90377 سيڊنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيڊنا (Hubble Space Telescope)

سيڊنا SEDNA (علامت: ⯲)[1]

اسان جي نظام شمسي جو ھي ننڍو گرھ انتھائي عجيب آھي . ھن جو سج کان مفاصلو سيڊنا کي عجيب بنائي ٿو . ھي اسان جي سولر سسٽم جو سڀني کان پري گرھن ۾ ڳڻيو ويندو آھي .

سيڊنا جي کوج 14 نومبر 2003 ۾ مائيڪل اي برائون ، ڪيٽ ٽروزلو ، ڊريوڊ ڊرونو ڪيو ھو . مڃيو ويندو آھي ته سيڊنا ڪوپر بيلٽ کان گھڻو پري آھي .سيڊنا جو مدار الائي بيضوي آھي . جڏھن ھي سج جي بلڪل ويجھو ھوندو آھي ته ھن جي سج کان مفاصلو لڳ ڀڳ 97 اسٽرونوميڪل يونٽ ھجي ٿو .

ان جو اندازو ايئن لڳائجي ته جيترو سج کان پلوٽو جو مفاصلو آھي ان کان ٽي گنا وڌيڪ آھي . ۽ جڏھن سج کان گھڻي ۾ گھڻو پري ھجي ٿو ته ھن جو سج کان مفاصلو 937 اسٽرونوميڪل يونٽ ھجي ٿو . ٻين لفظن ۾ چئجي ته 140 بلين ڪلو ميٽر آھي

سج جي روشني سيڊنا تائين پھچڻ ۾ پنج ڏينھن کان به وڌيڪ وقت لڳي ٿو . اڃان تائين جي مليل سيارن ۽ ننڍن سيارن جو سڀني کان وڌيڪ مفاصلو سيڊنا جو آھي .

ھبل ٽيلي اسڪوپ 2004 ء ۾ اسان کي ٻڌايو ته سيڊنا کي ڪو به چنڊ نه آھي . سيڊنا کي سج جو ھڪ چڪر لڳائڻ ۾ 11،400 سال جو وقت لڳي ٿو .

سيڊنا جي ڳجھارت کي سلجھائيندي شايد اسانکي اھيا ڳالھ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ته اسانجو ھي ڪائنات اھڙن ھزارين ڳجھارتن سان ڀريل آھي . اھيا ھڪ ڳجھارت آھي ته آخر سيڊنا ايترو پري ؟ ڪٿان آيو ؟ ڇا ھن نظام شمسي ۾ پيدا ٿيو ؟ ايئن به ٿي سگھي ٿو ته ھن جي پيدائش ٻئي ڪنھن نظام شمسي ۾ ٿي ھجي ۽ اسان جي نظام شمسي جي گريوٽي ۾ ڦاسي پيو ھجي ؟

2075ء ۽ 2076ء ۾ سيڊنا سج جي صفا ويجھو ھوندو . تڏھن سيڊنا جو مفاصلو تقريبا 75 اسٽرونوميڪل يونٽ ھوندو . ناسا جو سيڊنا تي فلحال مشن موڪلڻ جو ڪو پروگرام نه آھي . جيتوڻيڪ 2075 ۽ 76 جي موقعي کي اسان ضايع ڪيوسين ته اڳيون موقعو اسان کي ٻارھن ھزار سالن کان پوء ملندو .

اسان کي سيڊنا تائين پھچڻ ۾ تقريبا 25 سال لڳندا . اھو به تڏھن جڏھن مشتري جي گريوٽي اسان جو ساٿ ڏيندي . جيڪڏھن اسان کي سيڊنا کي تسخير ڪرڻو آھي ته 2033ء ۾ پرواز ڪرڻو پوندو.

شايد ڪير به ھن سونھري موقعي کي ضايع نه ڪرڻ چاھيندو ڇو ته ڪائنات جو ھر راز پنھنجي پاڻ ۾ انوکو ۽ انمول ھجي ٿو . شايد سيڊنا کان اسان کي اسان جي نظام جي شروعاتي ڄاڻ ملي . اھو ڄاڻ به اسان لاء غنيمت آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. U+2BF2 ⯲. David Faulks (2016) 'Eris and Sedna Symbols,' L2/16-173R, Unicode Technical Committee Document Register.