شاهاڻي صاحب سنگھه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايس سِي شاھاڻي S. C Shahani
پيدائش حيدرآباد
ڌنڌو انگريزي ادب جو پروفيسر
ٻولي سنڌي
رهائش ڪراچي
قوميت سنڌي
تعليم ايم اي
مادرِ علمي ڊِي جي سنڌ ڪاليج
دور برطانوِي دور
موضوع ناول

صاحب سِنگهہ چندا سِنگهہ شاھاڻي 1869 ڌاري حيدر آباد ۾ سِکن جي هڪ قديم عامل گهراڻي ۾ ڄاپيو.[1]


تعليم[سنواريو]

ايس سِي شاھاڻيءَ ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ ڊِي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ايم اي جي ڊگري بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان امتيازي نمبرن ۾ پراپتِ ڪئي. هن ايم اي ۾ فارسي انگريزي اختياري مضمونن طور کنيا. هي پھريون سنڌي هو، جنھن بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري ورتي.[2]

ملازمت[سنواريو]

ايس سِي شاھاڻيءَ تعيلم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي عملي زندگيءَ جي آرنڀ ولسن ڪاليج ۾ فارسيءَ جي پروفيسر طور پڙهائڻ سان ڪئي، پر بعد ۾ ڊِي جي سنڌ ڪاليج ۾ 1896 ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر مقرر ٿيو، ۽ ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر بِ رهيو. 1917 ۾ ڊِي جي سنڌ ڪاليج جو پھريون سنڌي پرنسپال بڻيو، ۽ هو ان مُرٽي (عھدو) تي 1927 تاڻين مقرر رهيو. هي انڊيا جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان لاءِ آءِ. سِي. ايس جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بِ ٿي رهيو.[3]

جدو جھد ۽ ڪارناما[سنواريو]

ايس سِي شاهاڻِيءَ، استاد جي حيثيت ۾ تعليمي ميدان ۾ تحقيق ۽ ترويج لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون، جيڪي سنڌ جي نئين ٽھيءَ لاءِ اثرائتيون ثابت ٿيون. هن نارِيَنِ جي ڪيڙ (تعليم) لاءِ جاکوڙ ڪئي، ۽ کين ڊِي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا لاءِ همٿايائين. پنھنجي سڀني نياڻين کي ڪيڙ ڏياريائين، سندس هڪ ڌيءَ پھرين سنڌي ناري هئي، جيڪا سنڌ بار جي ميمبر بڻي.[4] هو جڏھن ڊِي جي سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ٿيو تَ ڪاليج ۾ قائم ڪيل انجنيئرنگ، قانون، ۽ آرٽس جي شعبن کي ڌار ڪاليج جي درجي ڏيارڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ آرنڀ ڪري ڏنائين. تنھن دور ۾ سکر بئراج جو اڏاوتي ڪم آرنڀ ٿيڻ وارو هو، جنھن لاءِ انجنيئرن جي تمام گهڻي لوڙ هئي. شاھاڻيءَ ان موقعي جو لاڀ پراپت ڪندي 29 آگسٽ 1921 ۾ ڊِي جي سنڌ ڪاليج ۾ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر وسيلي بمبئي يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي وئي، جو ڊِي جي ڪاليج سنڌ بمبئي يونيورسٽيءَ سان سلھاڙيل هو، يونيورسٽيءَ خراب مالي حالتن تاگهاتو سنڌ ڪاليج بورڊ کي انجنيئرنگ ڪاليج جي وَڪِي نَ ڏني. شاھاڻي نراس نَ ٿيو ۽ ان دوران پارسي واپاري جمشيد مھتا جي سھڪار سان ايڊلجي ڊنشا کان ڏيڍ لک ۽ سيٺ هَرِچند راءِ وشنداس جي گهراڻي کان 40 سھس روپيا بجار (چندو) وٺڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. جڏهن تَ پرنس آف ويلز فنڊ مان بِ کيس 50 سَھَس (هزار) روپيا مليا. اهڙيء ريت ايس سِي شاهاڻِي 1922 ۾ اين اي ڊِي ڪاليج کولڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. ڪاليج جو نالو نادرشا ايڊلجي ڊنشا (اين اي ڊِي) نالي پويان رکيو ويو. بمبئي يونيورسٽيءَ 23 مئي 1923 تي اين اي ڊِي ڪاليج جو الحاق وَڪِي ڪئي. 1947 ۾ سنڌ حڪومت اين اي ڊِي ڪاليج جو نالو ڦيرائي اين اي ڊِي گورنمينٽ ڪاليج رکيو ۽ ان جو الحاق بمبئي يونيورسٽيءَ سان ختم ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ سان ڪري ڇڏيو. 1964 ۾ اين اي ڊِ ڪاليج جو الحاق ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڪيو ويو. پھرين مارچ 1977 تي ذوالفقار علي ڀٽي اين اي ڊِي ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو.[5] ايس سِي شاھاڻيءَ، اين اي ڊِي ڪاليج جي ڪامياب تجربي کان پوءِ قانون لاءِ ڌار ڪاليج قائم ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو. بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ پاران وَڪِيءَ کان پوءِ ساڳئي عملي جي سَمُوٽ سان 1926 ۾ ڊِي جي سنڌ ڪاليج جي ڌوراڻي (عمارت) ۾ ئي شام جو سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج قائم ڪيو. اڳتي هلي بورڊ ايس سِي شھاڻيءَ جي ڪيڙيائي خدمتن تاگهاتو اهو ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪيو. ورهاڱي تاڻين هي ڪاليج ايس سِي شھاڻي لا ڪاليج جي نالي سان هلندو رهيو.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. "شاهاڻي صاحب سنگھه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-12-07. 
  2. "شاهاڻي صاحب سنگھه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-12-09. 
  3. "شاهاڻي صاحب سنگھه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-12-09. 
  4. "شاهاڻي صاحب سنگھه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-12-09. 
  5. "DJ Sindh College Karachi: History and achievements". Scribd. حاصل ڪيل 2020-12-09. 
  6. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-12-09.