پلوٽو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
پلوٽو

پلوٽو (اُچار: پلُوٽو، انگريزي: Pluto) شمسي سرشتي ۾ هن وقت تائين جن گرھن جي ڄاڻ پئي آهي، تن ۾ ”پلوٽو“ سڀني کان ڏورانھون گرھ آهي. ڪيڏي به طاقتور دوربين استعمال ڪجي تہ بہ پلوٽو ننڍڙي پيلي رنگ جي داڳ کان وڌيڪ ڪجھ بہ نظر نہ ايندو آهي.

دريافت[سنواريو]

پلوٽو جي دريافت هن دور جي علم فلڪيات جي ماهرن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. سن 1905ع ۾ ”پريسول لاول“ (Precival Lowel) نالي علم فلڪيات جي هڪ آمريڪي ماهر کي اها خبر پئجي ويئي هئي ته هن وقت تائين دريافت ٿيل گرهن کانسواءِ هڪ ٻيو گرهه به نظام شمسيءَ ۾ موجود آهي. سندس اهو عقيدو هن بنياد تي ٻڌل هو ته: ”يورئنيس“ ۽ ”نيپچون“ جي چر پر ۾ جيڪي بي قاعدگيون آهن، سي هن دريافت نه ٿيل گرهه جي موجودگيءَ ڪري آهن، پر بدقسمتيءَ سان ”لاول“ نئين گرهه کي ڳولي لهڻ کان اڳ ئي مري ويو.

لاول جي کوج[سنواريو]

لاول جي کوجنا جو ڪم جاري رکندي، ”ڪلائيڊ ٽامباه“ (Clyde Tombaugh) نالي هڪ فلڪيات جي ٻئي ماهر 1930ع ۾ رات جي وقت آسمان جي ڪن حصن جا فوٽا ورتا. جدا جدا راتين دوران ورتل فوٽن کي ڀيٽندي هن ڏٺو ته فوٽن تي هڪ اهڙو به نُقطو هو جيڪو پنهنجي پوزيشن بدلائي رهيو هو. روشنيءَ جو اهو نقطو لاول وارو ٻڌايل گرهه هو، جنهن کي سائنسدان ”پلوٽو“ چون ٿا. هيءُ گرهه بلڪل انهيءَ هنڌ تي ظاهر ٿيندو آهي، جتي لاول ٻڌايو هو. ڪي سائنسدان چون ٿا ته پلوٽو هڪ چنڊ به ٿي سگھي ٿو، جيڪو شايد قديم زماني ۾ نيپچون مان ٽٽي ڌار ٿي ويو هجي. 1930ع کان پوءِ جڏهن آگسٽ 2006ع ۾ فلڪيات جي بين الاقوامي يونين وڌيڪ تحقيق ڪئي ته پلوٽو کي ننڍو سيارو يا گرهه قرار ڏنو ويو، سج جي چوڌاري پلوٽو پنهنجو هڪ چڪر 248 زميني سالن ۾ مڪمل ڪري ٿو، هن جي سطح جو گرمي پد 218 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.

پلوٽو PLUTO

انساني تاريخ ۾ نجوم جا عالم اسٽرونومرز رڳو پنجن آسماني گرھن تي ڳالھائيندا ھئا . جن ۾ مرڪري، وينس، مريخ، جيوپيٽر ۽ مشتري ھئا . مگر ارڙھين صديء ۾ نئون گرھ دريافت ٿيو يورينس جي نالي سان ان کانپوء اڻويھين صدئ ۾ اڃان ھڪ ٻئي گرھ جي کوجنا ٿي . جيڪو نيپچون ھو . 1930 ۾ آمريڪي اسٽرانومر ڪلائي ٽامبا پلوٽو جي کوجنا ڪئي .

پلوٽو 2400 ڪلو ميٽر جو ھڪ ننڌو گرھ آھي جيڪو اسان جي چنڊ کان به ننڌو آھي . چنڊ جو ٽئين حصي جيترو آھي .

پلوٽو جا پنج چنڊ آھن . ھن جو پھريون چنڊ 1978ء ۾ دريافت ٿيو . ھن جا ٻه چنڊ نيڪس ۽ ھاڊرا 2005 ۾ جڏھن ته ھڪ چنڊ ڪورينوز 2011 ۽ آخري چنڊ اسٽيڪس 2012 ء ۾ دريافت ڪئي وئي .

تاريخ جي تيز ترين اسپيس ايئر ڪرافٽ نيو رائيزن کي پلوٽو ڏانھن موڪليو ويو . جنھن جي رفتار پنجاھ ھزار ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آھي . جيڪو اڄ تائين جو تيز ترين اسپيس ڪرافٽ آھي . ھن کي پلوٽو تائين پھچڻ ۾ نو 9 سال لڳي ويا . ان سان اندازو لڳايو ته پلوٽو اسان کان ڪيترو پري آھي .

جيڪڏھن توھان ڪنھن گاڏي ۾ 120 جي رفتار سان ھي سفر ڪندا ته ڇھ ھزار سال لڳي ويندا .

پلوٽو زمين کان ٽي ارب ميل پري آھي . نيو رائيزن ايئر ڪرافٽ جي موڪليل تصويرن کي زمين تائين پھچڻ ۾ ساڍا چار ڪلاڪ لڳي ويندا آھن . جڏھن ته سج جي روشني اسان تائين صرف اٺ منٽن ۾ پڄي ٿو .

پلوٽو جي خاص ڳالھ ھي آھي ته ھن تي ڏھ ھزار فٽ بلند پھاڙ آھن جيڪي برف جا ھن . ۽ اھو برف اسان جي پٿرن جي پھاڙ وانگي مضبوط ۽ جٽادار آھن .

ھن جو چنڊ شيرون ان جي اڌ جيترو آھي . شيرون تي ھڪ لڪير آھي جيڪو ھزار ڪلو ميٽرن جو آھي .

اسان کي اسٽرانومرن کي ان ڳالھ جي موٽ ڏيڻي پوندي جو ھنن نيو رائيزن ايئر ڪرافٽ پنج ارب ڪلو ميٽرن تي موڪليو ۽ ٺيڪ ھي وڏي پيتي جيترو ايئر ڪرافٽ اتي وڃي پڳو . 2015 کان اڳ پلوٽو اسان لاء ھڪ ٽٻڪو ھو پر ھاڻي ھي ھڪ عجيب دنيا آھي ھن جا پھاڙ دريائون اسان جي لاء عجيب منظر پيش ڪندڙ آھن

ايڪيھ اگست 2003 ء تي ھبل ٽيلي اسڪوپ ھڪ تيزي سان حرڪت ڪندڙ جسم جي تصوير ڪڍيائين . جنھن جو نالو جينا يا UB313 2003 رکيو ويو جيڪو پلوٽو کان جسامت ۾ وڏو ھو . ھن جو مدار به پلوٽو وانگي ٽيڙو آھي . 24 آگست 2006 تي پنجھتر ملڪن جي ھزارين کوجنا ڪندڙن ھڪ اجلاس ڪيو جنھن ۾ گرھن جي گروپ بندي ڪئي وئي .

ان اجلاس ۾ گرھن کي ٽن اصولن تي گرھ مڃيو ويندو جو قرارداد پيش ٿيو. 1 گرھ اھو آھي جيڪو سج کي ڦري . 2 گرھ جي پنھنجي طاقت ايتري ھجي جو ھو گول ٿي وڃي. 3 پنھنجي مدار الڳ رکي ڪنھن ٻئي سياري جي مدار ۾ نه گھڙي .

ان اجلاس ۾ پلوٽو کان گرھ جو درجو واپس ورتو ويو . ڇو ته ان جو مدار ٻين سيارن جي مدار کي ڪٽيندو آھي . پلوٽو پنجھتر سال سياري جي درجي تي رھيو . ھاڻي ھو بونو گرھ سڏجي ٿو .

حوالو[سنواريو]