ٺري ميرواهه
ٺري ميرواهه | |
---|---|
شهر | |
ٺري ميرواهه | |
![]() ٺري ميرواھ جو ھاء اسڪول | |
جاگرافي بيهڪ: 27°04′06″N 68°36′08″E / 27.068310°N 68.602252°Eمڪانيت: 27°04′06″N 68°36′08″E / 27.068310°N 68.602252°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | خيرپور |
بلندي | ٤٥ ميل (١٤٨ ft) |
آبادي (2017) | |
• ڪل | ٢٣,٦٥٦[1] |
ٺرِي مِيرواهہ خيرپورضلعي جي ميرواهه تعلقي ۽ ميرواھ سب ڊويزن جي گاديءَ جو شهر آهي. ٺري ، خيرپور جي قديم شهرن مان هڪ آهي،پاڪستان جي ٺهڻ کان پهرئين ڪجھ دڪانن سميت هڪ ڪاروباري مرڪز هيو ۽ هينئر ٺري اڃا بہ وڌي رهيو آهي ۽ هڪ پُرامن شهر آهي.[2] آدمشماري ڏيڍ لک (1.5 ملين) کان وڌيڪ آهي. ٿڌي مُند (سيارو) ۽ گرمي جي مُند ۾ ٺري جي موسم متناسب ۽ سراسري گرمي جو درجو سياري ۾ 14 - ۽ اونھاري ۾ 40 سينٽي گريڊ آهي. موسمي حالت ڪيترائي اناج ۽ سبزي جي فصلن کي اڳائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.[3] جَر جو پيئڻ وارو پاڻي مٺو آھي. [4]
آبادي[سنواريو]
ٺري ميرواھ ضلعي خيرپور ۾ هڪ گُھڻ آباديءَ وارو شهر آهي. هتي ڪيتريون ئي برادريون جِن ۾ ملاح، جوڳي، ٻانڀڻ،شر،انصاري،ڪُٻر،ويسر،مانڊڻ،راڄپر،ڀٽي،ڏهر،سولنگي،جلباڻي،لغاري،شينا(پنجاپي)،دشتي،راجپوت هندو ،راڄڙ،پرهياڙ،گوپانگ ڀنڀرا, ننگريجا وغيرھ رهن ٿيون.
ڀرپاسي جا شهر[سنواريو]
- نارو ۳۵ ڪلو ميٽر
- ڳوٺ حاجي محمد ملوڪ شر۱ ڪلو ميٽر
- بوزدار وڏا ۱۵ ڪلوميٽر
- ٽالپر وڏا ۲۰ ڪلوميٽر
- ڳوٺ وڏيرو عزت خان جوڳي ۲ ڪلوميٽر
- ڳوٺ زوار محمد بخش ڀنڀرو ۲۲ ڪلوميٽر
- ڳوٺ محمد آچر ملاح ۲ ڪلو ميٽر
- سيٺارجا, تقريبن ۲۰ ڪلوميٽر
- نوابشاهه, تقريبن ۱۰۹ ڪلوميٽر
- محرابپور, تقريبن ۲۵ ڪلوميٽر
- راڻي پور, تقريبن ۴۰ ڪلوميٽر
- ڪُنب, تقريبن ۴۰ ڪلوميٽر
- سُئي گيس,تقريبن ۱۰ ڪلوميٽر
- ننگريجا تقريباً ۲۰ ڪلو ميٽر
- هنڱورجا, تقريبن ۳۵ ڪلوميٽر
- دُٻي 10 ڪلوميٽر
- فريدآباد
- مينگهو فقير شر
- تارڪو وڏو
- ڳوٺ حاجي ڄمون شر ۱ ڪلو ميٽر
تعليم[سنواريو]
ٺري ميرواھ ۾ هڪ سرڪاري بوائز ماڊل ھاءِ اسڪول،[5] گرلز هاءِ اسڪول، آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي انتظام ھيٺ سرڪاري آءِ ٽي سينٽر، سرڪاري ڊگري ڪاليج، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ ٻيا نجي اسڪول آھن.
دُٻي جون ڊنڍون[سنواريو]
دُٻي ڳوٺ تقريبن 10 ڪلوميٽر جي پنڌ تي ٺري شھر کان پري آھي جتي 7 فطرتي موھيندڙ ڍنڍون آھن، جتي سيارو جي مُند ۾ سائبيريا ۽ ٻين اُترئين مُلڪن کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مھمان پکي ايندا آھن، ۽ اونھارو جي مُند ۾ واپس پنھنجي ٿاڪن ڏانھن موٽي ويندا آھن. ڍنڍن جا نالا ھن ريت آھن. [6]
- ٻڪري وارو (معنيٰ ٻڪري جو مالڪ) واري ڍنڍ، ھيءَ ڍنڍ ٻڪري وارو دَڙو ڀرسان آھي.
- کُٿ سم
- وڏي سِمَ
- جمال شاھ ڍنڍ
- تَلِ يا تَلِي ڍنڍ
- ويئرو ڍنڍ
- گنئيرو ڍنڍ
پڻ ڏسندا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Population and household detail from block to district level: Sindh (Khairpur District)" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. صفحو. 40.
- ↑ ٺري ميرواهه : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ Saand, Mumtaz Ali; Mirbahar, Ameer Ahmed; Rajpar, Inyatullah; Saand, Mumtaz Ali; Mirbahar, Ameer Ahmed; Ansari, Khalil Ahmed; Saeed, Rafat; Sirohi, Muzafar Hussain (2019-01-15). "Assessment of Soil Quality of Taluka Thari Mirwah, District Khairpur, Sindh, Pakistan" (en ۾). International Journal of Economic and Environmental Geology: 13–18. ISSN 2223-957X. https://www.econ-environ-geol.org/index.php/ojs/article/view/133.
- ↑ (en-US ۾) Assessment of the Quality of Drinking water of Thari Mirwah Town and Surrounding villages, District Khairpur, Sindh, Pakistan | Pakistan Journal of Analytical & Environmental Chemistry. http://www.pjaec.pk/index.php/pjaec/article/view/160.
- ↑ "Government Boys High School THARI MIRWAH, PO THARI MIRWAH DIST KHAIRPUR, Mirwah". www.schoolinglog.com. حاصل ڪيل 2019-10-15.
- ↑ "Lakes of Dubbi". Discover Pakistan. حاصل ڪيل 2019-10-15.
ٻاھريان ڳنڍڻا[سنواريو]
![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ Category:Thari Mirwah سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
![]() | ھي سنڌ مڪانيت مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- سانچا
- Pages using infobox settlement with the image parameter
- سنڌ جاگرافي اسٽب
- جاگرافيائي اصطلاح اسٽب
- پاڪستان جون گُنجان آباديون
- سنڌ جون گُنجان آباديون
- خيرپور ۾ گُنجان آباديون
- سنڌ جا تعلقا
- خيرپور ضلعو
- ٺري ميرواهه
- شهر