زيب سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زيب سنڌي

زيب سنڌي انگريزي ٻولي (Zaib Sindhi) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ۽ اردو ٻولي جو ڊراما نگار شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن ۽ ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما نشر ٿيل آھن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

زيب سنڌي جو اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ آهي. سندس جنم 7 سيپٽمبر 1957 تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو, سندس اصل شهر لاڙڪاڻو آهي، پر 1990 کان سندس مستقل رهائش حيدرآباد ۾ رهائش آهي. زيب سنڌي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1982 ۾ پبلشر جي حيثيت سان ڪئي هئي ۽ سڳنڌ پبليڪيشن جي نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪيو هئائين. 1988 ۾ هو ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر طور ڀرتي ٿيو. 1989 ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2017 ۾ پروفيسر جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري پوري ڪيائين. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ريڊيو، ٽيلي ويزن جو ناميارو ڪمپيئر آهي.

ادبي ڪم[سنواريو]

ڪهاڻين جي ڇهن ڪتابن سوڌو سندس 21 ڪتاب ڇپيل آهن. ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ ۽ ”حيدرآباد 47 ڪلوميٽر“ ۽ "آخري ماڻهو" سندس ڪهاڻين جا اهم ڪتاب آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ فينٽسي، مسٽري اسٽوري ۽ سائنس فڪشن به شامل آهن، جنهن ڪري هو پنهنجي همعصر ليکڪن ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.

زيب سنڌي جو پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائي اردو ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جا ڪلاس شڪ پبلشر لاهور پاران هڪ مهيني اندر ٻه ايڊيشن شايع ڪيا، جنهن کان پوءِ اهو ناول انڊيا ۾ ميٽرلنڪ پبلشر، لکنئو پاران پڻ ڇپرايو ويو.

مختلف ترجمہ نگارن پاران زيب سنڌي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو "ڊانسنگ گرل" جي نالي سان ڇپيل آهي، جيڪو شاهد حنائي جو سهيڙيل آهي. زيب سنڌي جون اردو ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڪهاڻيون ترجمو ٿي چڪيون آهن. اردو کان سواءِ زيب سنڌيءَ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انگريزي، جرمن، هندي، بنگالي، هريانوي، پنجابي، پشتو، پهاڙي، بلوچي ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن.

زيب سنڌي پاڻ به ٻين ٻولين جو ادب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس ترجمو ڪيل ليلا خالد جي آتم ڪهاڻيءَ ”اسان زندهـ رهنداسين“ جا چار ايڊيشن، چنگيز اعتماتوف جي ناول "ڌرتي ماءُ" جا ٻه ايڊيشن، "خليل جبران جي جيون ڪٿا" جا ٽي ايڊيشن ۽ "ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون" جا پڻ ڪيرائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ هن فرانز ڪافڪا ۽ دنيا جي ٻين ليکڪن جون ڪهاڻيون پڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيون آهن.

زيب سنڌي ڪالم نگار جي حيثيت سان پڻ ڌار سڃاڻپ جو مالڪ آهي. هو ڪافي سالن کان روزاني ڪاوش اخبار ۾ "دل جي ڳالھ" جي عنوان سان هفتيوار ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪالمن جي خوبي اها آهي ته اهي به ڪهاڻين جيان ئي دلچسپ هوندا آهن. سندس ڪالمن جي ڪتاب "سنڌ جي ڳالھ" کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران بهترين سماجي ادب جو ايوارڊ ڏنو ويو هو.

زيب سنڌي 1981 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي. 1988 ۾ ريڊيو جو پروڊيوسر ٿيو پر سگهو ئي اها نوڪري ڇڏي ، 1989ع ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ 2017ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. ريڊيو حيدرآباد سان ڪمپئرنگ وسيلي لاڳاپيل آهي.

زيب سنڌي ڪهاڻيڪار سان گڏ ڪامياب ڊراما نويس به پڻ آهي. پاڻ اردو توڙي سنڌي ۾ 9 ڊراما سيريلز،5 ٽيلي فلم ۽ 25 سولو ڊراما مختلف ٽي وي چينيلز لاءِ لکيا جيڪي پڻ ڪامياب ٿيا. سندس اردو سيريل ”جانشين“ پي ٽي وي جي تاريخ ۾ مقبوليت جو رڪارڊ ٺاهيو ۽ پي ٽي وي جي تاريخ جو رڪارڊ بزنس حاصل ڪيو. جڏهن تـ سندس اردو ڊراما سيريل ”انجاني راستي“ ۽ ٽيلي فلم ”سيتا زينب“ پڻ تمام گهڻو مقبول ٿيون. سندس ڪهاڻي "حيدرآباد 47 ڪلو ميٽر" تي پاڪستان ۾ ٽيلي فلم ٺاهي وئي، جيڪا پوءِ باليووڊ جي ليکڪ ۽ فلم ڊائريڪٽر چوري ڪري فلم "ممبئي 125 ڪلوميٽر" ٺاهي.

زيب سنڌي کي ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ نشرياتي ادارن پاران ايوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس ايوارڊ، انسٽيٽوت آف سنڌيالاجي ايوارڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ايوارڊ، پي بي سي ايوارڊ، ڪي ٽي اين ايوارڊ، سنڌ يونيورسٽي پاران مڄتا شيلڊ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، سوڌو ڪيترائي ٻيا ايوارڊ مليل آهن. زيب سنڌي ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام ”سڳند“ ۾ هڪ بهترين سلسلو ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ هلايو. ان ۾ نون ايندڙ شاعرن ۽ ليکڪن کي اڳتي وڌڻ جو ڀرپور موقعو مليو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. "زيب سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-22. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: زيب سنڌي - رضوان گل". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-01-22.