پاڪستان جي رياستي علامت

پاڪستان جي ریاستي علامت جو اتخاذ ۱۹۵۶ء ۾ ڪيو ويو هو۔ هي علامت پاڪستان جو نظرياتي اساسو، ان جي معيشت جو بنياد، ان جو ثقافتي ورثو ۽ ان جي رهنما اصولن جو عڪس آهي۔ هن علامت ۾ هڪ ڍال جي مٿان چنڊ تاري جو نشان ٺهيل آهي ، جنهن جي چوڌاري گلن جو حلقو آهي۔ هن حلقي جي هيٺان هڪ صحيفو ٺهيل آهي ، جنهن تي پاڪستان جو قومي اصول لکيل آهي۔ چنڊ تاري ۽ حلقي ۾ موجود سائو رنگ اسلام جو روايتي نشان آهي۔ حلقي ۾ موجود ڍال چار برابر حصن ۾ ورهايل آهي ، جنهن جي مٿين حصي ۾ سڄي پاسي چانهه ۽ کٻي پاسي ڪپهه؛ جڏهن ته هيٺين حصي ۾ سڄي پاسي ڪڻڪ ۽ کاٻي پاسي جوٽ ڏيکاريو ويو آهي۔ آزادي جي وقت، هي پاڪستان جا اهم فصل هيا ۽ انهن کي ڍال تي ظاهر ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي زرعي معيشت جي عڪاسي ڪرڻ هيو۔ هيٺ موجود صحيفو، قائد اعظم جي اصولن ، ”ايمان، اتحاد، نظم“، جو پيغام آهي، جن کي پاڪستان جي رهنما اصولن مان هڪ ڳڻيو ويندو آهي۔ ڍال جي چوڌاري جو حلقو پاڪستان جي قومي گل ياسيمين سان ٺهيل آهي۔
-
علامت سپريم ڪورٽ
-
علامت وفاقي شرعي عدالت پاڪستان
-
علامت اليڪشن ڪميشن
-
علامت آئل اينڊ گیس ريگيوليٽري اٿارٽي
-
علامت خيبر پختونخوا
-
علامت سنڌ
-
علامت پنجاب
-
علامت بلوچستان
-
علامت قبائلي علاقا
-
علامت گلگت بلتستان