مواد ڏانھن هلو

سيريز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيريس
Ceres
سيريس جو قدرتي رنگن ۾ منظر. ڦوٽو ڊان خلائي جھاز تان مئي 2015 ۾ ورتل.[lower-alpha 1]
دريافت[1]
دريافت ڪندڙGiuseppe Piazzi
دريافت جي تاريخ1 جنوري 1801ع
سڃاڻپون
(1) Ceres
اچارڻ/ˈsɪərz/
نالي جو سبب
سيريس
A899 OF; 1943 XB
بندرو سيارو
سيارچن وارو پٽو
صفتونCererian /s[unsupported input]ˈrɪəriən/,
rarely Cererean /sɛr[unsupported input]ˈrən/[2]
نشان⚳
مداري خاصيتون[3]
دور 2014-Dec-09
(JD 2,457,000.5)
Aphelion2.9773 AU
(445,410,000 ڪلوميٽر)
Perihelion2.5577 AU
(382,620,000 ڪلوميٽر)
2.7675 AU
(414,010,000 ڪلوميٽر)
انحرافيت0.075823
4.60 yr
1,681.63 d
466.6 d
1.278 yr
اوسط مداري رفتار
17.905 km/s
95.9891°
جهڪاءُ10.593° to ecliptic
9.20° to invariable plane[4]
80.3293°
72.5220°
حقيقي مداري عنصر[5]
حقيقي نيم وڏو محور
2.7670962 AU
حقيقي انحرافيت
0.1161977
حقيقي جهڪاءُ
9.6474122°
حقيقي اوسط حرڪت
78.193318 deg/yr
حقيقي مداري عرصو
4.60397 yr
(1681.601 ڏينهن)
پيريهيليون جي اڳڀرائي
54.070272 arcsec/yr
چڙهندڙ ڳانڍاپي جي اڳڀرائي
−59.170034 arcsec/yr
جسماني خاصيتون
ماپون(965.2 × 961.2
× 891.2) ± 2.0 km[6]
اوسط رداس
473 ڪلوميٽر[6]
مٿاڇري جو رقبو
2,770,000 km2[7]
حجم421,000,000 km3[7]
ڪاميٽي(9.393±0.005)×1020 kg[6]
0.00015 Earths
0.0128 Moons
اوسط کثافت
2.161±0.009 g/cm3[8]
مٿاڇري جي ڪشش ثقل
سانچو:Gr m/s2[7]
0.029 g
جڙت جي لمحي جو عنصر
0.37[9][lower-alpha 2] (estimate)
فرار جي رفتار
سانچو:V2 km/s[7]
نجومي گردش جو عرصو
0.3781 d
9.074170±0.000002 h[10]
استوائي گردش جي رفتار
92.61 m/s[7]
محوري جهڪاءُ
[11]
اتر قطب جي رائيٽ اسينشن
291.42744°[12]
اتر قطب جي ڊيڪلينيشن
66.764°[11]
عڪاسي0.090±0.0033 (V-band)[13]
طيفي قسم
C[14]
ظاهري چمڪ
6.64[15] to 9.34[16]
مطلق چمڪ (H)
3.34[3]
زاويائي قطر
0.854″ to 0.339″
  1. Schmadel, Lutz (2003). Dictionary of minor planet names (5th ڇاپو). Germany: Springer. ص. 15. ISBN 978-3-540-00238-3.
  2. Simpson, D. P. (1979). Cassell's Latin Dictionary (5th ڇاپو). London: Cassell Ltd. ص. 883. ISBN 978-0-304-52257-6.
  3. 1 2 "1 Ceres". JPL Small-Body Database Browser. اصل نسخو مان 4 August 2012 تي محفوظ ڪيل. 8 January 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  4. "The MeanPlane (Invariable plane) of the Solar System passing through the barycenter". 3 April 2009. اصل نسخو مان 14 May 2009 تي محفوظ ڪيل. 10 April 2009 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد) (produced with Solex 10 آرڪائيو ڪيا ويا 24 May 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. written by Aldo Vitagliano; see also Invariable plane)
  5. "AstDyS-2 Ceres Synthetic Proper Orbital Elements". Department of Mathematics, University of Pisa, Italy. اصل نسخو مان 5 October 2011 تي محفوظ ڪيل. 1 October 2011 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. 1 2 3 "05. Dawn Explores Ceres Results from the Survey Orbit" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 5 September 2015 تي محفوظ ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. 1 2 3 4 5 Calculated based on the known parameters
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Lakdawalla1112".
  9. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Park2016".
  10. Chamberlain, Matthew A.; Sykes, Mark V.; Esquerdo, Gilbert A. (2007). "Ceres lightcurve analysis – Period determination". Icarus 188 (2): 451–456. doi:10.1016/j.icarus.2006.11.025. Bibcode: 2007Icar..188..451C.
  11. 1 2 "Asteroid Ceres P_constants (PcK) SPICE kernel file". 5 November 2015 تي حاصل ڪيل.
  12. Konopliv, A.S.; Park, R.S.; Vaughan, A.T.; Bills, B.G.; Asmar, S.W.; Ermakov, A.I.; Rambaux, N.; Raymond, C.A. et al. (2018). "The Ceres gravity field, spin pole, rotation period and orbit from the Dawn radiometric tracking and optical data". Icarus 299: 411–429. doi:10.1016/j.icarus.2017.08.005. Bibcode: 2018Icar..299..411K. http://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S001910351730341X.
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Li2006".
  14. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Rivkin2006".
  15. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Pasachoff1983".
  16. APmag and AngSize generated with Horizons(Ephemeris: Observer Table: Quantities = 9,13,20,29) آرڪائيو ڪيا ويا 4 February 2021 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.


سيريس (Ceres، علامت:⚳)[1] اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ڄامڙو گرھ (Dwarf planet) مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ موجود اپگرھ (سيارچ) جي واٽ استیروئید بیلت (Asteroid Belt) ۾ موجود آھي. سڀني کان ننڍو ھجڻ باوجود ھڪ معمو (Mystery) آھي. ھن جو نالو سيريس (CERES) آھي.

1 جنوري 1801ع تي اٽلي جي ماھر فلڪيات گيوسيپي پيازي (Giuseppe Piazzi) ھن اپگرھ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. 1772ع ۾ جان ايلرٽ بورڊ (John Elert Board) اھو اُڊڪو ظاھر ڪيو تہ مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ ڪو گرھ ٿي سگھي ٿو، جنھن جي ڳولھا اڃان نه ٿي آھي. سال 1800ع ۾ 24 تجربيڪارن جي ھڪ ٽولي ٺاھي وئي، جن کي نئين گرھ جي ڳولھا جو ڪم ڏنو ويو. ھن ٽيم گھڻا ئي گِرهڙيا يا ڳرَھِڙِيا يا شھاب ثاقب (Asteroids) جانچيا پر ڪا اھڙي شئي نه ملي، جنھن کي گرھ جو نالو ڏئي سگھجي. ان کان پوء گيوسيپي پيازي کي ان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. دعوت کان پھريائين 1 جنوري 1801ع تي گيوسيپي ھڪ اھڙي شئي ڳولھي ورتي هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪنھن تاري وانگر ھئي. گيوسيپي ھن آسماني جسم کي 24 ڀيرا وري وري ڏٺو. ھن کي لڳو ته ڪو گِرهيڙيو يا ڳرهيڙيو (asteroid) آھي. 24 جنوري تي ھن پنھنجي ٻن دوستن کي خط لکي ھن جي ڄاڻ ڏني. ھن کي سيريز جو نالو ڏنو ويو. Ceres رومين جي ٻني ٻاري جي ديوي جو نالو ھو.

سيريس کي جوھن ایلیرت بورد (John Elert Board) اھو غائب گرھ مڃيو آهي، جنھن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي. سيريز کي گرھ جو نشان به پڻ ڏنو ويو. ان زماني جي سڀني علمي ڪتابن توڙي رسالن ۽ اخبارن ۾ ھن کي گرھ جو درجو ڏنو ويو. ڪيترن ئي ورهين تائين ھي اسان جي نظام جو پنجون گرھ سڏجندو رھيو. جڏھن ھن جي اوسي پاسي ننڍين ننڍين شين جي کوج ٿيندي وئي ته سال 1802ع تي سر وليئم ھرشل انھن کي Asteroids جو نالو ڏنو. 1860ع تائين ويليئم جي وضاحت کي قبول ڪيو ويو. ڇو ته اسان وٽ گرھ جو ڪو خاص بيان ڪرڻ جو طريقو نه ھو.

پلوٽو جي ڳولھا کان پوء ھڪ ڀيرو ٻيھر سيريس گرھ جي لسٽ ۾ اچي ويو. ڇو ته ان وقت تائين گرھ جي وضاحت لاء ٻه نڪتا ھئا.

1. شئي وٽ ايترو ماس ۽ پاتال ڇَڪَ (گريوٽي) ھجي، جنھن سان ھن جو آڪار لڳ ڀڳ گول ٿي وڃي. 2 . اهو آسماني جسم، جيڪو ڪنھن تاري جي چوڌاري ڦرندو ھجي، جڏھن ته ھو پاڻ تارو يا ڪنھن گرھ جو چنڊ نه ھجي.

سيريس انھن شرطن کي پورو ڪندي ٻيھر گرھ بڻجي ويو. 24 آگسٽ 2006 ۾ ھن وضاحت کي وڌايو ويو ۽ ان ۾ ھڪ نڪتو اڃان شامل ڪيو ويو.

3. ڪنھن بہ آسماني جسم کي تڏھن گرھ مڃيو ويندو جڏھن اھو ايترو وڏو ھجي جو پنھنجي حفاظت ڪري سگھي.

ان آخري نڪتي تي سيريز پورو نه لٿو، ڇو ته سيريس سان گڏ پٿرن جي وھڪري جا لکين پٿر به ھن سان گڏ سج جو چڪر ھڻن ٿا. ايئن سيريز ۽ پلوٽو ٻئين 24 آگسٽ 2006ع تي گرھ جي ڀيٽ يا فھرست کان ٻاھر ٿي ويا. انھن لاء ھڪ نئون نالو ڄاڙو گرھ (Dwarf planet) آندو ويو.

سيريس 21 ھين صديءَ تائين ڪيترن ئي مرحلن کان گذريو. اڄ اسان ھن کي ڄامڙو يا بندرو گرھ مڃون ٿا. سيريس اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ويجھو ڄامڙو گرھ آھي. سج کان لڳ ڀڳ 41,37,00,000 ڪلوميٽر پري آھي. پٿرن جي وھڪري ۾ موجود سيريس ھڪ چڪر 1680 ڏينھن يعني 4.61 سال ۾ پورو ڪندو آھي. سيريس تي ھڪ ڏينھن 9 ڪلاڪ چار منٽ جو ٿيندو آھي. ھن جو ڊائيا ميٽر 950 ڪلوميٽر آھي. جسامت جي ڳالھ ڪجي ته سڄي ڳڙهيڙي جي وھڪري جو 1/3 ٽيون حصو آھي.

جيڪو اسان جي چنڊ جو رڳو چار سيڪڙو آھي. سيريس جي بنياد پٿريليو آھي. ھن جي بنياد جي مٿان برف جي 100 ڪلوميٽرن جی تھہ آھي. ھن ۾ 200 ڪيوبڪ ڪلوميٽر پاڻي ڄميل آھي، جيڪي اسان جي ڌرتي جي پيئڻ جي پاڻي جا ڪيئي ڀاڱا وڌيڪ آھي.

ھن جو مٿاڇرو لوھہ واری معدنیات Iron rich) minerals)، ڪاربونيٽ منرلس ۽ اھڙن انيڪ ھائيڊريٽ منرلن سان ٺھيل آھي، جيڪي ھن جي اندر پاڻي ھجڻ جا مضبوط اشارا ڏين پيا. ھن جي وايو منڊل ۾ گھڻي مقدار ۾ پاڻي جا بخارات Water) Vapor) ھجڻ جا ثبوت ملن ٿيون. سيريس جي مٿاڇري جي گرمي پڌ 1991ع ۾ ماپيو ويو جيڪو ڪاٽو °38 سینتی گرید ھو. ھتي گرمي پڌ ايترو آھي جو جو زندگي سولائي سان جنم وٺي سگھي ٿي.

ڇا سيريز جي اتاھ اونھائين ۾ حياتي ساھ کڻي پئي

[سنواريو]

27 سيپٽمبر 2007 تي ناسا 4 ويسٽا ۽ سيريز جي اڀياس لاء Dawn خلائي مشن موڪليو. 6 مارچ 2015 تي ھي سيريز جي مدار ۾ ڪاميابيءَ سان داخل ٿي ويو. ھن سيريز جي چمڪندڙ علائقن جي جانچ پڻ ڪئي. 2016ع تي ناسا دعوا ڪئي ته سيريز تي چمڪندڙ علائقن جي ڪارڻ اڪيلي ۽ وڏي ٻرندڙ يا ڦاٽندڙ جبل جي باھ ٿي سگھن ٿا. اهو ٻرندڙ جبل 4 ڪلو ميٽر آھي. جنھن مان ڄميل برف ، امونيا ۽ ڪيئي لوڻ ٻاھر نڪرندا آھن، جيتوڻيڪ ٻاھر نڪرندي ئي ڄمي ويندا آھن.

سيريز اسان جي نظام شمسي جو اھو اڪيلو ڄامڙو گرھ آھي، جنھن کي چنڊ نه آھي. ڪنھن وقت ھن کي جيولوجيڪل مئل چيو ويو، پر ھاڻي اسان کي خبر آھي تہ ھي ٿورو ئي سھي پر جيئرو آھي. اھا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي جو اسان سيريز ڏي ڌيان ڏيون پيا ھن کان اسان کي ڪائنات جا ڪيترائي راز پڻ ملي سگھن ٿا. ان لاءِ جو ھي سج منڊل جي حيران ڪندڙ جاين مان ھڪ آھي. [2]


حوالا

[سنواريو]
  1. JPL/NASA (2015-04-22). "What is a Dwarf Planet?". Jet Propulsion Laboratory. 2022-01-19 تي حاصل ڪيل.
  2. سائنس جي دنيا، ليکڪ: ظھور احمد
  1. This image was taken by the Dawn spacecraft on 2 May 2015, during a "rotation characterization" orbit, 13,642 ڪلوميٽر (8,477 mi) above the surface of Ceres. Visible at center and center right are two bright spots, a phenomenon common on Ceres, in Oxo and Haulani craters respectively. Ahuna Mons is also visible in the image as a noticeable, bluff hill, seen just right of bottom.
  2. The value of 0.37 is the mean moment of inertia, which is thought to better represent Ceres' interior structure than the polar moment of inertia (0.39), due to the high polar flattening.[9]
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو