مواد ڏانھن هلو

ڄام صلاح الدين ٻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام صلاح الدين ٻيون
سنڌ جو سلطان
مارچ 1512 کان آڪٽوبر 1512
پيشروڄام فيروز
جانشينڄام فيروز
پورو نالو
ڄام صلاح الدين سمو
گهراڻوسمو
شاھي گھراڻوسمن جي بادشاھي
پيءُ ڄام نظام الدين سمو
مذھباسلام

ڄام صلاح الدين

صلاح الدين صرف اٺ مهينا (مارچ کان آڪٽوبر 1512ع) سنڌ جو حڪمران رهيو.

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

سندس دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات سان سنڌ جا سڄا لاڳاپا وري قائم ٿيا. ڄام صلاح الدين جي حڪومت ڪيئن رهي؟ ان متعلق مير معصوم لکي ٿو: ”ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ ڄام فيروز جي ماڻهن تي وٺ پڪڙ ۽ چٽيون وجهي مال طلب ڪرڻ لڳو.“سنڌ جو هي شهزادو غلط ڪارڪردگي ۽ دريا خان جي حڪمت عمليءَ سان صرف اٺ مهينه حڪمراني ڪري سگهيو. ياد رهي ته ڄام صلاح الدين سمن جي مشهور بادشاه ڄام سنجر جو پوٽو هو. [1][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب:”تحفة الڪرام“ (سنڌي“ ص137 ڄام صلاح الدين کي هڪ ٻئي ذخيري، ڄام سنجر جو ڏوهٽو سڏيو آهي. (تاريخ معصومي ص114) هي ترجمي جي غلطي ڏسجي ٿي.}
  2. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }