تبت
تبت جي خودمختيار ريجن شيژانگ واري خودمختيار ريجن Tibet Autonomous Region Xizang Autonomous Region | |
|---|---|
نقشي ۾ تبت جي خودمختيار ريجن نمايان ڏيکاريل | |
| ملڪ | عوامي جمهوريه چين |
| گاديءَ جو هنڌ (۽ سڀ کان وڏو شھر) | لھاسا |
| انتظامي ورهاست | 5 پريفيڪچر، 2 پريفيڪچر، 6 ضلعا، 68 ڪائونٽيون، 692 ٽائون شپ |
| حڪومت | |
| • طرز | خودمختيار ريجن جي حڪومت |
| • باڊي | تبت خودمختيار ريجن پيپلز ڪانگريس |
| • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | وو ينگجئي |
| • تبت خودمختيار ريجن پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | لوسانگ جيمڪان |
| • حڪومت جو چيئرمين | چي دالھا |
| • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | پگبالھا گيليگ نامگيائي |
| ايراضي | |
| • ڪل | 1,228,400 km2 (474,300 sq mi) |
| ايراضي درجو | ٻيون نمبر |
| آبادي (2019)[2] | |
| • ڪل | 3,505,600 |
| • درجو | 32ھون نمبر |
| • ڪثافت | 2.59 في چورس ڪلوميٽر |
| • ڪثافتي درجو | 33ھون نمبر |
| Demographics | |
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | CN-XZ |
| GDP (2019) | CNY 169.78 billion USD 24.61 billion (31st)[3] |
| - per capita | CNY 48,902 USD 7,089 (25th) |
| HDI (2018) | medium · 31st |
| ويب سائيٽ | www |
| تبت | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| "تبت" چيني ٻولي ۾ (مٿان) ۽ تبتي ٻولي ۾ (ھيٺان) | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| چیني نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| چیني | 西藏 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| ھانیو پنین | Xīzàng | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| لغوي معنیٰ | "اولھ وارو سئنگ" | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| تبت جي خودمختيار ريجن | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسان چیني | 西藏自治区 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 西藏自治區 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| لغوي معنی | "اولھ واري سئنگ جي خودمختيار ريجن" | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| تبتي نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| تبتي | བོད་ | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| مانچو نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| مانچو | ᠸᠠᡵᡤᡳ ᡩᡯᠠᠩ | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| منگوليائي ٻولي نام | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| منگوليائي ٻولي | ᠲᠢᠪᠧᠲ تبييت | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
تبت(انگريزي: Tibet ) يا تبت جي خودمختيار ريجن (انگريزي: Tibet Autonomous Region ) (اختصار: TAR) يا شيژانگ(انگريزي: Xizang ) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ خودمختيار ريجن جو نالو آهي. چين جي انقلاب وقت ان جو نالو تبت وارو علائقو ھيو پر 1965ع ۾ ان جي جاء تي ھي خودمختيار ريجن قائم ڪئي وئي. ان جون موجوده حدون دراصل ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ قائم ٿيون ھيون[5] ان جي پکيڙ 1,200,000 km2 (460,000 sq mi) آھي ۽ اھا چين جي سنڪيانگ کان پوءِ ٻيون نمبر سڀ کان وڏي انتظامي ورهاست آھي. ان جي آبادي 35 لک آھي. اھا چين جي ڏکڻ واري ريجن ۾ ۾ واقع آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي ٿُٻيٽ به چيو ويندو آهي. هيءَ دنيا جي اوچائيءَ وارن علائقن ۾ سرفهرست آهي. سامونڊي سطح کان لڳ ڀڳ 4900 ميٽر (16000 فوٽ) اوچائي تي واقع تبت کي دنيا جي ڇت به سڏيو وڃي ٿو.[6]
31°12′N 88°48′E / 31.2°N 88.8°E
| جلاوطن تبتي گروھن جي دعوا وارو عظيم تبت | |||||||||
| چين پاران جوڙيل تبت جو خودمختيار علائقو | |||||||||
| موجوده تبت جي خودمختيار ريجن | |||||||||
| چيني اختيار ۾ علائقو جنھن کي انڊيا اڪسائي چن جو حصو قرار ڏيندي دعويدار | |||||||||
| انڊيا جي اختيار وارو علائقو جنھن کي چين ڏکڻ تبت قرار ڏئي دعويدار | |||||||||
| ٻيا علائقا جيڪي تاريخي طور تي تبت جي ثقافتي دائري م شامل | |||||||||

تاريخ
[سنواريو]تبت پنهنجي تاريخ کان وٺي الڳ ۽ آزاد رياست جي دعويٰ ڪئي آهي. اٺين صديءَ عيسوي ۾ تبت وارن ٻُڌمت قبولي، پاڻ کي ٻيءَ دنيا کان ڪٽي ڇڏيو. خليفي مامون جي دور ۾ تبت جو بادشاهه مسلمان ٿي ويو هو، پر ڪجهه صدين کان وٺي ان جو اسلامي دنيا سان واسطو گهٽ رهيو آهي. 1720ع ۾ چين اهو علائقو فتح ڪيو. اڳتي هلي 1913ع ڌاري تبت پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو، جنهن جي پٺيان برطانيه جي حوصلي افزائي شامل هئي. پر 1950ع ۾ وري چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ تبت تي حملو ڪري، ڪنٽرول حاصل ڪيو. پوءِ اتان جي عوام ۾ بيچيني ۽ بغاوت جنم ورتو. ڇو ته وعدي باوجود تبت کي داخلي خودمختياري نه ڏني وئي. 1959ع ڌاري اتي عوامي بغاوت ۾ اضافو ٿيو، پر چيني حڪومت ان کي دٻائي رکيو. جڏهن دلائي لاما هندستان هليو آيو ته پٺيان ’پنچن لاما‘ کي هٿ وٺي تبت جي حاڪميت ڏني وئي. تبت/ ٿٻيٽ ۾ اڪثر باشنده ’لامائيت‘ واري مذهبي اثر هيٺ آهن، جيڪو ٻڌمت جي هڪ شڪل آهيسانچو:تبت ۱۹۱۲-۱۹۵۱.[6]
جاگرافي
[سنواريو]هتي زراعت صرف سانگپور (برهمپترا)، سنڌونديءَ ۽ ستلج وادين ۾ ممڪن آهي. هتان جا 90 سيڪڙو رهاڪو زراعت تي گذران ڪن ٿا. تبت جي آبادي لڳ ڀڳ اوڻيهه لک آهي. تبت جي قومي ٻولي تبتي آهي، جنهن جا چين ۾ 1،070،000 ڳالهائڻ وارا موجود آهن. 86سيڪڙو ماڻهو ٻي ٻولي ڪو نه ڄاڻن، رڳو تبتي ڳالهائين، جن ۾ 570000 ڊبس (Dbus)، 460،000 گتسانگ (Gtsang)۽ 4،593،000 ٻين ٻولين جا ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. تبت کان سواءِ آسي پاسي جي علائقن جهڙوڪ: سچوئن (Sichuan)، ڪنگائي (Qingai) وغيره جي علائقن جا ماڻهو به تبتي ٻولي ڳالهائين ٿا. ان کانسواءِ ڀوتان، هندوستان، نيپال، ناروي، سئٽزرلئنڊ، تائيوان ۽ آمريڪا ۾ به هيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. هن کي ڀوتيا، ڊبس، دبسنگ تسان (Dbusgstang)، ڦوڪ (Phoke)، تبتي، يو (U)، وئي (Wei)، وئي زنگ (Weizang) ۽ زانگ (Zang) جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. هن ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا مختلف علائقن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا، جن ۾ تسانگ، لهاسا، ڊبس، منگهرس (Mangahris)، ڊيڪنگ زانگ وغيره مشهور آهن. جيڪي مختلف علائقن جا ماڻهو ڳالهائين ٿا. هي سائينو، تبتي، برمي، هماليائي، تبتي ڪنوئري، وچين تبتي ٻولين جي شاخ مان آهي. هي ٻولي تبت ۾ پرائمريءَ کان وٺي تعليم جو ذريعو آهي. هن ٻوليءَ ۾ ڪيترائي رسالا، اخبارون ڇپجن ٿيون. تبت ۾ رهندڙ قبيلا رانگ، سفان (Hsifan) ۽ ڀوٽيا وغيره، هي ٻولي خاص طور ڳالهائين ٿا. هي لامائي ٻڌ آهن. زراعت سان وابسته هجڻ کان سواءِ رڍون، ٻڪريون ڌارين ۽ اڻڻ جو ڪم ڪن. ڪجهه مسلمان به آهن، هي ٻولي تبتي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. 7 صدي عيسوي ۾ يارلنگ (Xarlung) نالي تبت جي حڪمران، پنهنجي هڪ وزير ٿونمي سمڀوتا کي هندوستان موڪليو ته هو ٻڌ مذهب بابت معلومات ڪٺي ڪري، ۽ هن هتي نوشته هٿ ڪري پنهنجي لپي ايجاد ڪئي، جنهن جو گهڻو تڻو بنياد ديوناگريءَ جي حرفن تي هو. هن تبتي ٻوليءَ جو گرامر به سنسڪرت جي بنياد ٺاهيو. جنهن ۾ ٻڌ مذهب بابت معلومات لکي ويندي هئي. هاڻي عام زندگيءَ جي وهنوار لاءِ به هيءَ لکت ڪم اچي ٿي. توڙي جو هن ۾ وقت گذرڻ سان ڪيتريون تبديليون به آيون آهن. هي حرفپدي نموني جي ٻولي آهي، جنهن ۾ حرف علت ”اَ“ بهرحال موروثي آهي. جيئن هندوستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۾ اڪثر آهن. ٻيا آواز گهڻو ڪري اعرابون ڏئي ظاهر ڪيا وڃن ٿا. هر پد کي ٽبڪو ڏئي ٻئي پد کان الڳ ڪيو وڃي ٿو. حرف صحيح خاص نموني جا ڌت ڏئي لکيا وڃن ٿا. هيءَ لپي 6 ملين ماڻهو لکن ٿا. منگوليا ۾ لکت توڙي ۽ ٻولي کي ڪلاسيڪي درجو حاصل آهي، ڇو ته ٻڌ نوشته هن ٻولي جي لکت ۾ محفوظ آهن. هن جي لپيءَ ۾ حرف صحيح يا وينجنن جو تعداد 30 آهي، جڏهن ته ان ۾ سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين کان 5 اکر اڌارا ورتل آهن ۽ ان ۾ حرف علت جو تعداد چار آهي، جڏهن ته ڌت 90 آهن.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 西藏概况(2007年) [Overview of Tibet (2007)] (Simplified Chinese ۾). People's Government of Tibet Autonomous Region. 11 September 2008. اصل نسخو مان 22 December 2015 تي محفوظ ڪيل. 18 December 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "人口统计". www.xizang.gov.cn (چيني ۾). 西藏自治区人民政府. 24 February 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "拉萨市2019年国民经济和社会发展统计公报" (چيني ۾). 13 April 2020. 12 March 2021 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: url-status (ڳنڍڻو) - ↑ "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 23 September 2018 تي محفوظ ڪيل. 13 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "What is Tibet? – Fact and Fancy", Excerpt from Goldstein, Melvyn, C. (1994). Change, Conflict and Continuity among a Community of Nomadic Pastoralist: A Case Study from Western Tibet, 1950–1990. ص. 76–87.
{{cite book}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) - 1 2 3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.[مئل ڳنڍڻو]
- CS1 uses چيني-language script (zh)
- CS1 Simplified Chinese-language sources (zh-hans)
- CS1 چيني-language sources (zh)
- CS1 maint: url-status
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Articles containing Chinese-language text
- Articles containing Standard Tibetan-language text
- CS1 maint: multiple names: authors list
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from March 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- چين
- اوڀر ايشيا
- تاريخي علائقا
- ثقافتي علائقا
- رٿيل ملڪ