يوڪرين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اُوڪرين کان چوريل)
يوڪرين

Ukraine
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: Shche ne vmerla Ukraina
"يوڪرين اڃان قائم آھي"
مڪانيت  يوڪرين  (سائو) نقشو يورپ جو رنگ  (تيز خاڪي)  –  [Legend]
مڪانيت  يوڪرين  (سائو)

نقشو يورپ جو رنگ  (تيز خاڪي)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ خيو
50°27′N 30°30′E / 50.450°N 30.500°E / 50.450; 30.500
دفتري ٻوليون يوڪريني
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
نسلي گروھ (2001[2])
مقامي آبادي يوڪريني
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ
• صدر
ولاديمير زلينسڪي
ڊينس شمايل
• پارليامينٽ جو چيئرمين
دميترو ڙازمڪوف
مقننه ورخاونا رادا
قيام
882
1199
17 آگسٽ 1649
7 نومبر 1917
1 نومبر 1918
10 مارچ 1919
20 نومبر 1917
20 جنوري 2018
1 نومبر 2018
22 جنوري 1919
24 آگسٽ 1991
• آزادي لاء ريفرينڊم
1 ڊسمبر 1991
28 جون 1996
پکيڙ
• جملي
603٬628 km2 (233٬062 sq mi) (46th)
• پاڻي (%)
7
آبادي
• 2013 اندازو
44,573,205 (29t)
• 2001 مردم شماري
48,457,102
•  گھاٽائي
73.8 /km2 (191.1 /sq mi) (115t)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2013 لڳ ڀڳ
• ڪل
$337.360 ارب ڊالر[3]
• في سيڪڙو
$7,422[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2013 لڳ ڀڳ
• ڪل
$175.527 ارب ڊالر[3]
يوڪرين جو صدر ولاديمير زلينسڪي

يوڪرين (انگريزي: Ukraine ) [7] اوڀر يورپ ۾ واقع ھڪ خودمختيار ملڪ جو نالو آهي[8] جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان يورپ ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ روس سان، اتر ۾ بيلاروس سان، اولھ ۾ پولينڊ، سلوواڪيا ۽ ھنگري سان، ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ مالدووا سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ملڪ جي سامونڊي سرحد ڪاري سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ تي واقع آهي. 2014ع ۾ روس ڪرائميا جي اپٻيٽ کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن تي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ سرحدي تڪرار جي شروعات ٿي [9] بين الاقوامي برادري جي اڪثريت ڪرائميا کي يوڪرين جو حصو تسليم ڪري ٿي. ڪرائميا سميت يوڪرين جي ڪل پکيڙ 603٬628 km2 (233٬062 sq mi) آھي[10]. ملڪ جي ڪل آبادي 2013 ۾ 4،45،73،205 ھئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر خيو آھي. يوڪرين پھرين نومبر 1918 ۾ سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ٿيو ۽ 22 جنوري 1919 ۾ سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويو. 24 آگسٽ 1991 تي يوڪرين جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري پارليامينٽ سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن بعد پھرين ڊسمبر تي ريفرنڊم ذريعي يوڪرين جي عوام آزادي جي حق ۾ راء ڏني. آزادي ماڻن بعد يوڪرين جو آئين 28 جون 1996 ۾ نافذ ڪيو ويو جنھن تحت يوڪرين ھڪ وحداني رياست آھي جنھن ۾ نيم صدارتي نظام قائم ٿيل آهي.

آبادي[سنواريو]

ملڪ جي %77.8 آبادي يوڪريني نسل وارن ماڻھن جي آھي. ٻئي نمبر تي %17.3 آبادي روسي نسل وارن، %0.8 روماني ۽ مالدوون، %0.6 بيلاروسي جي آهي ۽ باقي ٻين ۾ بلغاريائي، ھنگيري، ڪرائميائي تاتار ۽ ٻيا شامل آهن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي يوڪريني ٻولي آهي. آبادي جي غائب اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. 2021ع ۾ %82 آبادي عيسائين جي ھئي جنھن م %72.7 آرٿوڊڪس، %8.8 يوناني ڪيٿولڪ چرچ، %2.3 پروٽيسٽنٽ سان تعلق رکندڙ ھيا. %0.2 سيڪڙو آبادي ۾ يھودي، مسلمان ۽ ھندو شامل ھيا. ملڪ جي %7 آبادي ملحدن جي آھي.

انتظامي ورھاست[سنواريو]

ملڪ 27 حصن تي مشتمل آهي جنھن ۾ 24 اوبلاسٽ (صوبا)، ھڪ آٽونامس ريپبلڪ (ڪرائميا واري) ۽ ٻہ مخصوص درجي وارا شھر: خيو ۽ سيواستوپول شامل آهن. ملڪ جا 24 صوبا يا اوبلاسٽ ۽ ڪرائميا واري ريپبلڪ 136 رائيون (ضلعن) ۽ ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھن.

يوڪرين جا صوبا

اوبلاسٽ يا صوبن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. وَولِن اوبلاسٽ
  2. لِوِف اوبلاسٽ
  3. زاڪارپاتيا اوبلاسٽ
  4. فِرينڪِيوِسڪ اوبلاسٽ
  5. رَيوِن اوبلاسٽ
  6. تيرنوپل اوبلاسٽ
  7. چِيرنِوِتسِي اوبلاسٽ
  8. کَمَيلنِتسِڪِي اوبلاسٽ
  9. زيتومير اوبلاسٽ
  10. وينيتسيا اوبلاسٽ
  11. چَرنِيھِيو اوبلاسٽ
  12. خَيو اوبلاسٽ
  13. چيرڪاسي اوبلاسٽ
  14. سومي اوبلاسٽ
  15. پولتاوا اوبلاسٽ
  16. خارڪيف اوبلاسٽ
  17. لوھانسڪ اوبلاسٽ
  18. نائپراپيٽراوسڪ اوبلاسٽ
  19. دونيتسڪ اوبلاسٽ
  20. زائپورزيھا اوبلاسٽ
  21. ڪِرَووُوھَارڊ اوبلاسٽ
  22. مائڪولائف اوبلاسٽ
  23. اوڊيسا اوبلاسٽ
  24. خيرسون اوبلاسٽ

ڪرائميا وارو تڪرار[سنواريو]

ڪرائميا واري تڪرار ۾ روسي فوج ۽ روسي حامين جي قبضي ھيٺ علائقا گلابي رنگ سان ڏيکاريل

فيبروري 2014 ۾ يانوڪوويچ جي ٻاھر ٿيڻ سان روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڪرائميا کي روس سان ڳنڍڻ جي تياري ڪئي. 23 فيبروري تي سيواستوپول ۾ روسي بحري فوج جي اڏي وارن روسي فوجين کي حڪم ڏنو ويو تہ يوڪريني فوج کي غير مسلح ڪري خطي جو ڪنٽرول پنھنجي ھٿ ۾ وٺن. جنھن بعد 16 مارچ 2014 تي ڪرائميا ۾ تڪراري ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ 97 سيڪڙو ووٽرن روس ۾ شامل ٿيڻ جي حمايت ڪئي. 18 مارچ 2014 تي خود ساخته ريپبلڪ آف ڪرائميا ۽ سيواستوپول روس ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان ريفرنڊم کي ناجائز قرار ڏيڻ جي قرارداد منظور ڪئي جنھن تحت يوڪرين جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪئي وئي.

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Law of Ukraine "On Principles of State Language Policy"". Zakon2.rada.gov.ua. حاصل ڪيل 25 August 2012. 
  2. "Population by ethnic nationality, 1 January, year". ukrcensus.gov.ua. Ukrainian Office of Statistics. وقت 2008-03-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)آرڪائيو ڪاپي, وقت 2007-07-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-10-13 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Report for Selected Countries and Subjects". World Economic Outlook Database. International Monetary Fund. حاصل ڪيل 20 October 2013. 
  4. [http://data.worldbank.org/indicator/S I.POV.GINI "Gini index"] Check |url= value (مدد). World Bank. حاصل ڪيل 26 March 2013.  line feed character in |url= at position 38 (مدد)
  5. "2013 Human Development Report Statistics" (PDF). Human Development Report 2013. United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 16 March 2013. 
  6. "Рішення Ради: Україна 30 жовтня перейде на зимовий час " Події " Україна " Кореспондент". Ua.korrespondent.net. حاصل ڪيل 31 October 2011. 
  7. Geoghegan, Tom, "Ukraine or the Ukraine: Why do some country names have 'the'?", BBC News Magazine (BBC) 
  8. "The World Factbook – Ukraine". Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 23 January 2014. 
  9. Simpson, John. "Russia's Crimea plan detailed, secret and successful". 
  10. "Ukraine – United Nations Statistics Division". United Nations. حاصل ڪيل 6 September 2016.