مواد ڏانھن هلو

تاج المساجد

تاج المساجد
Taj-ul-Masajid
تاج المساجد 2010 ۾
تاج المساجد is located in مدھیہ پردیش
تاج المساجد
مڌيہ پرديش ۾ مسجد جو مقام
بنيادي ڄاڻ
جاءِڀوپال، مڌيہ پرديش
مقانيت23°15′47″N 77°23′35″E / 23.263°N 77.393°E / 23.263; 77.393
ڳانڍاپواسلام
Riteسني حنفي
ملڪهندستان
Ecclesiastical or organizational statusمسجد
هيئنر حالتفعال
ويبسائيٽdarululoomtajulmasajid.in
تفصيل تعميرات
قسم اڏاوتمسجد جي فن تعمير
قسم اڏاوتهند-اسلامي فن تعمير
Founderشاهه جهان بيگم
بانيسلطان جهان بيگم
تاريخ اڏاوتت.1870s (as a congregation)
بنياد جو پٿر1887
پورو ٿيڻ جو سال1958
اڌاوتي لاڳت20 million Rs.
خصوصيتون
گنجائش175,000 نمازي
اندريون ڀاڱو23,000 چورس ميٽر (2,50,000 چورس فوٽ)
قبوٽي
مناراٻه
منارن جي اوچائي67 ميٽر (220 فوٽ)

تاج المساجد (Taj-ul-Masajid; اردو: تَاجُ ٱلْمَسَاجِد; لفظي معني, "مسجدن جو تاج") ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي شھر ڀوپال جي هڪ مسجد آهي.[1] تاج المساجد جن کي "تاج مسجد مسعود" ۽ "مسجد تاج الاسلام" به چيو ويندو آهي, ۾ 1,75,000 نمازين جي گنجائش آهي. اها ڀارت جي سڀ کان وڏي مسجد ۽ 2014 تائين، دنيا جي نائين وڏي مسجد هئي.[2][3]

تاريخ

[سنواريو]

تاج المساجد جي تعمير ڀوپال جي نواب, شاهه جهان بيگم پاران شاهجهان آباد جي نئين ٺهيل ڀتين واري مضافات ۾ شروع ڪئي وئي هئي. تعمير جو سال 1871ع هجڻ جو اندازو آهي. ڀوپال جي صحافي ۽ "مساجدِ ڀوپال" جي ليکڪ عارف عزيز تاريخ سال 1887ع ٻڌائي آهي.[4]

سال 1901ع ۾ شاهه جهان بيگم جي وفات کان پوءِ، مسجد سندس ڌيءَ (سلطان جهان بيگم) پاران سندس حياتيءَ جي آخر تائين تعمير ٿيندي رهي. ٽن پاڻي جي ذخيرن يعني: منشي حسين تالاب؛ نور محل تالاب ۽ موتيه تالاب, جي وچ ۾ ان جي منصوبابندي ڪئي وئي هئي.[5] حميد الله خان شاهه جهان بيگم جي تجويزن تي مسجد جو هڪ دروازو ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي.[6]

تعميراتي ڪم بعد ۾ اسلامي عالم عمران خان ندوي جي اڳواڻي ۾ ٿيو. جنهن جو ڀاءُ. سلمان خان ندوي تعميرات جي نگراني ڪئي. تعمير سال 1958ع تائين ٻه ڪروڙ هندستاني رپين جي خرچ سان مڪمل ٿي. مسجد جي داخلا دروازي جي مرمت ڪئي وئي. 13 صدي جي شام جي مسجدن جو نقش وارو دروازوارو ڪويت جي امير پاران سندس زال جي ياد ۾ عطيو ڪيو.[7] COVID-19 جي وبا دوران, مسجد کي ويڪسينيشن سينٽر طور استعمال ڪيو ويو.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Wondrous Masajid". Deccan Herald (in انگريزي). 2013-03-16. Retrieved 2021-06-26.
  2. McCrohan, Daniel (2010). "The search for the world's smallest mosque". Lonely Planet.
  3. "Taj-ul-Masajid". bhopal.nic.in. Archived from the original on 28 September 2011. Retrieved 27 September 2014.
  4. Masajid-e-Bhopal (3rd ed.). Bhopal: Iqra Publishing House. November 2003. pp. 117–118.
  5. "Raj Bhavan MP". The Hon'ble Governor of Madhya Pradesh. Retrieved 2021-10-22.
  6. Masajid-e-Bhopal (3rd ed.). Bhopal: Iqra Publishing House. November 2003. pp. 117–118.
  7. Mulchandani, Anil (11 December 2015). "TAJ UL MASAJID". The Times of India Travel. https://timesofindia.indiatimes.com/travel/Bhopal/Taj-ul-Masajid/ps50138425.cms.
  8. "Historical Taj-ul-Masajid premises in Bhopal used to vaccinate inter-faith people" (en-US ۾). 2021-04-10. https://www.siasat.com/historical-taj-ul-masajid-premises-in-bhopal-used-to-vaccinate-inter-faith-people-2122475/.