نيپچون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نيپچون

نيپچون اسان جي نظام شمسي جو آخري گرھ آھي. جيڪو رومين جي سمنڊ جي ديوتا نالي تي رکيو ويو. سج کان ھن نيري گرھ جو مفاصلو چار ارب پنجاھ ڪروڙ ڪلو ميٽر آھي. نيپچون جو ھڪ ڏينھن زمين جي سورھن ڪلاڪن جي برابر آھي.

نيپچون جا تيرنھن چنڊ آھن. زمين کان ھن جو مفاصلو گھڻو پري ھجڻ ڪري ھن جا ٽوٽل چنڊ نه ڳڻي سگھيا آھيون.

نيپچون جي فضاء ۾ % 80 ھائڊروجن % 19 سيڪڙو ھيليئم ۽ تمام گھٽ مقدار ۾ ميٿين موجود آھي.

1998ع ۾ نيپچون تي نظر ايندڙ مھا طوفان جو جائزو ورتو ويو جنھن جو رقبو تيرنھن ھزار ڪلو ميٽر ڊيھ ۽ ڇھ ھزار ڇھ سو ڪلو ميٽر ويڪر آھي. وائجر 2 ھن طوفان کي دريافت ڪئي. 2 نومبر 1994 ۾ ھبل خلائي دوربين کي ھي طوفاني ڌٻو يا نشان نظر نه آيو ھو.

ھي گرھ سج کي پنھنجو ھڪ چڪر 165 زميني سالن ۾ مڪمل ڪري ٿو. پنھنجي دريافت کان پوء ھن 2011 ۾ سج کي پھريون چڪر مڪمل ڪيو. ھي 1846ع ۾ دريافت ٿيو.

نيپچون اھو واحد گرھ آھي جيڪو ميٿاميٽيڪل پريڊکشن جي ذريعي دريافت ٿي.

نيپچون جو وڏي ۾ وڏو چنڊ ٽريٽون آھي جيڪو ھن جي دريافت ٿيڻ کان 17 ڏينھن کان پوء دريافت ڪيو ويو. ٽريٽون نيپچون جو قدرتي چنڊ نه آھي بلڪه ھڪ بونو گرھ ھو جنھن کي نيپچون جي ڪشش پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو. نيپچون جي مدار ۾ 99.5 سيڪڙو جسم ھن ٽريٽون جو آھي. باقي چنڊ صفا ننڍا ننڍا آھن.

مشتري وانگي نيپچون کي به گول دائرا آھن. انھن جا نالا ايڊمز ، لي ويريئر۽ گيل آھن.

1989ع ۾ وائجر 2 کي خاص طور تي نيپچون ڏانھن روانو ڪيو ويو. جيڪو ھن جي انتھائي ويجھي کان گذريو. ھن نيپچون جا ڇھ چنڊ دريافت ڪيا. وائجر ھن جي ٻاھر جي صحيح نموني ناپ ڪئي جيڪي اسان جي ناپ کان 0.5 فيصد گھٽ ھئي.

ھن تي تيز ھوائون ھونديون آھن. انھن جي رفتار 600 ميٽر في سيڪنڊ جي حساب سان ھلن ٿيو. جنھن جي ڪري ھن تي وڏا وڏا طوفان ايندا رھندا آھن.