2007 ڪارساز بم ڌماڪو
هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊاهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
ڪارساز ڌماڪو ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي ڪراچي، پاڪستان ۾ پيش آيل هڪ وڏو دهشتگرد حملو هو، جيڪو اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جنهن ٽرڪ ۾ سوار هئي ان کي خودڪش بمبارن قاتلاڻو حملو ڪيو. اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هوءَ اٺن سالن جي جلاوطني کان پوءِ ڪراچي پهتي ۽ ايئرپورٽ کان بلاول هائوس ڏانهن لکن ماڻهن جي ريلي سان گڏ وڃي رهي هئي.[1]
پسمنظر
[سنواريو]بينظير ڀٽو ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي ڪراچي پهتي، جتي سندس استقبال لاءِ وڏي عوامي ريلي نڪتي. ريلي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان سندس رهائشگاهه بلاول هائوس ڏانهن رواني ٿي.[2]
هي واپسي سياسي لحاظ کان اهم سمجهي پئي وئي، خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ.
واقعو
[سنواريو]ريلي جڏهن ڪارساز واري علائقي وٽ پهتي، تڏهن مٿس ۽ سندس ساٿين تي خودڪش بمبارن ٻه ڌماڪا ڪيا، جن مان هڪ کي خودڪش حملو قرار ڏنو ويو.[3]
ڌماڪن سبب وڏو جاني نقصان ٿيو. رپورٽن موجب گهٽ ۾ گهٽ 180 ماڻهو مارجي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.[4] مارجي ويلن مان گهڻا پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن هئا.
فوت ٿيلن ۾ اڳوڻو پاڪستان قومي فٽبال ٽيم جو رانديگر عبد الخالق پڻ شامل هو.[5]
بينظير ڀٽو ۽ سندس ويجها ساٿي محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ خاص سيڪيورٽي ٽرڪ تي پنهنجن ساٿين سان سوار هئي، اها خاص طور سندس استقبال لاءِ سمورن بچاءُ وارن اصولن کي سامهون رکي ٺاهي وئي هئي.
نتيجا ۽ ردعمل
[سنواريو]ڌماڪن کانپوءِ بينظير ڀٽو کي محفوظ طور بلاول هائوس منتقل ڪيو ويو، جنهن سبب هوءَ جلسي کي خطاب نه ڪري سگهي.[6]
هن واقعي جي پاڪستان سميت عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي. ڪيترن ملڪن ۽ عالمي ادارن هن حملي کي دهشتگردي جو عمل قرار ڏنو.[7]
تدفين
[سنواريو]واقعي ۾ مارجي ويل ڪجهه ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. انهن مان ڪيترن کي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.[8]
ڏسو پڻ
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.bbc.com/news/world-asia-42409374
- ↑ https://www.nytimes.com/2007/10/19/world/asia/19pakistan.html
- ↑ http://news.bbc.co.uk/2/hi/south_asia/7052310.stm
- ↑ https://gulfnews.com/world/asia/pakistan/pakistan-victims-of-2007-karsaz-bombing-tragedy-remembered-1.83033365
- ↑ https://www.brecorder.com/news/amp/3445308
- ↑ https://tribune.com.pk/2007-karsaz-bombing
- ↑ http://news.bbc.co.uk/2/hi/europe/7051953.stm
- ↑ https://www.dawn.com/news/939897