شمسي سرشتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
شمسي سرشتي جو خاڪو (درست پيماني تي نه)

شمسي سرشتو سِجَ ۽ ان سان ثقلاً واڙيل فردوسي اجسام تي ٻڌل آهي، جن ۾ ڌرتيءَ سميت اٺ گِرَهه ۽ سندن هيستائين دريافت ڪيل 165 چنڊ، ٽي ننڍ گِرَهه ۽ سندن هيستائين دريافت ڪيل چار چنڊ، ۽ اربين ٻيا ننڍا اجسام شامل آهن. آخري زمري ۾ گِرَهِڙيُون (Asteroids)، ڪائيپر پَٽِيءَ جون وٿون، پُچُڙ تارا (Comets)، وساڙا (Meteoroids)، ۽ بين الگرهياتِي ڌوڙ شامل آهن.

شمسي سرشتي ۾ اَٺ گرھ آهن. سج کان فاصلي جي ترتيب سان انهن جا نالا هيءَ آهن.

  1. عطارد
  2. زھرہ
  3. زمين
  4. مريخ
  5. مشتري
  6. زحل
  7. يورينس
  8. نيپچون

شمسي نظام ۾ ڪيترائي ننڍا گرھ پڻ موجود آهن، جن ۾ ڪجھ هيٺيان آهن.

  1. سيريز
  2. پلوٽو
  3. هاميا
  4. ايرِس
  5. خارون
  6. سيڊنا

تاريخ[سنواريو]

1781ع عيسوي تائين اسان جو علم صرف سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ ڇهين گرهن تائين محدود هو، يعني اسان کي نظام شمسي جي اٺن ميمبرن جي خبر هئي.

1. سج (سن. SUN)

2. عطار (مرڪيوري. MERCURY)

3. زهره (وينس VENUS) 4. زمين (ارٿ EARTH)

5. مريخ ( مارس MARS)

6. مشتري (جيوپيٽر JUPITER)

7. زحل (سئٽرن SATURN)

8. چنڊ (مون MOON)

پوءِ وري 1781 ۾ ئي يورينس (URANUS) دريافت ٿيو. وري 1846ع ۾ نيپچون (NEPTUNE) دريافت ٿيو ۽ 1930ع ۾ پلوٽو (PLUTO) دريافت ٿيو. اهڙيءَ طرح اسان جي نظام شمسي جا ڪل يارنهن ميمبر ڳڻيا ويا. نيپچون (NEPTUNE) گرهه جي ڳولا ائين ٿي هئي، جو ماهرين فلڪيات محسوس ڪيو ته يورينس URANUS گرهه پنهنجي مدار تي متوازن نموني سان گردش نه پيو ڪري، پر ائين ٿو لڳي ته ڪا اڻ ڏٺي قوت ان تي عمل ڪري، ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي، پوءِ ڳولا ڪرڻ تي اها اڻ ڏٺي طاقت نيپچون گرهه جي شڪل ۾ ظاهر ٿي. پوءِ وري جڏهن نيپچون جي مدار کي به غير متوازن محسوس ڪيو ويو ته پوءِ خبر پئي، ته هڪ ٻيو سيارو ”پلوٽو“ ان تي طاقت لڳائي رهيو هو، اهڙي نموني پلوٽو دريافت ٿيو. پر هاڻي وري سائنسدانن جو سڪون ان ڳالهه تي برباد آهي ته پلوٽو سيارو به پنهنجي مدار تي متوازن گردش نه پيو ڪري. بلڪه پوري نظام شمسي ۾ ان جي گردش جو انداز سڀ کان زياده عجيب آهي. ان کان علاوه پلوٽو پنهنجي ليکي تمام ننڍڙو ۽ گهٽ وزن وارو سيارو آهي. اٽڪل 2900 ميل پکيڙ اٿس، يعني زمين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ننڍڙو. ان جي ڪري اهو تسليم ڪري نٿو سگهجي ته پلوٽو پاڻ کان تمام وڏن سيارن يورينس ۽ نيپچون کي طاقت لڳائي غير متوازن ڪري سگهي ٿو. عراق مان لڌل آثارِ قديمه مان هڪ قوم سميرين جي باري ۾ زبردست انڪشاف ٿيا آهن، جن جي مطابق اها قوم تمام گهڻي ذهين هئي ۽ اصل ۾ اسان جي نظام شمسي جي ڏهين سياري (NIBIRU). نيبيرو تان آئي هئي ۽ سائنس ۾ تمام گهڻي ترقي ڪيل هيس. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اهو ئي ڏهون گرهه آهي، جيڪو نظامِ شمسي جي سڀني گرهن کان وڏو آهي ۽ سڀني تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.[1]پلوٽو جو شمار ھاڻي سيارن ۾ ناھي ٿيندو.

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مئي 1994؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}