طارق عالم ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪ، شاعر ۽ مصور طارق عالم پٽ محمد عالم ابڙو 10 اپريل 1958 تي قمبر )ضلعو لاڙڪاڻو( ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پرئڪٽسنگ اسڪول، )ٽريننگ ڪاليج فارمين( مان، مئٽرڪ جامعه عربيه )اڳوڻو ڪندنمل گرلز هاءِ اسڪول( مان ۽ بي - اي سنڌي ادب سچل آرٽس ڪاليج، حيدرآباد سنڌ مان پاس ڪئي.

ساهت ۾ شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽ سندس پهريان شعر ماهوار ماروئڙا )1975( ۾ ڇپيا. سندس پهرين ڪهاڻي پائلي ماهوار تحريڪ ۾ 1978ء ۾ ڇپي. هن وقت تائين 20 ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون اٿس. ڪهاڻين جو هڪڙو مجموعو رات، سانت ۽ سوچون )1981ء( ۾ پبلش ٿيو هو. ۽ ٻيون سڃاڻپ جي ڳولا ۾ جي عنوان هيٺ شايع ٿيل آهن.

سندس لکيل ڊراما پڻ مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿيا آهن. 1978ء ۾ سندس پهريون ٽيلي ناٽڪ چنڊ رهين ٿو ڏور جيڪو سندس هڪ ڪهاڻيءَ تان ترجمو ٿيل هو سو ڪراچي ٽيليويزن تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. هيل تائين نو ٽيلي ناٽڪ ڪاسٽ ٿي چڪا اٿس.

کيس مصوري ۽ فوٽو گرافيءَ سان گهڻي دلچسپي آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران هو ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو -ايڊيٽر- رهيو آهي ۽ هن وقت ٽماهي ”مهراڻ“ مخزن جو سب -ايڊيٽر- آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”رات، سانت“ ۽ ”سوچون“ (ڪهاڻيون: 1981ع)، ”رهجي ويل منظر“ (ناول: 1985ع) (ڪيترائي ڇاپا)، ”مورن اوچا ڳاٽ“ (هائيڪا- شاعري: 1990ع)، ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ (سفرنامو: 1991ع)، ”سڃاڻپ جي ڳولا“ (ڪهاڻيون 1998ع). هن 11 جون 2011ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]