ويسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ويسر جو باغ, چٽيو افريم موزز ليلين.

عمر جي ھڪ خاص حصو گذرڻ کان پوءِ انسان جي يادگيري ۾ منفي تبديليون اچڻ شروع ٿينديون آهن جنھن کي پوڙهائپ جو ڪارڻ تصور ڪيو ويندو آھي پر ضروري ناھي تہ ان جو ڪارڻ صرف پوڙهائپ ھجي. اھا ھڪ بيماري بہ آھي جنھن جو ڪنھن خاص عمر سان واسطو نہ ھوندو آھي.ان بيماري کي ويسر چئبو آهي. ويسر ۾ پراڻيون ڳالهيون ۽ واقعا تہ ياد ھوندا آھن پر چند گھڙيون اڳ يا چند ڪلاڪ اڳ جا واقعا وسري ويندا آهن.[1]انساني ذھن ۾ ياداشت جي ڪم جا ٽي مرحلا آھن: ڪنھن بہ ڄاڻ ،اطلاع، حقيقت، واقعي، مشاھدي ، منظر وغيره جي ياداشت م داخل ٿيڻ (encoding); ياداشت جو مرڪز (storage); ۽ ياداشت جي بحالي (retrieving).انھن ٽنھي مرحلن ۾ ياداشت جي بحالي ۾ رڪاوٽ جو نالو ويسر آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. روزاني سوڀ؛ ويسر ڇا آهي؛ صہ 10 تاريخ 8 جون2018