قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مراڪش ۾ سج لهڻ وقت هڪ مسلمانن جو قبرستان

قبرستان (انگريزي: Cemetery ) يا (انگريزي: Graveyard ) هڪ اهڙي جڳهه کي چئبو آهي جيڪا فوتين جي قبرن جي لاء مخصوص ٿيل هوندي آهي. زمين جو ٽڪرو يا پلاٽ جيڪو مئلن کي دفنائڻ لاء مخصوص ڪيو ويو ھجي ان کي قبرستان چوندا آھن[1]. اھو اڪثر رھائشي ۽ واپاري علائقن کان علحده ھوندو آھي جنھن ۾ مقبرا، مذھبي جايون، قبرن جا ڪتبه ھوندا آھن. ڪتبن ۾ مرڻ واري جا تفصيل لکيل ھوندا آھن تہ جيئن ان جي قبر سڃاڻجي سگھي[1]. ابراھيمي مذھبن ۾ آخرت واري نظريي جي ڪري ان کي ھڪ پاڪ يا حرمت واري جاء پڻ سمجھيو ويندو آھي ۽ انھن مذھبن ۾ قبرستان کي قيامت تائين دفن ٿيلن جي آخري آرامگاهه سمجھيو ويندو آھي[1]. ٻھراڙين ۾ قبرستان زرعي زمين ۾ يا ڳوٺ لڳ ڪنھن مٿاھين زميني ھنڌ تي ھوندا آھن پر شھرن ۾ شھري حد کان ٻاھر ٺاھيا ويندا آهن[1]. ماضي ۾ اسلامي شھرن ۾ قبرستان شھرن جي دروازن جي ٻاھران اھڙين جاين تي ٺاھيا ويندا هئا. جتي جنازو کني اچڻ ۾ اساني ٿئي ۽ عزيز ۽ قريب قبرن تائين آساني سان اچي سگھن[1]. مسلمان ملڪن ۾ عيسائين ۽ يھودين جا قبرستان الڳ ھوندا آھن[1]. اسلام ۾ ڪجهه مذھبي عقيدن وارا عورتن جي قبرستان م اچڻ کان منع ڪندا آهن[1]. قاھرہ جي سڀ کان وڏي قبرستان جو نالو مردن جو شھر يا القرافه آھي[1]. قبرستان لاءِ ماڻھن ۾ اھو وھم پڻ ھوندو آھي تہ ان ۾ جن ۽ ڀوت ڀٽڪندا آھن[1].

دنيا جا مشھور قبرستان[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 132,133,