مواد ڏانھن هلو

ٿاڌل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿاڌل سنڌ جو هڪ ديسي شربت آهي،[1] جيڪو گرميءَ جي مُند ۾ ٺاهي پيتو ويندو آهي.[1][2] ٿاڌل سنڌي لفظ ٿڌ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڌٿاڻ.[3] ٿاڌل ٺاهڻ لاءِ ڌاڻا، سونف، خشخش، ڪاري مرچ، جيرو، بادام، چار مغز ۽ جڙي ٻوٽيون ڪم اينديون آهن.[1][3][2][4] انهن سڀني شين کي ٺڪر جي ٿانون ۾ وجهي مصريءَ سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي کير جي رنگ جهڙي پيسٽ تيار ڪئي ويندي آهي،[1] جنهن ۾ پاڻي، مٺاڻ ۽ برف وجهي گراهڪ کي وڪرو ڪيو ويندو آهي.[3] سنڌ ۾ ٺٽي جي "درس دواخاني" جي ٿاڌل ۽ نوابشاهه جي "معاذ ٿاڌل" مشهور آهي،[1][5] جڏهن ته هاڻي ڪي ٻيون ڪمپنيون به ٿاڌل ٺاهڻ جي ڌنڌي ۾ لڳل آهن.[1]

ڀانڃ

[سنواريو]

ٿاڌل سنڌي لفظ ٿڌ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڌٿاڻ.[3]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • ٿانڌائي (ٿاڌل)
  • ٿڌائي (مشهور سنڌي مشروب جيڪو بادام ۽ پوست جي داڻي، خاشخاش مان ٺهيل آهي).
  • کيرڻي (کير سان ٺهيل گرم مشروب، الائچي ۽ زعفران جو ذائقو).
  • گلاب جو شربت (گلاب جي پنن مان ٺهيل مشروب).
  • فالودو (آئس ڪريم جي مٿان سيون ۽ برف).
  • لسي (ڏهي تي ٻڌل روايتي مشروب).
  • ڀنگ

روايتي سنڌي مشروبات[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 "ٿاڌل : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 "ٿاڌل | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 3 4 "سنڌ جو گرمي ٽوڙ شربت، ٿاڌل - Awami Awaz" (اردو ۾). 2023-05-14. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ Keswani, Alka (2011-03-02). "Thadhal|Thandai|Mahashivratri Special". Sindhi Rasoi |Sindhi Recipes (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ "معاذ ٿاڌل جو بانيڪار علامه مولانا حڪيم محمد معاذ نوابشاهي پيرزادو". SindhSalamat. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ "Sindh Tourism Development Corporation - Sindhi Cuisine". stdc.gos.pk. 2023-05-15 تي حاصل ڪيل.