تحقيق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
واشنگٽن جي ٿامس جيفرسن بلڊنگ ۾ ڪانگريس جي لائبريري ۾ مجسمو جنھن ۾ ريسرچ مجسمي جي صورت ۾ علم جي مشعل کڻي بيٺل آهي

تحقيق __(Research)

تحقيق روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ جو علم آهي. ڪنهن مسئلي جي ڀروسي جوڳي حل ۽ صحيح نتيجن تائين پهچڻ لاءِ تحقيق اهو منظم عمل آهي، جنهن ۾ حقيقتن جي ڳولا ۽ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ جو تفصيل وار بيان لڪل هجي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته تحقيق جو تعلق ڪنهن مسئلي ۽ ان جي ڀروسي جوڳي حل جي ڳولا سان وابسته آهي. اهو حل يا نتيجو ڀروسي جوڳو هئڻ لاءِ هڪ خاص انداز ۾ اڀياس لازمي آهي. ڪنهن مسئلي جو حل ۽ ملندڙ نتيجا، ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي ۽ ان جي امڪاني حد تائين رد نه ڪري سگهڻ سان ئي تحقيق جي عمل جي ڪاميابيءَ جو دارومدار رهي ٿو. سنڌي لغت موجب تحقيق جو مطلب: ”پڪ ڪرڻ، خاطري ڪرڻ ڪنهن ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ آهي. ساڳي ريت انگريزي ڊڪشنرين ۾ “Research” جي معنيٰ ”ڳولڻ“ (ٻيهر ڳولڻ) ۽ اصطلاحي معنيٰ ” ڪا به حقيقت ڳولي پڌري ڪرڻ“ آهي، جنهن جو مقصد ته ڪنهن به موضوع تي گهري نظر وجهي، ان جي هر پاسي کان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ته ان موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ ملي سگهي. تحقيق جو مقصد آهي فطرت يا انساني زندگيءَ جي الڳ الڳ مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ. تحقيق انساني علم ۽ ڄاڻ کي وڌائي ٿي. حقيقت ۾ انساني تهذيب، تمدن ۽ سڀيتا جي ارتقا تحقيق جي عمل سان ٿي. ڪنهن به علمي شاخ تي تحقيق ڪندڙ کي ’محقق‘ چئبو آهي. ان جا به معيار مقرر ڪيل آهن.(1) دليل بازيءَ جي قوت رکندڙ هجي. (2) حافظي جي قوت رکندو هجي، (3) ذهني سچائي رکندڙ هجي، (4) موضوع ۾ دلچسپي ۽ ان کي نڀائڻ جو حوصلو رکندو هجي، (5) مسئلي جي حل لاءِ وٽس جستجو وارو جذبو هجي. .[1]

سائنسي تحقيق

انگريزي ۾ Search لفظ جي لفظي معنيٰ ڳولا ڪرڻ ۽ Research معنيٰ واري ڳولا ڪرڻ يا خبرداري سان ڳولا ڪرڻ آهي. اصطلاحي لحاظ کان معنيٰ اٿس نئين معلومات بابت ڳولا ڪرڻ يا ائين چئجي ته ٿيل ڳالهه جي تصديق ڪرڻ. تحقيق ۾ هر بيان، ڪنهن نه ڪنهن شهادت يا شهادتن تي مدار رکندو آهي، يعني هر اظهار کي ٻين جي شهادتن جي مدد سان قابل فهم بنايو وڃي ٿو. تحقيق ۾ هر بيان جي تصديق به ٻين جي شهادتن جي مدد سان ڪئي وڃي ٿي؛ ته جيئن ان کي تحقيق جوڳو بنائي سگهجي يا ائين چئجي ته اها باترتيب ڪنهن ڳالهه جي ڳولا، جنهن ۾ معلومات جي واڌاري جو پڪو ارادو هجي ۽ جيڪا قابل اظهار ۽ تصديق جوڳي هجي يعني تحقيق ٿيل مواد جو نتيجو اهڙي انداز سان ڪڍجي جو ٻين لاءِ قابل فهم هئڻ گهرجي.[2] J.F. Rummel تحقيق جي وصف بيان ڪندي چوي ٿو ته ”تحقيق ڪنهن ڳالهه جي ڳجهن رازن کي ڳولڻ، ڪنهن ڳالهه جي ترقي ۽ علم کي وڌيڪ پروڙڻ کي چيو وڃي ٿو. اهو هڪ ذهني ڪوشش جو سلسلو آهي جيڪو سون سالن کان هلندو اچي ٿو ۽ سچ يا حقيقت جي ڳولا ۾ مقصد ۽ هئيت کي تبديل ڪندو رهي ٿو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”تحقيق نون طريقن سان نئين معلومات حاصل ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو“[3]جيئن J.F. Rummle لکي ٿو ته ”تحقيق هڪ قسم جي معلومات واسطي تلاش آهي، جيڪا ڪن منطقي اصولن تي يا سائنسي جديد طريقن تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو ڪو خاص مقصد هوندو آهي.“ [4]”اها نئين معلومات جيڪا موجود معلومات ۾ واڌارو آڻي.“[5]تحقيق جو مقصد ٿيو ماضي جي ڪيل تحقيقن جي غلطين کي رد ڪرڻ، نوان اصول، نيون ڳالهيون، نوان خيال، نئوان گمان معلوم ڪرڻ ته جيئن پراڻين تحقيقتن کي مائيدار يا وسيع بنائي ڪنهن نئين تعلق ۽ نئين ترتيب سان پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ نيون شهادتون ڏنيون وڃن.پر عام طور تي تحقيق جو مقصد انسان ذات جي ذهني، جسماني ۽ روحاني اصلاح هئڻ گهرجي، پوءِ چاهي اها ڪهڙي قسم جي هجي ۽ ڪهڙن اصولن تي ڪئي وڃي.[6]”تحقيق معنيٰ قديم ۽ ذخيم لکييت کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ يا ائين چيو وڃي ٿو ته خاص اهميت واري تحقيق جيڪا عالم ڪن ٿا.“[7]”سچ لاءِ سچ جي کوجنا ڪئي وڃي (To discover truth for truth) ۽ انهي سچ جي ڳولا لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار وڃي تنهن بابت هي راءِ ڏني وڃي ٿي ته ”ٺوس ۽ غير جانبدارنه حقيقت جو تجزيو ڪيو وڃي“ [8]انهي لحاظ کان آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري (1933) ۾ ڏنل تحقيق معنيٰ معلومات (Knowledge) جيڪا ڪنهن سچ، حقيقت ۽ اصول کي ثابت ڪرڻ لاءِ حاصل ڪئي وڃي“.[9]”تحقيق جو قسم يا اصول ڪهڙو به هجي، پر انهي جي تجزئي جو قدر ڪرڻ، انهي جي دائري جي وسعت تي مدار رکندو آهي“[5]

تحقيق ڪندڙن لاءِ ضروري ڳالهيون[سنواريو]

(1) تحقيق ڪندڙ مسئلي جي ماضي جي آزمودن، ۽ کوجنائن جي معلومات جي مدد سان مسئلي جي حل ۽ تجزئي جي اصول لاءِ ڪي خيال هٿ ڪري.
(2) انومان جي مدد سان معلومات حاصل ڪري ۽ مسئلي جي حل کي اڳتي وڌائي نتيجو پيش ڪري.
(3) انومان عقلي طور صحيح چونڊي، حقيقتن سان فيصلن کي پرکي، تصديق ڪري.
(4) منطقي اصولن تي حقيقتن ۽ شهادتن کي پرکي.
(5) جيڪو شڪي مواد گڏ ڪيو ويو آهي يا جنهن جو بيان صحيح نه هجي، انهيءَ کي رد ڪري نئين مواد ۽ معلومات کي حاصل ڪري.<> (6) جنهن مواد جو تجزيو ڪري، يا مواد جي ترتيب مقرر ڪري، يا جيڪا معلومات ڏيڻ چاهي، اهو مختصر ڪري پيش ڪري.
(7) نون طريقن تي نئين معلومات ڏئي،
(8) اهڙا نوان مسئلا يا ڳالهيون جيڪي هن تحقيق دوران معلوم ڪيون آهن ۽ اڳي حل ٿيل نه آهن، انهن کي ظاهر ڪري.
(9) تحقيق جي سڀني ضروري مرحلن تي عمل ڪري.
(10) منطقي اصولن تي هر حقيقت ۽ شهادت کي پرکي.
(11) جيڪڏهن تحقيق دستاويزي آهي ۽ معلومات مڪمل آهي ته پوءِ تحقيق ڪندڙ جو حافظو مسئلي جي حل لاءِ ڪافي آهي.
(12) تحقيق جا ذريعا اعتبار جوڳا هئڻ گھرجن، مواد جي تجزئي ۾ سلسلو هئڻ گھرجي، مسئلي جي حل لاءِ نئين معلومات حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
(13) تحقيق ڪندڙ غير جانبدار هئڻ گھرجي ۽ هر هنڌ تي سندس ايمانداري ظاهر ٿئي. تحقيق ۾ هر ڳالهه يقيني، حقيقي مڪمل ڏئي.
(14) تحقيق ڪندڙ کي جذبات کان پري رهڻ گھرجي ۽ آزاد ذهن جي مدد سان مواد جو تجزيو ڪري ۽ تحقيق ۾ ڪو خيال منجھيل هئڻ نه گھرجي.
(15) تحقيق ڪندڙ مشاهدن کان اڻ واقف نه هئڻ گھرجي ۽ تحقيق جي هر ڳالهه کي تاريخ جي روشني ۾ پرکي.
(16) تحقيق ڪندڙ نه رڳو تحقيق ڪرڻ وقت خارجي حالتون يا حقيقتون شامل ڪري ، پر انهيءَ سان گڏ رويا، قدر ۽ ٻيون واسطو رکندڙ ڳالهيون به تحقيق ۾ شامل ڪري ته جيئن تحقيق جو نتيجو حالتن جي لحاظ کان صحيح نڪري.
[10]

تحقيق جا قسم[سنواريو]

عام طور تي تحقيق کي ھيٺين قسمن ۾ ورھايو ويو آهي.[11]

تاريخي تحقيق[سنواريو]

(Historical Research):تاريخي تحقيق ۾ خاص طور هميشہ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ڇا ٿيو هو؛ ۽ انهي ۾ اهم ڳالهه جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح هر صحيح ڳالهه کي ڦاهر ڪري محفوظ ڪيو وڃي ٿو. تاريخي تحقيق انهي لاءِ به ڪئي ويندي آهي ته ماضي جي ڳالهين کي مقصد جي لحاظ کان ترتيب وار رکيو وڃي ته جيئن ماضي حال کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي. تاريخي تحقيق ۾ نشانيون، تبدليون، واڌارا، شخصي ترقي، حالتون، تحريڪون، جماعتون، حقيقتون وغيره تحقيق جو مواد هونديون آهن، جن جي تجزئي ڪرڻ سان نتيجو ڪڍيو ويندو آهي.

بياني تحقيق[سنواريو]

(Descriptive Research):بياني تحقيق جو مقصد هوندو آهي، ڇا آهي؟ انهي ۾ ڪنهن جون ڪارگذاريون، تجربا ۽ سمجهاڻيون، موجوده حالتون، بناوت ۽ ماحول جو قدرتي نماءُ جو طريقو، بيان ٿيل هوندو آهي. هن تحقيق ۾ تحقيق ڪندڙ جي نظر ڪن حالتن کي روڪڻ يا ترقي ڏيڻ تي به هوندي آهي ته ڪيئن ڪو شخص، جماعت يا ڪا شيءِ موجوده وقت ۾ ڪم ڪري ٿي.

تجرباتي تحقيق[سنواريو]

(ExperimentalResearch):تجرباتي تحقيق اهو ٻڌائيندي آهي ته آئينده ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن ڪن ڳالهين ۽ خبرن کي روڪيو وڃي ته نتيجو ڇا نڪرندو ۽ جيڪڏهن انهن کي ڇڏيو وڃي ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ هن تحقيق ۾ هر ڳالهه جا سبب ۽ اثر ظاهر ڪيا ويندا آهن جن جو تعلق نتيجي سان واسطو رکندو آهي.

علمي تحقيق[سنواريو]

(Academies Research):هي تحقيق جو اهو قسم آهي، جنهن ۾ ڪنهن سٺي لئبرري ۾ ويهي تحقيق ڪجي؛ انهيءَ جو واسطو لئبرري ۽ ڪتابن سان هجي. هن تحقيق ۾ نشانيون، حقيقتون ۽ قدرون جيڪي ماضي ۾ انسان جي علمي زندگي ۾ ٿي گذريون آهن، تن کي ڳولڻ هوندو آهي. هن تحقيق ۾ ڪنهن هڪ خاص مسئلي تي به تحقيق ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪيترن مسئلن کي ملائي به تحقيق ڪئي وڃي.

سائنسي تحقيق[سنواريو]

(Scientific Research):هي تحقيق ليبارٽري ۾ ڪئي ويندي آهي. هي تحقيق ڪيميا، رياصي، دوائن، زميني حالتن، معدنياتي ۽ انساني جسم وغيره تي ڪئي ويندي آهي.

سماجي تحقيق[سنواريو]

(Social Research):هن تحقيق ۾ انسان جي پنهنجي سماجي ماحول ۽ حالتن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي؛ جنهن ۾ ٻين جي سماجي حالتن کي سمجهڻ بابت تمام گهڻي معلومات ملندي آهي، جنهن ۾ جدا جدا تحريڪن، امدادي ادارن وغيره کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

فني تحقيق[سنواريو]

(Technological Research): ٽيڪنڪي تحقيق اها تحقيق آهي، جيڪا ڪنهن مشينري يا ڪارخاني ۾ ڪئي وڇي ٿي؛ يا اڄ ڪلهه جي اقصادي مسئلن جي تحقيق کي به ٽيڪنڪي تحقيق چيو وڃي ٿو.[12]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {J. Francis “Rummel An” Introduction to Research Procedures in Education” Harper and brother, Newyark: 195.8 P. 1}
  4. {J. Francis “Rummel An” Introduction to Research Procedures in Education” Harper and brother, Newyark: 195.8 P. 1}
  5. 5.0 5.1 { John W. Best “Reserch in Education” Prentice Hall inc: USA 1959 P.7}
  6. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  7. {J. Francis “Rummel An” Introduction to Research Procedures in Education” Harper and brother, Newyark: 195.8 P. 1}
  8. {J. William Asher, “Educational Research and Evaluation” Bostion little Brown and Company 1976 P. 4 }
  9. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  10. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  11. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  12. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}