تبت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

مڪانيت: 31°12′N 88°48′E / 31.2°N 88.8°E / 31.2; 88.8

Cultural/historical, (highlighted) depicted with various competing territorial claims.
              "Greater Tibet" as claimed by Tibetan exile groups
  Tibetan autonomous areas, as designated by China
  Tibet Autonomous Region, within China
Chinese-controlled, claimed by India as part of Aksai Chin
Indian-controlled, claimed by China as South Tibet
Other areas historically within the Tibetan cultural sphere

تبت يا ٿُٻيٽ چين جي ڏکڻ ۾ واقع خوبصورت رياست، جيڪا هڪ خودمختيار رياست سڏجي ٿي. سنڌيءَ ۾ هن ملڪ کي ٿُٻيٽ به چيو ويندو آهي. هن جي گاديءَ جو هنڌ ”لهاسا“ آهي. هيءَ دنيا جي اوچائيءَ وارن علائقن ۾ سرفهرست آهي. سامونڊي سطح کان لڳ ڀڳ 4900 ميٽر (16000 فوٽ) اوچائي تي واقع تبت کي دنيا جي ڇت به سڏيو وڃي ٿو.[1]

تاريخ[سنواريو]

تبت پنهنجي تاريخ کان وٺي الڳ ۽ آزاد رياست جي دعويٰ ڪئي آهي. اٺين صديءَ عيسوي ۾ تبت وارن ٻُڌمت قبولي، پاڻ کي ٻيءَ دنيا کان ڪٽي ڇڏيو. خليفي مامون جي دور ۾ تبت جو بادشاهه مسلمان ٿي ويو هو، پر ڪجهه صدين کان وٺي ان جو اسلامي دنيا سان واسطو گهٽ رهيو آهي. 1720ع ۾ چين اهو علائقو فتح ڪيو. اڳتي هلي 1913ع ڌاري تبت پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو، جنهن جي پٺيان برطانيه جي حوصلي افزائي شامل هئي. پر 1950ع ۾ وري چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ تبت تي حملو ڪري، ڪنٽرول حاصل ڪيو. پوءِ اتان جي عوام ۾ بيچيني ۽ بغاوت جنم ورتو. ڇو ته وعدي باوجود تبت کي داخلي خودمختياري نه ڏني وئي. 1959ع ڌاري اتي عوامي بغاوت ۾ اضافو ٿيو، پر چيني حڪومت ان کي دٻائي رکيو. جڏهن دلائي لاما هندستان هليو آيو ته پٺيان ’پنچن لاما‘ کي هٿ وٺي تبت جي حاڪميت ڏني وئي. تبت/ ٿٻيٽ ۾ اڪثر باشنده ’لامائيت‘ واري مذهبي اثر هيٺ آهن، جيڪو ٻڌمت جي هڪ شڪل آهي.[1]

جاگرافي[سنواريو]

هتي زراعت صرف سانگپور (برهمپترا)، سنڌونديءَ ۽ ستلج وادين ۾ ممڪن آهي. هتان جا 90 سيڪڙو رهاڪو زراعت تي گذران ڪن ٿا. تبت جي آبادي لڳ ڀڳ اوڻيهه لک آهي. تبت جي قومي ٻولي تبتي آهي، جنهن جا چين ۾ 1،070،000 ڳالهائڻ وارا موجود آهن. 86سيڪڙو ماڻهو ٻي ٻولي ڪو نه ڄاڻن، رڳو تبتي ڳالهائين، جن ۾ 570000 ڊبس (Dbus)، 460،000 گتسانگ (Gtsang)۽ 4،593،000 ٻين ٻولين جا ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. تبت کان سواءِ آسي پاسي جي علائقن جهڙوڪ: سچوئن (Sichuan)، ڪنگائي (Qingai) وغيره جي علائقن جا ماڻهو به تبتي ٻولي ڳالهائين ٿا. ان کانسواءِ ڀوتان، هندوستان، نيپال، ناروي، سئٽزرلئنڊ، تائيوان ۽ آمريڪا ۾ به هيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. هن کي ڀوتيا، ڊبس، دبسنگ تسان (Dbusgstang)، ڦوڪ (Phoke)، تبتي، يو (U)، وئي (Wei)، وئي زنگ (Weizang) ۽ زانگ (Zang) جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. هن ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا مختلف علائقن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا، جن ۾ تسانگ، لهاسا، ڊبس، منگهرس (Mangahris)، ڊيڪنگ زانگ وغيره مشهور آهن. جيڪي مختلف علائقن جا ماڻهو ڳالهائين ٿا. هي سائينو، تبتي، برمي، هماليائي، تبتي ڪنوئري، وچين تبتي ٻولين جي شاخ مان آهي. هي ٻولي تبت ۾ پرائمريءَ کان وٺي تعليم جو ذريعو آهي. هن ٻوليءَ ۾ ڪيترائي رسالا، اخبارون ڇپجن ٿيون. تبت ۾ رهندڙ قبيلا رانگ، سفان (Hsifan) ۽ ڀوٽيا وغيره، هي ٻولي خاص طور ڳالهائين ٿا. هي لامائي ٻڌ آهن. زراعت سان وابسته هجڻ کان سواءِ رڍون، ٻڪريون ڌارين ۽ اڻڻ جو ڪم ڪن. ڪجهه مسلمان به آهن، هي ٻولي تبتي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. 7 صدي عيسوي ۾ يارلنگ (Xarlung) نالي تبت جي حڪمران، پنهنجي هڪ وزير ٿونمي سمڀوتا کي هندوستان موڪليو ته هو ٻڌ مذهب بابت معلومات ڪٺي ڪري، ۽ هن هتي نوشته هٿ ڪري پنهنجي لپي ايجاد ڪئي، جنهن جو گهڻو تڻو بنياد ديوناگريءَ جي حرفن تي هو. هن تبتي ٻوليءَ جو گرامر به سنسڪرت جي بنياد ٺاهيو. جنهن ۾ ٻڌ مذهب بابت معلومات لکي ويندي هئي. هاڻي عام زندگيءَ جي وهنوار لاءِ به هيءَ لکت ڪم اچي ٿي. توڙي جو هن ۾ وقت گذرڻ سان ڪيتريون تبديليون به آيون آهن. هي حرفپدي نموني جي ٻولي آهي، جنهن ۾ حرف علت ”اَ“ بهرحال موروثي آهي. جيئن هندوستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۾ اڪثر آهن. ٻيا آواز گهڻو ڪري اعرابون ڏئي ظاهر ڪيا وڃن ٿا. هر پد کي ٽبڪو ڏئي ٻئي پد کان الڳ ڪيو وڃي ٿو. حرف صحيح خاص نموني جا ڌت ڏئي لکيا وڃن ٿا. هيءَ لپي 6 ملين ماڻهو لکن ٿا. منگوليا ۾ لکت توڙي ۽ ٻولي کي ڪلاسيڪي درجو حاصل آهي، ڇو ته ٻڌ نوشته هن ٻولي جي لکت ۾ محفوظ آهن. هن جي لپيءَ ۾ حرف صحيح يا وينجنن جو تعداد 30 آهي، جڏهن ته ان ۾ سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين کان 5 اکر اڌارا ورتل آهن ۽ ان ۾ حرف علت جو تعداد چار آهي، جڏهن ته ڌت 90 آهن.[1]

حوالا[سنواريو]