ڍاٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڍاٽ(انگريزي: Dhat) ٿر جي وچواري ٽڪريءَ کي ڍاٽ چئبو آهي. هن حصي ۾ عمرڪوٽ، ڇاڇرو تعلقو ۽ مٺيءَ جو ڪجهه حصو اچي وڃي ٿو.[1] هي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڏکڻ – اولهه ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.[2] هتي ڀٽون وچوليون آهن، منجهانئن ڪي ڪي وڏيون به آهن. ڏهر چڱا آهن. زمين ڀلي ۽ آبادي لائق آهي. هن ڀاڱي جي ڪري عام طرح سڄي ٿر کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن ۽ رهاڪن کي ’ڍاٽي‘ چئبو آهي.[2].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو