پپراسر آبشار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پپراسر آبشار

پپراسر آبشار (انگريزي:Piprasar Waterfall) سنڌ، پاڪستان جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي شھر واهي پانڌي ويجهو گورک هل اسٽيشن ويندڙ رستي کان اولھ طرف کيرٿر جابلو سلسلي ۾ نئي نلي يا نري جي وهڪري سان هڪ لڀائيندڙ آبشار آهي.[1][2]

ماڳ جو هنڌ[سنواريو]

پپراسر جو آبشار کيرٿر جابلو سلسلي ۾ قديم قلعن ميان جو ڪوٽ ۽ ڪارو ڪوٽ جي وچ ۾ نئي نلي يا نري جي وهڪري سان آهي. هن جي ڏکڻ ۾ ڪارو ڪوٽ ۽ اتر ۾ ميان جو ڪوٽ آهي. اولھ ۽ اوڀر ۾ لڳو لڳ ٽڪريون اٿس.[1]

نالي جو پسمنظر[سنواريو]

هيءُ آبشار هڪ حسين ترين تفريحي توڙي تاريخي ماڳ آهي. پپرا سر سنڌي زبان جو مرڪب نالو آهي. پپرا جو مطلب پپر آهي ۽ جڏهن ته سر جو مطلب ڍنڍ يا تلاءُ يا ڪنب آهي. پپراسر جو مطلب ٿيو پپر وڻ واري ڍنڍ يا چشمو. پپراسر آبشار واري ڪنڀ وٽ پپر جا ننڍا وڻ آهن جنهنڪري مٿس نالو پپرا سر پيل ڀانئجي ٿو. هيءَ تلاءُ نما ڪنب پپراسر جي آبشار جو پاڻي ئي جوڙي ٿو.[1]

تاريخ[سنواريو]

هن ماڳ بابت ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس ۾ تفصيلي ذڪر آهي. مقامي ماڻهن جون روايتون پڻ هن ڪنب ۽ آبشار کي غير مسلم ماڻهن سان منسوب ڪن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته هت غير مسلم ماڻهن جي عبادت گاھ به هئي جيڪا ميسارجي وئي آهي. غير مسلم ماڻهن جي روايت جي لحاظ سان ۽ پپر جي وڻ جي نسبت سان ٻڌمت ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پپر جي وڻ جي ٻُڌمت ۾ مذهبي طور وڏي اهميت آهي. ٻوڌي مذهبي روايتن موجب مها آتما گوتم ٻڌ پپر هيٺان چلي (Mediation) مان گذريو ۽ پنٿ جاري ڪيو هو. پپر جي پن کي به ٻُڌ مت ۾ تقدس حاصل آهي. ان پسمنظر ۾ سوچجي ٿو ته غير مسلم واري مقامي ماڻهن جي روايت کي تقويت ملي ٿي ۽ ممڪن آهي ته هيءَ ماڳ ۽ آبشار ٻُڌمت سان تعلق رکندو هجي. سنڌ ۾ قديم آثارن منجهان ٻُڌمت جي ٻين علامتن کانسواءِ ٺڪرن تي پپر جي پن جي نقش نگاري پڻ دريافت ٿيل آهي. تاريخي طور به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ٻڌمت گهڻو وقت رهيو آهي. قبل مسيح ۾ موريا گهراڻي جي اشوڪا يا آسوڪا جي دور کان وٺي سنڌ ۾ ٻُڌمت يا ٻڌ ڌرم عام هو. موريا گهراڻي کان راء گهراڻو ۽ برھمڻ گهراڻي تائين ٻڌ ڌرم جو عروج رهيو. ايم ايڇ پنهور موجب ٻڌ ڌرم سومرا شاهي گهراڻو جي دور تائين به سنڌ ۾ رهيو. چچ نامو ۾ ذڪر ڪيل ٻُڌيا پرڳڻو (ڪاڇو) به هن سحر انگيز آبشار کان ڪو گهڻو پري ناهي. هيءُ خوبصورت آبشار ٻُڌيا پرڳڻي کان اٽڪل 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هو ۽ آهي. هن آبشار جي آس پاس جبلن ۾ نقش نگاري ۾ ٻُڌمت جا ٺُلھ ۽ ٻيون علامتون وڏي مقدار ۾ مليون آهن جيڪي به هن راءِ جي تصديق ڪن ٿيون. ٻُڌمت جي انهن علامتن بابت ڪتابنڪاڇو هڪ اڀياس، سنڌ ٽوئر ازم اين آر ڪيالاجيڪل جرني ، اي گلمپس ان ٽه هسٽري آف سنڌ ۽ انڊس اسڪرپٽ ان اسٽونز ڪتابن ۾ تفصيل سان ڪيو ويو آهي. انهيءَ نسبت سان چئي سگهجي ٿو ته پپراسر جو آبشار ۽ ماڳ ٻُڌمت جي ماڻهن جو رهيو هوندو ۽ ممڪن آهي ته پپراسر نالو به تڏهوڪي زماني کان وٺي اڄ تائين رائج آهي.[1][3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "پپراسر جو خوبصورت آبشار ...عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-07. 
  2. "پپراسر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-07. 
  3. "Explore Peprasar Waterfall and Ponds". Scuba Club. حاصل ڪيل 2020-06-07.