بت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بُت يا صنم هڪ تصوير يا مادي شيء هوندي آهي جيڪا ڪنهن خدائي جي نمائندگي ڪندي آهي جنهن جي نالي مذهبي پرشتش ڪئي ويندي آهي۔ عام زندگي م بُت اهڙي شيء کر چيو ويندو آهي جنهن جي انڌي ستائش، تعظيم ۽ عقيدت ڪئي وڃي۔

بدن، جسم، -پٿر-، مٽيءَ، ٽامي، پِتل وغيره مان ٺهيل بوتو. هيءُ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو -ٽن- معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي: مندر، پگوڊا ۽ ٻُڌ، ڪنهن به بُت جي لاءِ ضروري ناهي ته اُهو ٻُڌ جو ئي هجي. پگوڊا جي معنيٰ ۾ -ان- جي استعمال جو نمايان مثال ”عجائب الهند“ ۾ ملي ٿو. الجاحظ، المسعوديءَ، البيرونيءَ ۽ شهرستانيءَ جهڙن مصنفن به ”بُت“ جي معنيٰ -ٻڌ- يعني گوتم ٻُڌ ڪئي آهي. ملتان جو پرهلاد مندر، جيڪو ”سون جي گهر“ جي نالي سان مشهور هو، -ان- جي -باري- ۾ المسعودي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هندن جي حساب موجب ٻڌ جو ظهور ڪروڙين سال پهرين ٿيو هو. البيرونيءَ کي -برهمڻ- -بت- جي -باري- ۾ ته سٺي معلومات هئي، ليڪن -ٻڌ- جي -باري- ۾ کيس خبر ڪانه هئي. علامه شهرستاني، -ٻڌ- ۽ اُن جي سکيا جي تعريف هن طرح ڪري ٿو ته ”-ٻڌ- هن ئي دنيا جو هڪ فرد آهي، جيڪو نه ته پيدا ٿئي ٿو، نه ڪي شادي ٿو ڪري، نه کائي پيئي ٿو، نه پوڙهو ٿئي ٿو، نه مري ٿو. پهريون -ٻڌ-، هجرت نبويءَ کان پنج هزار سال اڳ ظاهر ٿيو هو، -ٻڌ- جي پيروڪارن جو عقيدو آهي ته دنيا کي دوام حاصل آهي ۽ -انسان- پنهنجي اعمالن جي سزا جزا ٻي زندگيءَ ۾ حاصل ڪري ٿو.“ مسلمانن جي معلومات -ٻڌ- جي -باري- ۾ بلڪل ابتدائي هئي، تنهن هوندي به هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته -جبل- آدم (سرانديپ) جي -باري- ۾ -ٻڌمت- جي هن روايت کي قبول ڪيائون، جنهن موجب -جبل- آدم جي چوٽيءَ کي گوتم -ٻڌ- سان نسبت ڏني وئي. جيئن اڳ ذڪر اچي چڪو آهي ته ”ٻُڌ“ لفظ ڪڏهن ڪڏهن ”-بت-“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. الجاحظ، ”بدُکُويرُ“ کي ”ڪُوير جو بُت“ سمجهي ٿو. صاحب ”-اخبار- الصين والهند“، ’بُد‘ کي ’بُت‘ ٻڌائي ٿو، جنهن جي هندستان ۾ پوڄا ڪئي وڃي ٿي ۽ -ان- تي ناريون صدقو ڏينديون آهن. ’الدمشقي‘ -ان- جو حال صحيح طرح سان قلمبند ڪيو آهي، ۽ خاص اُن پوڄا واري شيءِ ( يوني ۽ لنگم) کي ”بُد“ چيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]