اندرا گانڌي
| اندرا گانڌي | |
|---|---|
| (هندي ۾: इन्दिरा प्रियदर्शिनी गान्धी) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم جو نالو | (هندي ۾: इन्दिरा नेहरू)،(انگريزي ۾: Indira Nehru)،(انگريزي ۾: Indira Priyadarshini Nehru) |
| ڄم | |
| موت | |
| رهائش | نيو دھلي |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| جماعت | |
| پيءُ | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | هندي |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | |
| دستخط | |
| ويب سائٽ | |
| IMDB تي صفحات | |
| ترميم | |
اندرا گانڌي (Indira Gandhi) ڀارت جي پهرين عورت وزيراعظم، نامياري سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ جي اڪيلي ڌيءَ هئي.
جنم
[سنواريو]اندرا گانڌي، 19- نومبر 1917ع، الھ آباد (ڀارت) ۾ پيدا ٿي.
تعليم
[سنواريو]هن پنهنجي تعليم ڀارت، برطانيا ۽ سوئٽزرلئنڊ مان حاصل ڪئي. ان وچ ۾ ڪجهه عرصو بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور جي تعليمي اداري ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ عملي سياست ۾ حصو ورتائين.
سياست
[سنواريو]21 سالن جي عمر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي رڪنيت اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي هڪ سرگرم رڪن ۽ پارسي نوجوان فيروز گانڌيءَ سان شادي ڪيائين. 1947ع ۾ ڪانگريس جي عورتاڻي شاخ جي صدر منتخب ٿي. پنهنجي پيءُ جي ديھانت کان پوءِ آزاد هندستان ۾ لال بهادر شاستريءَ جي ڪابينا ۾ واءُ سواءَ واري وزارت (اطلاعات واري وزارت) ۾ پڻ رهي. 1966ع ۾ ڀارت جي پهرين وزيراعظم چونڊجي آئي. 1967ع ۽ 1971ع ۾ پڻ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. 1977ع تائين بدستور وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهي. 1972ع ۾ هن ئي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ”شمله ٺاهه“ ڪيو. 1971ع ۾ سندس جماعت چونڊن ۾، جنتا پارٽيءَ کان شڪست کاڌي، اهڙيءَ طرح هن 22 مارچ 1977ع تي وزارت عظميٰ جي عهدي کان علحدگي اختيار ڪئي. ان کان پوءِ مٿس بدعنوانين جا ڪيترا الزام لڳا ۽ هوءَ گرفتار پڻ ٿي، پر مٿس الزام ثابت نه ٿي سگهيا. سندس گرفتاريءَ، کيس هڪ دفعو ٻيهر مقبول ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1980ع جي وچ ڌاري ٻيهر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي؛ ۽ وزيراعظم ٿي ويئي. 1983ع ۾ کيس سکن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 1984ع ۾ هن سکن جي مشهور ڌرمي عبادتگاهه گولڊن ٽيمپل ۾ موجود ڏهڪاءُ پسندن (دهشتگردن) خلاف فوجي ڪاروائي ڪرائي، جنهن تان سک ڏمرجي ٿيا ۽ برصغير جي هن عظيم عورت ۽ باوقار سياستدان کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس ٻه پٽ راجيو گانڌي ۽ سنجي گانڌي هئا. سنجي گانڌي هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته راجيو گانڌيءَ کي 1991ع جي چونڊ مهم دوران، 21 مئي تي قتل ڪيو ويو. اندرا برصغير جي سياست ۾ وڏو مقام رکي ٿي. راجيو گانڌيءَ جي گهر واري سونيا گانڌي سندس ننهن آهي، جيڪا هن وقت سندس پارٽي انڊين نئشنل ڪانگريس (Indian National Congress) جي صدر آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اندرا گانڌي : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2019-10-31 تي محفوظ ڪيل, 2020-07-09 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)