مشتري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

Jupiter and its shrunken Great Red Spot.jpg
مشتري ويجھو کان

Jupiter symbol.svg = مشتري جو خلائي نشان

مشتري (Jupiter) سَيارو سج کان پنجين نمبر تي پري آهي. يعني مرڪري، وينس، ڌرتي ۽ مارس کان پوءِ جوپيٽر آهي ۽ سج جي چوڌاري هڪ ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻارهن کن سال لڳائي ٿو. يعني جيوپيٽر جو هڪ سال اسان جي ڌرتيءَ جي ٻارهن سالن برابر آهي. جيو پيٽر اسانجي سج منڊل يا شمسي نظام جو سڀ کان وڏو سَيارو آهي. باقي سيارن جي تور ڪجي ته ان کان اڍائي دفعا وڌيڪ تور جوپيٽر جي ٿيندي. رات جو آسمان ۾ چنڊ ۽ زهره کان پوءِ هي ٽيون نمبر گهڻو چمڪندڙ سيارو آهي. سال جي ڪجهه ڏينهن ۾ هن جي پوزيشن اهڙي رهي ٿي جو مريخ (Mars) سَيارو وڌيڪ چمڪندڙ (Bright) نظر اچي ٿو. سواءِ ٿوري هيليم گئس ۽ پٿرن جي هي سيارو هائڊروجن گئس جو آهي. جوپيٽر جو ڊاياميٽر 143000 ڪلوميٽر آهي. يعني اسان جي ڌرتيءَ کان يارهن دفعا وڏو آهي. هي سَيارو مشتري (Jupiter) به پنهنجي محور جي چوڌاري لاٽونءَ وانگر گول ڦري ٿو ۽ اسانجي سج منڊل ۾ سڀ کان تکو هي سَيارو ڦري (rotate) ڪري ٿو. مشتري پنهنجي محور تي چڪر ڏهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو. يعني جوپيٽر تي 5 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 5 ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي. جيوپيٽر کي پنهنجا سٺ کن چنڊ آهن، جن مان فقط چار وڏا آهن، باقي چنڊن جو ڏهه ڪلوميٽرن کان گهٽ ڊاياميٽر آهي. جيوپيٽر تي رات جي وقت به ڪي قدر روشني رهندي آهي.[1] [2] [3]

مشتري اسان جي ھن سج منڊ ۾ سج کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏو آسماني گرھ مشتري آھي. ھي اسانجي نظام جو ھڪ اھم گرھ آھي. جهڙي نموني هي اسانجي گرھن جي نظام جي سڀني گرھن کان وڏو آهي، تھڙي نموني ھن جا چنڊ به گھڻا آھن. محققن جي مطابق ھن جو جسم ماپڻ لاء اسان جي زمين جھڙن يارنهن گرھن جي ضرورت پوندي. ان حساب سان جي زمين کان 121.9 سيڪڙو وڏو وجود رکي ٿو. مشتري ۾ زمين جي مقابلي ۾ 317.7 سيڪڙو مادو موجود آھي. ھي ڳالھ حيرت ۾ وجھندڙ آھي ته سج جي مقابلي ۾ مشتري 0.14 سيڪڙو آھي. 1610ع ۾ جرمن ماھر فلڪيات سائيمن ميروئس ۽ اٽلي جي مشھور ماھر فلڪيات گليليو جي تحقيق کان پوءِ ھن حقيقت کان پردو ھٽايو هو ته مشتري صدين کان وٺي پنھنجي 69 چنڊن سان گڏ پنھنجي مدار ۾ گھمي رھيو آھي. تحقيق ڪندڙن ھنن چنڊن کي مختلف گروپن ۾ ورھايو آھي. انھن کي ريگيولر سيٽلائيٽ ۽ ارريگيولر سيٽلائيٽ جو نالو ڏنو آھي. ريگيولر چنڊ پنھنجي مدار ۾ باقائدگي سان گردش ڪن ٿا جڏھن ته ارريگيولر ڏاڍي سست رفتار سان پنھنجي ونهوار تي هلن ٿا. ريگيولر سيٽلائيٽن کي محققن وري ٻن حصن ۾ ورھايو آھي . ھڪ مين سيٽلائيٽ ٻيو انر سيٽلائيٽ. انر سيٽلائيٽن کي امالٿيا گروپ پڻ چيو ويندو آھي. جيڪي مشتري جي ويجھي ۾ ويجھا چنڊ آھن. جڏھن ته مين سيٽلائيٽ جن کي گليليو مونز جو نالو ڏنو ويو آھي. اھي سج ۽ ٻين گرھن کان پوءِ نظام شمسي ۾ وڏا رکندڙ جسم آھن. اھي سج کان روشني وٺي مشتري جي مٿاڇري کي روشن ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ڪجھ چنڊ اھڙا به آھن، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن نظر اچن ٿا. آء او Io مشتري جي چنڊن مان سڀني کان وڏو چنڊ آھي. جنھن تي چار سئو کان وڌيڪ ٻرندڙ جبل يا ڦاٽندڙ جبل آهن، جيڪي سلفر ۽ سلفر ڊاء آڪسائيڊ ڪڍن ٿا. ان چنڊ تي سؤ کان وڌيڪ ايترا تہ وڏا جبل آھي، جيڪي اسانجي مائونٽ ايورسٽ کان وڌيڪ وڏا آھن. مشتري جو اھم چنڊ ڪولسٽو جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو آھي. جنھن جي قطر 2996 ميل آھي. جيڪو مشتري کان 1,170,042 ميل جي مفاصلي کان گردش ۾ آھي . ھن تي پاڻي ۽ دھند جو وڏو ذخيرو موجود آھي . ان جي اندرئين سطح ۾ پاڻي جا سمنڊ پڻ موجود آھن. جوپيٽر فور امالٿيا 1892 ۾ دريافت ٿيندڙ ھي مشتري جو چنڊ انر سيٽلائيٽ جو سڀني کان وڌيڪ مفاصلو رکندڙ چنڊ آھي. پاڻي جا ذخيرا پڻ اٿس. ماھرن جي خيال آهر زندگي جا آثار مشتري ۽ ان جي 69 چنڊن تي اڃا تائين نه ملي سگھي آھي.[4]

مشتري JUPITER اسان جي ھن سولر سسٽم ۾ سج کان ٻئي نمبر تي وڏو آسماني گرھ مشتري آھي . ھي اسانجي نظام جو ھڪ اھم پرزو آھي . مشتري جيڪو اسانجي نظام جي سڀني گرھن کان وڌيڪ جسامت رکي ٿو تھڙي طرح ھن جا چنڊ به گھڻا آھن . محققين جي مطابق ھن جو جسم ماپڻ لاء اسان جي زمين جھڙا يارنهن گرھن جي ضرورت پوندي . ان حساب سان جي زمين کان 121.9 سيڪڙو وڏو وجود رکي ٿو .

مشتري ۾ زمين جي مقابلي ۾ 317.7 سيڪڙو مادو موجود آھي . ھي ڳالھ حيرت ۾ وجھندڙ آھي ته سج جي مقابلي ۾ مشتري 0.14 سيڪڙو آھي .

1610 ء ۾ جرمن ماھر فلڪيات سائيمن ميروئس ۽ اٽلي جي مشھور زمانه ماھر نجوم گليليو جي بي پناھ تحقيق کان پوء ھن حقيقت کان پردو ھٽيو ته مشتري صدين کان وٺي پنھنجي 69 چنڊن سان گڏ پنھنجي مدار ۾ گھمي رھيو آھي .

تحقيق ڪندڙن ھنن چنڊن کي مختلف گروپن ۾ ورھايو آھي . انھن کي ريگيولر سيٽلائيٽ ۽ ارريگيولر سيٽلائيٽ جو نالو ڏنو آھي . ريگيولر چنڊ پنھنجي مدار ۾ باقائدگي سان گردش ڪن ٿا جڏھن ته ارريگيولر انتهائي سست رفتار سان پنھنجي معمولات تي قائم آھن .

ريگيولر سيٽلائيٽن کي محققن وري ٻن حصن ۾ ورھايو آھي . ھڪ مين سيٽلائيٽ ٻيو انر سيٽلائيٽ .

انر سيٽلائيٽن کي امالٿيا گروپ پڻ چيو ويندو آھي . جيڪي مشتري جي ويجھي ۾ ويجھا چنڊ آھن .

جڏھن ته مين سيٽلائيٽ جن کي گليليو مونز جو نالو ڏنو ويو آھي . اھي سج ۽ ٻين گرھن کان پوء نظام شمسي ۾ وڏي جسامت رکندڙ جسم آھن . اھي سج کان روشني وٺي مشتري جي مٿاڇري کي روشن ڪن ٿا . جيتوڻيڪ ڪجھ چنڊ اھڙا به آھن جيڪي ڪڏھن ڪڏھن نظر اچن ٿا .

آء او Io مشتري جي چنڊن مان سڀني کان وڏو چنڊ آھي . جنھن تي چار سؤ کان وڌيڪ آتش فشان جيڪي سلفر ۽ سلفر ڊاء آڪسائيڊ ڪڍن ٿا . ان چنڊ تي سؤ کان وڌيڪ ايترا تہ وڏا جبل آھي جيڪي اسانجي مائونٽ ايورسٽ کان وڌيڪ وڏا آھن .

مشتري جو اھم چنڊ ڪولسٽو جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو آھي . جنھن جي قطر 2996 ميل آھي . جيڪو مشتري کان 1,170,042 ميل جي مفاصلي کان گردش ۾ آھي . ھن تي پاڻي ۽ دھند جو وڏو ذخيرو موجود آھي . ان جي اندرئين سطح ۾ پاڻي جا سمنڊ پڻ موجود آھن .

جوپيٽر فور امالٿيا 1892 ۾ دريافت ٿيندڙ ھي مشتري جو چنڊ انر سيٽلائيٽ جو سڀني کان وڌيڪ مفاصلو رکندڙ چنڊ آھي . پاڻي جا ذخيرا پڻ اٿس .

ماھرين جي خيال موجب زندگي جا آثار مشتري ۽ ان جي 69 چنڊن تي اڃا تائين نه ملي سگھي آھي .

حوالا[سنواريو]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ
  4. سائنس جي دنيا، ظهور احمد