مواد ڏانھن هلو

ملاح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ملاح Mallah
File:Mallah a Sindhi SAMMAT tribe.jpg
ملاح ھڪ سنڌي سماٽ قوم.
نمايان آبادي وارا علائقا
انڊياپاڪستان
ٻوليون

ڀوجپوريميٿليماگهيھنديسنڌيسرائيڪي

مذھبَ

هندومتاسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

ميراڻيسميجاسما

سيالڪوٽ ۾ ملاح ٻيڙي تي مڇي ماريندي
ملاح ٻيڙي تي مڇي ماريندي

ملاح، ميراڻي يا ميربھر سنڌ جي سماٽ قبيلن ۾ شمار ٿئي ٿي. ملاحن جي گھڻي آبادي سانگھڙ، دادو، بدين ۽ ٺٽي ۾ رھي ٿي. ميراڻي يا ملاح ھڪ جنگجو قوم آھي جنھن پنجاب ۾ ميراڻي خاندان 60 کان 80 سال حڪومت ڪئي. ملاح ھميشه سنڌ جا محافظ رھيا آھن ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ پاڪستان سان سچا رھيا آھن.

ھزارين سالن کان ڳالهايون ويندڙ ٻولين جا فارمولا ڏسبا آھن تہ اھي ڪيئن وقت ۽ وٿيءَ، سولائپ ۽ ماحول جي ڪري آواز بدلائينديون رھن ٿيون. جيئن ”ھ“ جو اچار ”س“ ۾ گهڻو ڪري ادل بدل ٿيندو آھي. (ماھ/ ماس، ڪپاھ/ ڪپاس، نڪھير/ نڪسير وغيرہ) ائين وري جيئن ”جھ“ ”ڌ“ ۾ ويندي آھي (ڪيئن سمجهيئي يا سمڌيئي) ر ۽ ل جو ادل بدل (نيرو نيلو) ائين انيڪ اچار آھن، جيڪي اٽا مٽا ٿيندا آھن.

اسان جڏھن اوائلي ٻولين جي تاڃي پيٽي کي جديد دور جي عينڪن ۽ نويل ٻولين جي سڌريل ٻولن سان ڀيٽيندا آھيون، ماھي فارسيءَ ۾ معنا مڇي. سو ھتي ماھيگيري جي تز معنا ٿيندي مڇيءَ جو ڪاروبار يا ڌنڌو. ھا بلڪل اھو ماھي ٻول فارسيءَ جي صورت آھي. پر سوال آھي تہ فارسيءَ وٽ اھو لفظ ماھي ڪيئن ٿيو يا ڪٿان آيو؟ ان آڌار تي ڏسجي ته اھو ٻول ھزارين سالن جي سفر سان ادليو بدليو آھي. ھاڻي مٿي جيڪو فارمولو پاڻ ڏٺوسين، ان آڌار تي ”ماھي“ جا اچار ڏسجو: ماھ، ماس، ماڇ (گوشت لاءِ استعمال ٿيندو آھي). سو اھو ساڳيو ئي ٻول آھي، جيڪو پيو اچارن جي ادل بدل سان گهمي ڦري ۽ ھلي. جيڪڏھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏسجي تہ اھو ڪو ڌاريو ٻول ناھي. اھو اوھان تي آھي تہ ان کي ڪيئن ٿا سڏيو، ماھيگيري، ماسيگيري يا ماڇيگيري يا مڇيگيري! ھاڻي ھرپاسي ماھيگيري مروج ٿي ويو آھي، سو ڪو عيب ناھي. تہ ان کي ماھيگيري ئي سڏيو وڃي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]