اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي
ويهين صديءَ جي اوائل ۾، جڏهن سکر بئراج تعمير ٿي رهيو هو، ته ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي پرنسپل جناب ايس. سي. شاهاڻي، بئراج جي تعمير جي سلسلي ۾
انجنيئرن ۽ ٻين هنرمندن جي ضرورت کي محسوس ڪندي، ڪراچيءَ ۾ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج جي قيام جو فيصلو ڪيو. بعد ۾ ان منصوبي جي خرچ جو پورائو، شهرين جي چندي مان ڪيو ويو. ائين شهرين طرفان ان وقت 53 هزار رپين جي رقم گڏ ڪئي وئي ۽ 1922ع ۾ ”پرنس آف ويلز“ جي نالي تي هيءُ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن جو انتظام سنڌ ڪاليجئيٽ ائسوسيئيشن جي حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچيءَ جي ممتاز سماجي شخصيت جمشيد نسروانجي مهتا، پنهنجي ڪوششن سان، ان وقت جي هڪ امير شخص ”نادرشا ايڊلجي ڊنشا“ جي وفات تي، سندس وارثن کان ڏيڍ لک جي رقم عطيي طور وٺي، ڪاليج تي خرچ ڪري، ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو. 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سنڌ حڪومت هن ڪاليج کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، ”اين. اِي. ڊي انجنيئرنگ گورنمينٽ ڪاليج“ جو نالو ڏئي ڇڏيو. 14 آڪٽوبر 1955ع تي ڪاليج جو انتظام مغربي پاڪستان سنڀالي ورتو، جنهن بعد 1 جولاءِ 1962ع کان 16 اپريل 1966ع تائين هيءُ ڪاليج خودمختيار بورڊ آف گورنرس جي حوالي ڪيو ويو. هن ڪاليج جو پهريون پرنسپل مسٽر جي.ايڇ. گوڪلي هو، جڏهن ته هن ڪاليج جو پهريون گرئجوئيٽ جمناداس تخت رام نالي هڪ شاگرد هو. 1973ع ۾ هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو، ۽ يونيورسٽيءَ کي نئين عمارت ۾، جيڪا گلشن اقبال ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لڳو لڳ آهي، منتقل ڪيو ويو. هن وقت اين. اي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي نالي سان مشهور آهي.[1]