بابري مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بابري مسجد ايوڌيا اتر پرديش ڀارت ۾ ھڪ مسجد هئي.جا ارڙھين صديء کان مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ تڪرار جو موضوع بڻيل رهي.

بابري مسجد
مسجد جنمسٿان
مزهب
اسلام
ڄڳھ
ايوڌيا اتر پرديش ڀارت
جاگرافيائي ڦاڪ 26.7956°N 82.1945°E
اڏاوت
طرز تغلق
جڙي 1528–29
ڊاٿي وئي 1992

تاريخي پسمنظر ۽ دعوائون[سنواريو]

مسجد جي ڀتين تي لکتن مطابق اها مسجد 935ھ موجب29 .1528ع دوران مغل بادشاھ” بابر“ جي عهد ۾ سندس گورنر جنرل مير باقي ٺھرائي، جنهن کي بابر بادشاھ پٺيان بابري مسجد نالو ڏنو ويو.

  • هندن جي چوڻ مطابق” ظھير الدين بابر“ اها مسجد سندن قديم مندر جيڪو سندن ڌرم پتا ”رام“ جو جنمسٿان آھي کي ڊاهي ڏاڍ مڙسيء جي بنياد تي اها مسجد اڏرائي هئي.
  • هندو ڌرم کان علاوه جين ڌرم وارا به هن جاء تي پنهنجو حق جتائن ٿا هنن مطابق هتي” سمتا وهيڻي“ نالي هڪ جين مندر 16 صديء جي شروعات تائين موجود هو.
  • ان کان علاوه ”ادت راج ٻڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن“ جي انوسار هتي ٻڌ ڌرم جو ”نرموهي اکاڙا“ نالي منارو هو.

هندو مسلم ڇڪتاڻ[سنواريو]

1853ع کان 55ع تائين هتي هندو مسلم ڇڪتاڻ ھلي جنهن جي نتيجي ڪيترائي ماڻھو مئا. مارچ 1934ع ۾ ھندو مسلم جهڳڙي ۾ مسجد جون ٻه ڀتيون شھيد ٿيون ۽ ڪيرائي زخمي ٿيا. 1936ع ۾ ”UP“ ۾ شيعا سني تڪرار ٿيو بقول شيعن جي ته ”مير باقي “شيعو هو تنهنڪري مسجد جو انتظام سندن حوالي هجڻ گهرجي. سرڪار جي ٽياڪڙيء تي مسجد سني وفاق حوالي ٿي. ڊسمبر 1949ع ۾ ھڪ هندو تنظيم” اکل ڀارتيه رامائڻ مهاسڀا“ 9 ڏينهن مسجد کي گهيري ۾ رکيو ۽ مسجد ۾ بت نسب ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ پوري هند سنڌ ۾ دنگل ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻھو مئا.حڪومت هن مسجد کي جهڳڙي جو گهر قرار ڏئي سيل ڪيو. ”ولڀ ڀائي پٽيل“ ۽ ”پنڊت جواهر لال نهروء“ گوبند بلڀ پنت ۽ اتر پرديش جي هوم منسٽر” لال بهادر شاستريء “کي مسجد مان بت هٽرائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ”هنن مطابق ته مسجد ۾ 400 سالن کان نماز ادا ڪئي پئي وڃي. رام هڪ پاڪ هستيء جو نالو آ ۽ نماز به هڪ پوتر عمل آ.هن مطابق عبادت ۽ پوڄا هڪ ئي عمل آھن. تنهن ڪري هيء مسجد سندن عبادتگاھ ئي رهڻ ڏجي ڇاڪاڻ ته اگر هي ”رام“ جي جنم جاء ھئڻ ڪري پاڪ آھي ته مسلمان به هن پوترسٿان کي عبادت لاء ئي استعمال ڪندا نه ڪي ڪنهن ٻئي مقصد لاء ۽ پڻ هن مسجد جا دوار هندو مت وارن لاء به کليل رهن“. هن راء تي ڪجهه مسلمانن کي به خدشا هئا پر هندن لاء ھيء راء ناقابل قبول هئي جو سندن خيال ۾ سندن ئي ڌرتيء تي مسلمان کين پنهنجن ڌرم آستانن کا محروم ڪن . جنهن تي پوري ڀارت ۾ نهرو خلاف وڳوڙ ٿيا ۽ هندن کيس حمله آورن جو ناجائز پٽ قرار ڏنو. 2008ع ۾ ”گوپال سنگھ“ فيض اباد ڪورٽ ۾ مسجد هندن حوالي ڪرڻ جي اپيل ڪئي.جنهن کان پوء” نرموهي اکارا“ به پٽيشن داخل ڪرائي جنهن جي جواب ۾” سني سينٽرل وفاق“ به 1961ع ڪيس فائل ڪرايو. 2080ع ۾ ” وشوا هندو پريشد“ رام مندر جي اڏاوت مهم هلائي جيڪا” اندرا گانڌي“ جي قتل تي روڪي وئي . 6 ڊسمبر 1992ع تي هندن جي هڪ تنظيم مسجد تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ، هند ۾  وڳوڙ ٿيا ۽ ٻه ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو مئا ڪيترا مندر ۽ مسجدون ڊٺيون. 2003ع ۾” archological srvey of india “جي ٽيم گڏيل قومن جي سهڪار سان پنج مهينن تائين مسجد جي آسپاس بنيادن سميت اڱڻ وغيره جي کوٽائي ڪرائي پنهنجي رپورٽ ۾ مسجد جي هيٺان هڪ قديم مندر جي کنڊر هئڻ جا ثبوت ڏنا. پر مسلمانن طرفان هن رپورٽ تي خدشا هئڻ ڪري ڪو کڙ تيل نه نڪتو. ان وقت مسٽر” اتل بهاري واجپائي“ هڪ بيان تي هندن جي تنقيد جو نشانو بڻي. 2010ع ۾ ”وشوا هندو پريشد “ ڪيس قانوني طور وڙھڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي سيپٽمبر 2010ع کان 9 نومبر 2019ع تائين ٻڌڻيون ٿيون. سپريم ڪورٽ .2.77 ايڪڙن تي مشتمل اها زمين هندن حوالي ڪرڻ جو آديش جاري ڪيو.جڏهن ته متبادل 5 ايڪڙ ”سني وفاق بورڊ “ حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "بابري مسجد تاريخ جي آئيني ۾:سھيل اڪبر". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-11-13.