سيريز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

سيريز (Ceres) اسان جي سچ منڊل جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍي ڄامڙو گرھ Dwarf planet مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ موجود گِرَھِڙِي (سيارچن) جي واٽ Asteroid Belt ۾ موجود آھي. سڀني کان ننڍو ھجڻ باوجود ڏندن ۾ آنڱريون ڏيندڙ Mystery آھي. ھن جو نالو سيريز CERES آھي.

1 جنوري 1801ع تي اٽلي جي تارن جي ڄاڻو گوزپ پيازي Giuseppe Piazzi ھن ننڍي گرھ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. 1772ع ۾ John Elert Board اھو اُڊڪو ظاھر ڪيو تہ مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ ڪو گرھ ٿي سگھي ٿو. جنھن جي گولھا اڃان نه ٿي آھي. 1800ع ۾ 24 تجربيڪارن جي ھڪ ٽولي ٺاھي وئي. جن کي نئين گرھ جي ڳولھا جو ڪم ڏنو ويو. ھن ٽيم گھڻا ئي گِرهڙيا يا ڳرَھِڙِيا (Asteroids) جانچيا پر ڪا اھڙي شئي نه ملي، جنھن کي گرھ جو نالو ئي سگھجي. ان کان پوء گوزپ پيازي کي ان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. دعوت کان پھريائين 1 جنوري 1801ع تي گوزپ ھڪ اھڙي شئي ڳولھي ورتي هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪنھن تاري وانگر ھئي. گوزپ ھن آسماني جسم کي 24 ڀيرا ورائي ورائي ڏٺو. ھن کي لڳو ته ڪو گِرهيڙيو يا ڳرهيڙيو آھي. 24 جنوري تي ھن پنھنجي ٻن دوستن کي خط لکي ھن جي ڄاڻ ڏني. ھن کي سيريز جو نالو ڏنو ويو. Ceres رومين جي ٻني ٻاري جي ديوي جو نالو ھو.

سيريز کي John Elert Board اھو غائب گرھ مڃيو آهي، جنھن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي. سيريز کي گرھ جو نشان به پڻ ڏنو ويو. ان زماني جي سڀني علمي ڪتابن توڙي رسالن ۽ اخبارن ۾ ھن کي گرھ جو درجو ڏنو ويو. ڪيترن ئي ورهين تائين ھي اسان جي نظام جو پنجون گرھ سڏجندو رھيو. جڏھن ھن جي اوسي پاسي ننڍين ننڍين شين جي کوج ٿيندي وئي ته 1802ع تي سر وليئم ھرشل انھن کي Asteroids جو نالو ڏنو . 1860ع تائين ويليئم جي وضاحت کي قبول ڪيو ويو. ڇو ته اسان وٽ گرھ جو ڪو خاص بيان ڪرڻ جو طريقو نه ھو.

پلوٽو جي ڳولھا کان پوء ھڪ ڀيرو ٻيھر سيريز گرھ جي لسٽ ۾ اچي ويو. ڇو ته ان وقت تائين گرھ جي وضاحت لاء ٻه نڪتا ھئا.

1. شئي وٽ ايترو ماس ۽ پاتال ڇَڪَ (گريوٽي) ھجي، جنھن سان ھن جو آڪار لڳ ڀڳ گول ٿي وڃي. 2 . اهو آسماني جسم، جيڪو ڪنھن تاري جي چوڌاري ڦرندو ھجي، جڏھن ته ھو پاڻ تارو يا ڪنھن گرھ جو چنڊ نه ھجي.

سيريز انھن شرطن کي پورو ڪندي ٻيھر گرھ بڻجي ويو. 24 آگسٽ 2006 ۾ ھن وضاحت کي وڌايو ويو ۽ ان ۾ ھڪ نڪتو اڃان شامل ڪيو ويو.

3. ڪنھن بہ آسماني جسم کي تڏھن گرھ مڃيو ويندو جڏھن اھو ايترو وڏو ھجي جو پنھنجي حفاظت ڪري سگھي.

ان آخري نڪتي تي سيريز پورو نه لٿو، ڇو ته سيريز سان گڏ پٿرن جي وھڪري جا لکين پٿر به ھن سان گڏ سج جو چڪر ھڻن ٿا. ايئن سيريز ۽ پلوٽو ٻئين 24 آگسٽ 2006ع تي گرھ جي ڀيٽ يا فھرست کان ٻاھر ٿي ويا. انھن لاء ھڪ نئون نالو ڄاڙو گرھ Dwarf planet آندو ويو.

سيريز 21 ھين صديءَ تائين ڪيترن ئي مرحلن کان گذريو . اڄ اسان ھن کي ڄامڙو يا بندرو گرھ مڃون ٿا. سيريز اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ويجھو ڄامڙو گرھ آھي. سج کان لڳ ڀڳ 413،700،000 ايڪيتاليھ ڪروڙ ستٽيھ لک ڪلو ميٽر پري آھي. پٿرن جي وھڪري ۾ موجود سيريز ھڪ چڪر 1680 ڏينھن يعني 4.61 سال ۾ پورو ڪندو آھي. سيريز تي ھڪ ڏينھن 9 ڪلاڪ چار منٽ جو ٿيندو آھي. ھن جو ڊائيا ميٽر 950 ڪلو ميٽر آھي. جسامت جي ڳالھ ڪجي ته سڄي ڳڙهيڙي جي وھڪري جو 1/3 ٽيون حصو آھي.

جيڪو اسان جي چنڊ جو رڳو چار سيڪڙو آھي. سيريز جي بنياد پٿريليو آھي. ھن جي بنياد جي مٿان برف جي 100 ڪلو ميٽرن جو تھ آھي. ھن ۾ 200 ڪيوبڪ پاڻي ڄميل آھي، جيڪي اسان جي ڌرتي جي پيئڻ جي پاڻي جا ڪيئي ڀاڱا وڌيڪ آھي.

ھن جو مٿاڇرو Iron rich minerals، ڪاربونيٽ منرلس ۽ اھڙن انيڪ ھائيڊريٽ منرلن سان ٺھيل آھي، جيڪي ھن جي اندر پاڻي ھجڻ جا مضبوط اشارا ڏين پيا. ھن جي وايو منڊل ۾ گھڻي مقدار ۾ Water Vaper ھجڻ جون ثابتيون ملن ٿيون. سيريز جي مٿاڇري جي گرمي پڌ 1991ع ۾ ماپيو ويو جيڪو ڪاٽو 38 ھو. ھتي گرمي پڌ ايترو آھي جو جو زندگي سولائي سان جنم وٺي سگھي ٿي.

ڇا سيريز جي اتاھ اونھائين ۾ حياتي ساھ کڻي پئي[سنواريو]

27 سيپٽمبر 2007 تي ناسا 4 ويسٽا ۽ سيريز جي اڀياس لاء Dawn خلائي مشن موڪليو. 6 مارچ 2015 تي ھي سيريز جي مدار ۾ ڪاميابيءَ سان داخل ٿي ويو. ھن سيريز جي چمڪندڙ علائقن جي جانچ پڻ ڪئي. 2016ع تي ناسا دعوا ڪئي ته سيريز تي چمڪندڙ علائقن جي ڪارڻ اڪيلي ۽ وڏي ٻرندڙ يا ڦاٽندڙ جبل جي باھ ٿي سگھن ٿا. اهو ٻرندڙ جبل 4 ڪلو ميٽر آھي. جنھن مان ڄميل برف ، امونيا ۽ ڪيئي لوڻ ٻاھر نڪرندا آھن، جيتوڻيڪ ٻاھر نڪرندي ئي ڄمي ويندا آھن.

سيريز اسان جي نظام شمسي جو اھو اڪيلو ڄامڙو گرھ آھي، جنھن کي چنڊ نه آھي. ڪنھن وقت ھن کي جيولوجيڪل مئل چيو ويو، پر ھاڻي اسان کي خبر آھي تہ ھي ٿورو ئي سھي پر جيئرو آھي. اھا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي جو اسان سيريز ڏي ڌيان ڏيون پيا ھن کان اسان کي ڪائنات جا ڪيترائي راز پڻ ملي سگھن ٿا. ان لاءِ جو ھي سج منڊل جي حيران ڪندڙ جاين مان ھڪ آھي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سائنس جي دنيا، ليکڪ: ظھور احمد