretaker prime ministers over the years - The Express Tribune". 28 May 2018.
- ↑ "ECP to take decision on caretaker set-up if govt-opposition fails to reach consensus: PM - Pakistan - Dunya News".
- ↑ "Ex-PM Ghulam Mustafa Jatoi passes away". Daily Times. 21 November 2009. 20 October 2012 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 3 4 5 Daily Times https://web.archive.org/web/20131002174343/http://www.dailytimes.com.pk/default.asp?page=story_27-6-2004_pg7_43.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ F. Burns, John (15 November 1996). "Caretaker Premier leads Pakistan into 90 days of no frills". The New York Times. 20 October 2012 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Soomro takes oath as Pakistan's caretaker PM". Xinhua News Agency. 16 November 2007. 21 October 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ECP selects Mir Hazar Khan Khoso as caretaker PM". Dawn. Herald. 24 March 2013. 25 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Justice (r) Mir Hazar Khan Khoso named interim PM of Pakistan". The Express Tribune. AFP/Web Desk. 24 March 2013. 24 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan's caretaker PM Mir Hazar Khan Khoso sworn in". BBC News. 25 March 2013. 25 March 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mulk picked out to serve as caretaker PM - The Express Tribune". 28 May 2018.
- ↑ "Former CJP Nasirul Mulk to be caretaker PM". Dawn (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-05-28. 2018-05-28 تي حاصل ڪيل.
زمرا:
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from September 2017
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: bare URL
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- پاڪستان جو آئين
- پاڪستان جي پارليامينٽ
- پاڪستان جي سياست
- پاڪستان جا سياسي عھديدار
- پاڪستان جا نگران وزير اعظم