چانھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چانھن
Longjing green tea infused in a gaiwan
لانگجنگ سبز چانھ
نوعيت مشروب (گرم يا ٿڌو)
شروعات وارو ملڪ چين [1]
متعارف تاريخ ۾ ان جي رڪارڊ چين جي تاريخ ۾ 59 ق م جو آھي پر لڳي ٿو تہ ان جي شروعات گھڻو اڳ ٿي ھئي[2]
چانھن جو ٻوٽو(ڪميليا سنينسس)(انگريزي: Camellia sinensis)
چانھن جو ٻوٽو


چانھ(انگريزي: Tea),(عربي: چاء)، (فارسي: چاء خطائي) هندستان ۽ اوڀر پاڪستان طرف ڦارِوَن جي وڻ جيڏي هڪ وڻ جا پن آهن، جي ڀـُـڃي ڪارا ڪري پوءِ ڪاڙهي پيئندا آهن، چاءِ جو هڪ قسم بنا ڀڃڻ جي به ڪم ايندو آهي ان جو رنگ ڪاراڻ کي مائل سائو ٿيندو آهي. اهو قسم عمدو ليکبو آهي[3] .

تفصيلي تعارف[سنواريو]

چانھن ھڪ خوشبودار مشروب آھي جنھن ۾ گرم پاڻي ۾ چانھ جي ٻوٽي جا پن ملائي ٺاھبو آهي. ان ٻوٽي جو گھر ايشيا آھي.[4] پاڻي کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ پيتو ويندڙ مشروب آھي.[5]چانھ جا مختلف قسم ٿيندا آهن جيئن دارجيلنگ، سائي چانھن,[6] ۽ ٻيون جن جو نمونو وري مختلف ھوندو آھي جن ۾ مٺي، داڻيدار، گلن واري ۽ گاھ وانگر. چانھ جي شروعات ڏکڻ اولھ چين کان ٿي جتي ان جو استعمال ھڪ روايتي طبي شربت(انگريزي: Syrup) طور ٿيندو ھو.[7] چينگ خاندان جي دؤر ۾ ھي مشروب چين جو وڻندڙ مشروب ٿي ويو ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن تائين ڦھلجي ويو.پورچوگيزي پادرين چين مان سورھين صدي ۾ اھو مشروب يورپ ۾ آندو سترھين صدي عيسويءَ ۾ چانھن پيئڻ برطانيا جو رواج ٿي ويو جن وڏي پيماني تي انڊيا ۾ چانھڻ پوکي ان جو واپار شروع ڪيو. 2016 ۾ چين ۽ انڊيا دنيا کي 62 سيڪڙو چانھن برآمد ڪئي. سبز يا سائي چانھن اصل ۾ ھربل چانھ سڏبي آھي.[8].

طبي خاصيت[سنواريو]

دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿي. معدي کي قوت ڏئي ٿي، ڪچن خلطن کي پچائي ٿي، جگر جي سدن ۽ سرد مزاجن کي موافق آهي، قوت باهه کي وڌائي ٿي، پگهر آڻيندڙ ۽ اُڃ گهٽائيندڙ آهي، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي. بک وڌائي ٿي، کاڌي کي هضم ڪري ٿي.هن جو زياده استعمال نقصان ڪار آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. Fuller, Thomas (21 April 2008). "A Tea From the Jungle Enriches a Placid Village". The New York Times (New York): p. A8. https://www.nytimes.com/2008/04/21/world/asia/21tea.html. 
  2. Mair & Hoh 200929–30.
  3. 3.0 3.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
  4. Martin, p. 8
  5. Macfarlane, Alan; Macfarlane, Iris (2004). The Empire of Tea. The Overlook Press. p. 32. ISBN 1-58567-493-1. 
  6. Penelope Ody (2000). Complete Guide to Medicinal Herbs. New York, NY: Dorling Kindersley Publishing. p. 48. ISBN 0-7894-6785-2. 
  7. Heiss & Heiss 20076–7.
  8. "Google Ngram Viewer". Books.google.com. حاصل ڪيل 2018-05-30.