نقل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اهل يا نقل (Imitation) يونانين جي خيال ۾ هر تخليق اصل ۾ اهل يا نقل آهي، ڇو ته اصل شيءِ جو خالق خدا آهي. ان جو مطلب تہ تخليق در اصل نقل جو بہ نقل آهي. هن (خدا) خيال يا تصور ڪيو ۽ تخليق ڪئي، ان تخليق کي ڏسي انسان جي ذهن ۾ تصور ۽ عڪس پيدا ٿيو، جنهن مان سندس تخليق جنم ورتو. يوناني خيال پرست ڏاهن، خاص ڪري افلاطون نظريو ڏنو تہ شاعري، ڊرامو، ۽ ٻيو ادب نقل جو بہ نقل آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.