ٽيليويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
2008 ۾ نڪتل ھڪ دڪان ۾ وڪري لاءِ رکيل فليٽ اسڪرين ٽيليويزنن جي تصوير

ٽيليويزن يا ڏور ڏسڻي[1] انگريزي ٻولي: Television هن سان برقي حرڪت ذريعي تصوير ۽ آواز کي گڏ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ مراد آهي. هن ۾ ڪنهن شخص يا شيءِ سان منعڪس ڪيل روشني، پهرين برقي حرڪت ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي، پوءِ وري هن برقي حرڪت کي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ برقي حرڪت، روشنيءَ ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي ته جيئن هن مان هڪ ڏسي سگهجندڙ تصوير ٺهي وڃي.

ايجاد[سنواريو]

ٽيليويزن جي تڪميل 1873ع ۾ هن انڪشاف کان پوءِ ٿي ته سيلينم تي روشني پوڻ سان اُن جي برقي مواصليت تبديل ٿي ويندي آهي. شروع شروع ۾ سيلينم جا خانا استعمال ڪيا ويا، پر اطمينان جوڳو نتيجو برقيائي ٽيوب (Electronic Tube) فوٽو ٽيوب (Photo Tube) جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ حاصل ٿيو.

دريافت[سنواريو]

1897ع ۾ سر جي. جي. ٽامن برقي ٽيوب جي ماهيت دريافت ڪئي. 1905ع ۾ آئن اسٽائن فوٽو ڪيميڪل افيڪٽ (Photo Chemical effect) جي نظريي کي تڪميل تائين پهچايو. 1906ع ۾ لي دي فاريسٽ فلائي ٽيوب ٺاهي. اِئين 1930ع کان 1940ع تائين ٽيلي ويزن جو ساز ۽ سامان تجربي گاهه ۾ تڪميل تي پهتو. -ٻي عالمي جنگ- ۾ ٽيليويزن بازار ۾ پهتي. ٽي ويءَ جو بنيادي اصول اهو آهي ته ايندڙ تصوير کي ننڍن ننڍن ذرن ۾ ورهائي پهچايو وڃي. -ٽيليويزن- تجارتي پيماني تي 1953ع ۾ شروع ٿي. -ان- جي ڪئميرا لاڳاپيل منظر کي سرخ، سبز يا بلو رنگ ۾ تقسيم ڪندي آهي. ٽئي رنگ الڳ الڳ وصول ڪندڙ -اوزار- ۾ پهچندا آهن، -جتي- اهي هڪ خاص تصويري نليءَ تي گڏ ٿيندا آهن ۽ اک جو پورو رنگين منظر ڪاري ۽ اڇي رنگ ۾ ڏيکاري ڏيندو آهي. -ٽيليويزن- جي ايجاد ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن جو حصو آهي، پر -ان- جي ڪاميابي اسڪاٽ لئنڊ جي هڪ انجنيئر جان بيئرڊ جي هٿان ٿي.

Baird in 1925 with his televisor equipment and dummies "James" and "Stooky Bill" (right).

1920 ۾ جڏھن ايمپليفڪيشن ٽيليويزن جي ٺھڻ کي ممڪن بڻايو تڏھن اسڪاٽس موجود جان لوئي بيئرڊ پنھنجي پروٽو ٽائيپ وڊيو سسٽم ۾ نپڪو Nipkow ڊسڪ لڳائي. 25 مارچ 1925 تي ھن لنڊن ۾ سيلفرج جي ڊپارٽمينٽ اسٽور تي ھن Silhouette تي تصويري حرڪت کي نشر ڪرڻ جو ماڻھن سامھون مظاھرو ڪيو.[2] 30 سيپٽمبر 1929ع تي بي بي سي دنيا جو پهريون -ٽيليويزن- پروگرام پيش ڪيو. -ان- ۾ بيئرڊ جيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو هو.

رنگين ٽيليويزن[سنواريو]

رنگين ٽيليويزن 20 صديءَ جي وچ ۾ ايجاد ٿي.دنيا جي پھرين رنگين ٽيليويزن ٽرانسميشن جو سڀ کان پھريون مظاهرو بہ جان لوئي بيئرڊ 3 جولائي 1928 ۾ ڪيو..[3] پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين ٽيليويزن اسٽيشن 1964ع ۾ لاهور ۾ ڪم شروع ڪيو. -ان- کان پوءِ ڊاڪا، ڪراچي، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽا اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 1977ع جي شروع ۾ رنگين پروگرام پيش ڪيا ويا.

Color bars used in a test pattern, sometimes used when no program material is available.

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "ٽيليويزن- ڏور ڏسڻي". sindhila.edu.pk. سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو. حاصل ڪيل 1 July 2018. 
  2. "Current Topics and Events", Nature, vol. 115, 4 April 1925, p. 505–506, سانچو:Doi.
  3. John Logie Baird, Television Apparatus and the Like, U.S. patent, filed in U.K. in 1928.