شوڪت شورو
شوڪت شورو Shaukat Shoro | |
|---|---|
| ڄمڻ | شوڪت حسين شورو 04 جولاءِ 1947 (عمر 78 سال) ڳوٺ نور محمد شورو،سجاول تعلقي، ٺٽي ضلعي (هاڻ سجاول ضلعي) |
| وفات | 9 نومبر 2021 ڪراچي |
| آرامگاه | ڄامشورو |
| قلمی نالو | شوڪت شورو |
| پيشو | ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار |
| ٻولي | سنڌي |
| شهريت | پاڪستان |
| تعليم | ایم اي (سنڌي ادب) |
| مادرِ علم | سنڌ يونيورسٽيڄامشورو |
| موضوع | افسانہ، ڪالم، ڊراما |
| نمايان ڪم | گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان اکين ۾ ٽنگيل سپنا گم ٿيل پاڇو رات جو رنگ کوئي هوئي پرڇائي |
| نمايان انعام | بهترين ڪهاڻيڪار (سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد)
ـ شوڪت حسين شورو کي اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران ”سنڌ اديب“ ايوارڊ رام. ڄيٺملاڻي جي ھٿان ممبئي ۾ 2015 ۾ ڏنو ويو. ـ ”شوڪت حسين شورو ـ شخصيت ۽ فن “ ٽاپڪ تي ارشد چنا علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان ايم ـ فل جي ڊگري حاصل ڪئي. ـ شوڪت حسين شورو بابت چاندي ٻائي ڪاليج، الھاس نگر، انڊيا ۾ 2017 ۾ ادبي سيمينار آيوجت ڪيو ويو. -هندستان جي سرڪاري سطح تي مهاراشٽرا راجيه سنڌي آڪادميءَ طرفان 2018 ۾ 'کوئي هوئي پرڇائي' ڪتاب تي انعام حاصل ٿيل. |
شوڪت شورو انگريزي ٻولي (Shaukat Shoro) (4 جولاءِ 1947 - نومبر 9, 2021)؛ سنڌ پاڪستان. جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو ناميارو جديد اديب، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار هيو[1][2]. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شوڪت شورو سنڌي ساهت جوانتهائي منفرد ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڊراما نگار آهي جنهن ڪري سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي. [3].[4].[5][6]
زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]شوڪت شورو جو پورو نالو شوڪت حسين شورو آهي. هن جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي وڪيل ۽ جج عبدالڪريم شورو جي گهر ۾،ٺٽي ضلعي هاڻي سجاول ضلعي جي سجاول تعلقي جي ڳوٺ نور محمد شورو ۾ ٿيو.[1] هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائي. چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ سجاول شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ان اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.[1] 1966ع ۾ حيدرآباد جي سچل آرٽس ڪاليج منجهان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1968ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم ايسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[7][1]
خدمتون
[سنواريو]شوڪت شوري لکڻ جي شروعات 1964ع ۾ ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي 1964ع ۾ ماهوار رسالي روح رهاڻ حيدرآباد ۾ "اکيون روئي پيون" جي نالي سان ڇپي هئي. پوءِ لڳاتار لکندو رهيو. شوڪت شورو جديد سنڌي ڪهاڻي يا نئين ڪهاڻي جو نرالو ليکڪ ۽ ٻين وڏن ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ شامل آهي.[5] هو شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپجندڙ ٻارن لاءِ رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر ٿيو. ان نوڪري کي ڇڏي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي ڊرامي جو اسڪرپٽ ايڊيٽر بڻيو. انکانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نوڪري ڪيائين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو[1][8] ۽ 2009ع تائين انهي عهدي تي رهيو.[1] شوڪت شورو سنڌي اديبن جي وفدن سان هندستان جون ڪيتريون ئي ياترائون ڪيون. سندس ڪيترائي ڊراما پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ ٻين چينلن تي ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. سندس ڊرامو باک ۽ ملڪيت وڏي مقبوليت ماڻي.[7] سندس زندگي ۽ فن تي مڃتا طور “شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن” 2001ع ۾ ڪتاب پڻ ترتيب ڏنل ۽ ڇپيل آهي. ان ۾ مختلف اديبن جا سندس شخصيت ۽ فن تي سنڌي انگريزي مقالا به شامل آهن ته سندس چار ڪهاڻيون “شاگرد اڳواڻ”، “اوپرو ماڻهو”، “اکين ۾ ٽنگيل سپنا” ۽ “خوف جو موت” به ڇپيل آهن.[9] سندس ڪهاڻين “گم ٿيل پاڇو”، “سمنڊ ۽ هيڪلو روح” ۽ ٻين ڪهاڻين به مقبوليت ماڻي.[10]
ڇپيل ڪتاب
[سنواريو]شوڪت شوري جي ڪهاڻين جا ڇپيل اهم ڪتاب آهن:[7][11]
- گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان، 1981ع
- اکين ۾ ٽنگيل سپنا، 1983ع
- گم ٿيل پاڇو 1989ع
- رات جو رنگ 2011ع
- کوئي هوئي پرڇائي 2017ع
- ڪلرس آف نائيٽ
اوارڊ
[سنواريو]شوڪت شورو ادبي خدمتن عيوض وڏي مڃتا ماڻي آهي. کيس اديب ۽ ڪهاڻيڪار طور ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن جنهن ۾ سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2001ع ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جو مليل اوارڊ ذڪر جوڳو آهي.[7]
لاڏاڻو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 "شوڪت حسين شورو : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 10 نومبر 2021۔
- ↑ "ٽيليويزن ڊراما نگاري | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 10 نومبر 2021۔
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 31 مئي 2019۔
- ↑ "PressReader.com - Your favorite newspapers and magazines.", www.pressreader.com, حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔
- 1 2 "شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن", SindhSalamat, حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔
- 1 2 3 4 "شوڪت حسين شورو : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔
- ↑ "سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت شورو زندگيءَ جون 73 بهارون ڏسي چڪو () | پيچرو نيوز سنڌي", www.pechro.com (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 11 نومبر 2021۔
- ↑ "شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 31 مئي 2019۔
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 31 مئي 2019۔
- ↑ "Amazon.in: Shaukat Hussain Shoro: Books", www.amazon.in, حاصل ڪيل 30 مئي 2019۔
- ↑ "Famous Story Writer Shoukat Hussain Shoro Passes Away", UrduPoint (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 10 نومبر 2021۔